Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لوقا 11 - Hindu Sindhi Bible


پرارٿنا بابت سکيا
( متي 6‏:9‏-13 ، 7‏:7‏-11 )

1 هڪڙي دفعي ڪنهن هنڌ يسوع پرارٿنا پئي ڪئي. جڏهن هو پرارٿنا ڪري چڪو تڏهن سندس چيلن مان هڪڙي چيس تہ ”اي گرو! جهڙيءَ طرح يوحنا پنهنجي چيلن کي پرارٿنا سيکاري هئي، تهڙيءَ طرح اسان کي بہ پرارٿنا سيکاريو.“

2 يسوع چيلن کي چيو تہ ”جڏهن اوهين پرارٿنا ڪريو تہ هيئن چئجو تہ ’اي پتا! شل تنهنجو نالو پوِتر مڃيو وڃي، ۽ تنهنجو راڄ اچي.

3 اسان جي روزانو جي روٽي اسان کي هر روز ڏي.

4 اسان جا ڏوهہ اسان کي معاف ڪر، ڇاڪاڻ تہ جيڪي اسان جا ڏوهاري آهن تن کي اسين بہ معاف ٿا ڪريون. ان کان علاوہ اسان کي آزمائش ۾ پوڻ نہ ڏي.‘“

5 پوءِ چيلن کي چيائين تہ ”فرض ڪريو تہ اوهان منجھان ڪنهن کي ڪو دوست هجي ۽ اڌ رات جو انهيءَ وٽ وڃي کيس چوي تہ ’اي دوست! مون کي ٽي روٽيون اڌاريون ڏي،

6 ڇاڪاڻ تہ منهنجو هڪڙو دوست مسافريءَ تان مون وٽ آيو آهي ۽ مون وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي جو کڻي هن جي اڳيان رکان.‘

7 تڏهن اوهان جو دوست اوهان کي اندران ورندي ڏئي تہ ’مون کي تڪليف نہ ڏي. هن مهل در بند آهي ۽ آءٌ پنهنجي ٻارن سان گڏ ستل آهيان، تنهنڪري آءٌ اُٿي تو کي ڪجھہ بہ ڏيئي نہ ٿو سگھان.‘

8 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هو اوهان جي دوستيءَ جي ڪري نہ بہ اُٿي، پر اوهان جي بار بار گھرندو رهڻ جي ڪري هو اٿندو ۽ جيتريون روٽيون اوهان کي گھرج ۾ هونديون اوتريون ڏيندو.

9 انهيءَ ڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ گھرو تہ مليوَ، ڳوليو تہ لڀيوَ، در کڙڪايو تہ کُليوَ،

10 ڇاڪاڻ تہ جيڪو گھرندو آهي تنهن کي ملندو آهي، جيڪو ڳوليندو آهي تنهن کي لڀندو آهي ۽ جيڪو در کڙڪائيندو آهي تنهن لاءِ کلندو آهي.

11 ڇا اوهان ۾ ڪو اهڙو پتا آهي جنهن کان سندس ٻار اچي مڇي گھري تہ مڇيءَ بدران نانگ ڏئيس؟

12 يا سندس ٻار بيضو گھريس تہ هو وِڇون ڏئيس؟

13 جيڪڏهن اوهين باوجود بڇڙا هئڻ جي، پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ آڪاش وارو پتا اوهان گھرڻ وارن کي پوِتر آتما ڪونہ ڏيندو ڇا؟“


يسوع مسيح ۽ بعل‌زبول
( متي 12‏:22‏-30 ، مرقس 3‏:20‏-27 )

14 هڪڙي دفعي يسوع اهڙي ماڻهوءَ مان ڀوت ڪڍي رهيو هو جيڪو ڳالهائي نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ منجھس گونگو ڪرڻ وارو ڀوت هو. جڏهن منجھانئس ڀوت نڪتو تہ ان ماڻهوءَ ڳالهائڻ شروع ڪيو. اهو ڏسي ماڻهو حيران ٿي ويا.

15 تڏهن انهن مان ڪن چيو تہ ”يسوع ڀوتن جي سردار بعل‌زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍي،“

16 جڏهن تہ ٻين وري آزمائڻ لاءِ چيس تہ ”ثابتيءَ لاءِ اسان کي ڪا آڪاشي نشاني ڏيکار.“

17 پر يسوع انهن جي نيتن کي ڄاڻيندي چيو تہ ”جنهن راڄ ۾ ڏڦيڙ ٿو پوي سو برباد ٿيو وڃي ۽ جنهن گھر ۾ ڦيٽهڙو ٿو پوي سو گھر تباهہ ٿيو وڃي.

18 سو جيڪڏهن شيطان جي راڄ ۾ ڏڦيڙ پوي تہ اهو ڪيئن جٽاءُ ڪندو؟ اوهين چئو ٿا تہ آءٌ بعل‌زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان.

