Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لوقا 14 - Hindu Sindhi Bible


سوڄ واري بيمار کي چڱو ڀلو ڪرڻ

1 هڪ دفعي يسوع سبت جي ڏينهن تي فريسين جي اڳواڻن مان هڪڙي جي گھر رسوئي کائڻ ويو تہ هر ڪو کيس تاڙڻ لڳو.

2 ان گھڙيءَ سندس اڳيان هڪڙو ماڻهو بيٺو هو، جنهن جون ٽنگون ۽ ٻانهون سڄيل هيون.

3 يسوع نيم شاسترين ۽ فريسين کان پڇيو تہ ”سبت جي ڏينهن ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ جائز آهي يا نہ؟“

4 پر اهي ماٺ رهيا. تڏهن يسوع ان ماڻهوءَ کي هٿ لائي چڱو ڀلو ڪري روانو ڪيو.

5 پوءِ هنن کي چيائين تہ ”جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن جو پٽ يا ڏاند سبت جي ڏينهن کوهہ ۾ ڪري پوي تہ ڇا اوهين کيس جلدي ٻاهر ڪڍندءُ يا نہ؟“

6 پر اهي ڪو جواب ڏيئي نہ سگھيا.


نِوڙت ۽ مهمان‌نوازي

7 پوءِ جڏهن يسوع هي ڏٺو تہ مهمان مٿاهيون جايون پسند ٿا ڪن، تڏهن انهن کي هڪڙو مثال ڏيندي چيائين تہ

8 ”جڏهن ڪو اوهان کي شاديءَ جي دعوت ڏئي تہ مٿاهينءَ جاءِ تي نہ ويهو، ٿي سگھي ٿو تہ هن اوهان کان بہ وڌيڪ مانواري کي دعوت ڏني هجي.

9 پوءِ جنهن اوهان ٻنهي کي شاديءَ جي دعوت ڏني هجي، اهو اوهان وٽ اچي چوي تہ ’اوهين هن ماڻهوءَ کي جاءِ ڏيو،‘ تہ اوهان کي ڪيترو نہ شرمساريءَ سان سڀ کان هيٺاهينءَ جاءِ تي ويهڻو پوندو.

10 پر جڏهن بہ اوهان کي اهڙي دعوت ملي تہ سڀ کان هيٺاهينءَ جاءِ تي وڃي ويهو، تہ جيئن ميزبان جنهن اوهان کي دعوت ڏني آهي اهو اچي پاڻ چئيوَ تہ ’ادا، مٿي اچي ويهو،‘ تہ انهن جي اڳيان اوهان جو ڪيڏو نہ مان ٿيندو، جن سان گڏ اوهين ويٺا هئا.

11 ڏسو، جيڪو پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي، سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“

12 پوءِ جنهن ماڻهوءَ يسوع کي دعوت ڏني هئي، تنهن کي يسوع چيو تہ ”جڏهن بہ رسوئي کائڻ جو سڏ ڏئين تہ پنهنجي دوستن يا ڀائرن، مٽن مائٽن يا شاهوڪار پاڙيسرين کي دعوت نہ ڏج، ڇاڪاڻ تہ متان بدلي ۾ اهي بہ تو کي دعوت ڏيئي تنهنجو ٿورو لاهين.

13 پر جڏهن بہ تون رسوئيءَ جي دعوت ڪرين تہ غريبن، جڏن، منڊن ٽُنڊن ۽ انڌن کي سڏ ڏج،

14 تہ تون سڀاڳو ٿيندين، ڇاڪاڻ تہ انهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي جنهن سان تو کي دعوت ڏيئي تنهنجو ٿورو لاهين. پر تو کي قيامت ۾ ان نيڪيءَ جو لاڀ ضرور ملندو.“


وڏي دعوت جو مثال
( متي 22‏:1‏-10 )

15 تڏهن مهمانن مان هڪڙي اهي ڳالهيون ٻڌي يسوع کي چيو تہ ”سڀاڳو آهي اُهو، جيڪو ايشور جي راڄ ۾ کائيندو پيئندو.“

16 يسوع هن کي مثال ڏيندي چيو تہ ”ڪنهن شخص رسوئي کائڻ جي هڪ وڏي دعوت ڪئي، جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي سڏ ڏنائين.

17 جڏهن رسوئيءَ تيار ٿي ويئي تڏهن نوڪر کي موڪليائين تہ مهمانن کي چئُہ تہ اچن، جو هاڻي هر شيءِ تيار آهي.