19 جيڪڏهن آءٌ بعل‌زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان، تہ پوءِ اوهان جا ماڻهو ڪنهن جي مدد سان ٿا ڪڍن؟ پوءِ تہ اهي ئي اوهان کي ڪوڙو ثابت ڪندا.

20 پر جيڪڏهن آءٌ ايشور جي شڪتيءَ سان ڀوت ٿو ڪڍان تہ پوءِ ڄاڻي ڇڏيو تہ ايشور جو راڄ اوهان وٽ اچي پهتو آهي.

21 جڏهن ڪو طاقت وارو ماڻهو پنهنجا هٿيار پنهوار ٻڌي پنهنجي گھر جو پهرو ٿو ڏئي تہ سندس سڀ مال‌متاع سلامت ٿو رهي.

22 پر جڏهن ان کان بہ وڌيڪ طاقتور ماڻهو حملو ڪري مٿس حاوي ٿو پوي، تڏهن کانئس هٿيار پنهوار کسي ٿو وٺي، جن تي هن کي ڀروسو هو ۽ پوءِ سندس مال ڦُري ورهائي ٿو ڇڏي.

23 جيڪو مون سان نہ آهي، سو منهنجي خلاف آهي ۽ جيڪو مون سان شامل ٿي ڪٺو نہ ٿو ڪري، سو حقيقت ۾ ٽيڙي پکيڙي ٿو ڇڏي.“


ڀوتن جو موٽڻ
( متي 12‏:43‏-45 )

24 يسوع وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن ڪو ڀوت ڪنهن ماڻهوءَ مان نڪري ٿو وڃي تہ اهو ويران هنڌن ۾ اهڙي جاءِ لهڻ لاءِ رُلي ٿو جتي هو آرام ڪري سگھي. جڏهن آرام نہ ٿو مليس تڏهن چوي ٿو تہ ’آءٌ پنهنجي انهيءَ گھر ۾ موٽي ويندس جتان نڪتو هئس.‘

25 سو جڏهن هو موٽي اچي ٿو ۽ گھر کي صاف ۽ سينگاريل ٿو ڏسي،

26 تڏهن هو وڃي ست ٻيا پاڻ کان بہ وڌيڪ بڇڙا ڀوت وٺي اچي ٿو ۽ اهي ان ماڻهوءَ ۾ داخل ٿي منجھس رهن ٿا ۽ پوءِ سندس حالت اڳي کان بہ وڌيڪ خراب ٿي پوي ٿي.“


سڀاڳا ڪير؟

27 يسوع اهي ڳالهيون پئي ڪيون تہ ميڙ مان هڪڙي ناريءَ وڏي واڪي چيس تہ ”ڪيڏو نہ سڀاڳو آهي اهو پيٽ جنهن ۾ اوهين رهيا ۽ اها ڇاتي جيڪا اوهان ڌاتي.“

28 تنهن تي يسوع چيو تہ ”انهيءَ جي باوجود وڌيڪ سڀاڳا اُهي آهن، جيڪي ايشور جون ڳالهيون ٻڌن ٿا ۽ انهن تي عمل ٿا ڪن.“


نشانيءَ جي گھُر کي رد ڪرڻ
( متي 12‏:38‏-42 )

29 جيئن پوءِ تيئن يسوع جي چوگرد ماڻهن جو ميڙ وڌندو پئي ويو تڏهن هن وڌيڪ چيو تہ ”هن زماني جا ماڻهو ڪيڏا نہ بڇڙا آهن جو اهي مون کان ايشور طرفان نشانيءَ جي گھُر ٿا ڪن. پر انهن کي سنديش ڏيندڙ سنت يوناہ جي نشانيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي.

30 جيئن نينواہ شهر جي ماڻهن لاءِ يوناہ هڪڙو نشان بڻيو، تيئن هن زماني جي ماڻهن لاءِ منش‌پتر بہ هڪ نشان بڻبو.

31 قيامت جي ڏينهن ڏکڻ جي راڻي اُٿي بيهندي ۽ هن زماني جي ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيندي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ راجا سليمان جي ڏاهپ ٻڌڻ لاءِ وڏي پنڌ تان آئي هئي. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو آهي جيڪو سليمان کان بہ مهان آهي.

32 نينواہ جا ماڻهو قيامت جي ڏينهن اُٿي بيهندا ۽ هن زماني جي ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ انهن پاڻ يوناہ جي پرچار تي ئي پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪئي هئي. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو آهي جيڪو يوناہ کان بہ مهان آهي.“


ايشور جي ڳالهين جي روشني اندر ۾ رکڻ
( متي 5‏:15 ، 6‏:22‏-23 )

33 ”ڪوبہ ماڻهو ڏيئو ٻاري ان کي لڪائي يا ڍڪڻ هيٺان نہ ٿو رکي پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي، تہ جيئن اندر ايندڙن کي روشني ملي.

34 اوهان جون اکيون اوهان جي شرير لاءِ ڏيئي مثل آهن، سو جيڪڏهن اوهان جي نظر صحيح پاسي ڏانهن آهي تہ اوهان جو سڄو شرير روشن هوندو. پر جيڪڏهن اوهان جي نظر غلط پاسي ڏانهن آهي تہ اوهان جو سڄو شرير اونداهيءَ ۾ غرق هوندو.

35 تنهنڪري خيال رکو تہ اوهان جي اندر ۾ اونداهي نہ هجي بلڪ ايشور جي ڳالهين جي روشني هجي.

36 جيڪڏهن اوهان جي اندر ۾ پوري پوري روشني هوندي ۽ ڪنهن بہ ڪنڊڪڙڇ ۾ اونداهي نہ هوندي تہ انهيءَ جو مثال ڏيئي جي ان روشنيءَ وانگر هوندو جيڪا اوهان کي روشن ٿي ڪري.“


فريسين ۽ نيم شاسترين تي ڦٽڪار ڪرڻ
( متي 23‏:1‏-36 ، مرقس 12‏:38‏-40 )

37 يسوع جڏهن ڳالهائي بس ڪئي تہ هڪڙي فريسيءَ اچي پاڻ سان رسوئي کائڻ جي دعوت ڏنس. سو هو اندر ويو ۽ ويهي رسوئي کائڻ لڳو.

38 فريسي هي ڏسي حيران ٿي ويو تہ کائڻ کان اڳ ۾ يسوع سندن رسم موجب هٿ ڇو ڪين ڌوتا.

39 تڏهن پرڀوءَ چيس تہ ”اوهين فريسي وٽيءَ ۽ ٿالهيءَ جو ٻاهريون پاسو تہ ڌوئي صاف ڪريو ٿا، پر اوهان جو اندر لوڀ ۽ بڇڙائيءَ سان ڀريو پيو آهي.

40 اي مورکؤ! جنهن رچنا ڪندڙ اوهان جو ٻاهر ٺاهيو آهي، ڇا تنهن ئي اوهان جو اندر نہ ٺاهيو آهي؟

41 پر هائو، جيڪو ڪجھہ اوهان جي وٽين ۽ ٿالهين ۾ آهي سو غريبن ۾ دان ڪندا تہ اوهان لاءِ سڀ ڪجھہ پوِتر ٿي پوندو.

42 ڪيڏي نہ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي فريسيؤ! جو اوهين ايشور جي راهہ ۾ ڦودني، سوئن ۽ هر ڪنهن ڀاڄيءَ جي فصل جو ڏهون حصو تہ ڏيو ٿا، پر انصاف ڪرڻ ۽ ايشور سان پيار ڪرڻ ڇڏي ڏنو اٿوَ. واجب تہ ائين ئي هو جو هي بہ ڪريو ها ۽ انهن کي بہ نہ ڇڏيو ها.

43 اي فريسيؤ! مصيبت آهي اوهان لاءِ، جو اوهين ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ اعليٰ درجي جي جاين تي ويهڻ ۽ بازارن ۾ ماڻهن جا نمسڪار پسند ڪريو ٿا.

44 مصيبت آهي اوهان لاءِ، ڇاڪاڻ تہ اوهين انهن بي‌نشان قبرن جي مثل آهيو، جيڪي گندگيءَ سان ڀريل آهن ۽ ماڻهو مٿائن بي‌سڌ لنگھين ٿا.“

45 تڏهن هڪڙي نيم شاستريءَ چيس تہ ”اي گرو! هي جيڪي اوهين چئو ٿا تنهن ۾ اسان جو بہ اپمان ٿا ڪريو.“

46 تنهن تي يسوع کين چيو تہ ”مصيبت آهي اوهان لاءِ بہ، اي نيم شاستريؤ! جو اوهين ماڻهن تي ڳرا بار تہ رکو ٿا، پر انهن بارن کي کڻڻ ۾ پاڻ ماڻهن جي ڪابہ مدد ڪونہ ٿا ڪريو.

47 مصيبت آهي اوهان لاءِ، جو اوهين سنديش ڏيندڙ سنتن جا قبا ٿا ٺاهيو، جن کي اوهان جي ابن ڏاڏن مارائي ڇڏيو هو.

48 انهن قبن ٺاهڻ سان اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جي پاپن جي حمايت ڪندي ڄڻ شاهدي ٿا ڏيو تہ جيڪي قتل انهن ڪيا سي اوهان کي قبول آهن.

49 اوهان جي انهن ڪمن جي ڪري ئي ايشور پنهنجي سياڻپ سان بيان فرمايو تہ ’آءٌ پنهنجي سنديش ڏيندڙ سنتن کي اوهان وٽ موڪليندس، جن مان اوهين ڪن کي ستائيندا ۽ ڪن کي تہ ماري ڇڏيندا.‘

50 سو