18 پر اهي سڀ هڪٻئي پٺيان بهانا ڪرڻ لڳا. پهرئين چيس تہ ’مون ٻني ورتي آهي ۽ مون کي اها ضرور ڏسڻي آهي. سو مهرباني ڪري منهنجي طرفان معافي گھرجانءِ.‘

19 ٻئي چيس تہ ’مون ڏاندن جا پنج جوڙا ورتا آهن ۽ انهن کي آزمائڻ ٿو وڃان. مهرباني ڪري منهنجي طرفان معافي گھرجانءِ.‘

20 ٽئين چيس تہ ’مون نئين شادي ڪئي آهي، تنهنڪري آءٌ ڪونہ اچي سگھندس.‘

21 نوڪر موٽي اچي اهي سڀيئي ڳالهيون پنهنجي مالڪ کي ٻڌايون. پوءِ تہ گھر جو مالڪ اچي ڪاوڙيو، سو نوڪر کي چيائين تہ ’جلدي وڃ، شهر جي چونڪن ۽ بازارن مان غريبن، جڏن، انڌن ۽ منڊن ٽُنڊن کي وٺي اچ.‘

22 نوڪر ويو ۽ موٽي اچي ٻڌايائين تہ ’سائين! جيئن اوهان حڪم ڏنو تيئن ئي ڪيو اٿم، پر اڃا بہ جاءِ باقي آهي.‘

23 تنهن تي گھر جي مالڪ نوڪر کي چيو تہ ’رستن ۽ پسگردائيءَ ۾ وڃ ۽ ماڻهن کي مجبور ڪري وٺي اچ تہ جيئن منهنجو گھر ڀرجي وڃي،

24 ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي چوان ٿو تہ جن کي پهريائين سڏ ڏنو ويو هو، تن مان ڪوبہ شخص منهنجي رسوئي ڪين چکندو.‘“


چيلو بڻجڻ لاءِ شرط
( متي 10‏:37‏-38 )

25 هڪڙي دفعي ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ يسوع سان گڏ پئي هليو. هن ڦري ماڻهن کي چيو تہ

26 ”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان اچڻ چاهي تہ اهو جيستائين پنهنجي ماتا، پتا، پتنيءَ، ٻارن ۽ ڀائرن ڀينرن بلڪ خود پاڻ کان بہ وڌيڪ مون سان پيار نہ ڪندو تيستائين هو منهنجو چيلو ٿي نہ سگھندو.

27 جيڪو پنهنجي سولي کڻي منهنجي پٺيان نہ ٿو هلي سو منهنجو چيلو ٿي نہ ٿو سگھي.

28 فرض ڪريو، جيڪڏهن اوهان مان ڪو منارو ٺهرائڻ چاهي ٿو تہ اهو پهريائين ويهي ان جي خرچ جو اندازو نہ ٿو لڳائي ڇا، تہ وٽس ان کي جوڙي راس ڪرائڻ جيترو پئسو آهي يا نہ؟

29 متان ائين نہ ٿئي جو ان جي پيڙهہ تہ رکرائي پر پورو نہ ڪرائي سگھي، تڏهن ڏسندڙ مٿس ٺٺوليون ڪن ۽ چون تہ

30 ’هن ماڻهوءَ اڏاوت تہ شروع ڪئي پر پوري نہ ڪري سگھيو.‘

31 يا اهو ڪهڙو راجا آهي جو جيڪڏهن ٻئي ڪنهن راجا سان جنگ جوٽڻ وڃي ۽ پهريائين ويهي ويچار نہ ڪري تہ ’ڇا منهنجو هي ڏهن هزارن جو لشڪر، انهن ويهہ هزار چڙهائي ڪندڙن جو مقابلو ڪري سگھندو يا نہ؟‘

32 ٻيءَ صورت ۾ ڪاهہ ڪندڙ اڃا پري ئي هوندو تہ هن ڏانهن ايلچي موڪلي صلح جا شرط پڇندس.

33 سو اهڙيءَ طرح اوهان مان جنهن وٽ جيڪي ڪجھہ آهي، جيستائين اهو سڀ ڇڏي نہ ٿو ڏئي تيستائين منهنجو چيلو ٿي نہ ٿو سگھي.“


بي‌سوادو لوڻ
( متي 5‏:13 ، مرقس 9‏:50 )

34 ”لوڻ تہ چڱو آهي، پر جيڪڏهن خود لوڻ مان لوڻياٺ ئي نڪري وڃي تہ ان کي ڇا سان لوڻياٺو ڪجي؟

35 پوءِ بي‌سوادو لوڻ کڻي ٻاهر اڇلايو ويندو، ڇاڪاڻ تہ لوڻ نہ زمين جي ڪم ايندو آهي، نہ ئي ڀاڻ ۾ ملائبو آهي.“ يسوع وڌيڪ چيو تہ ”جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي.“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan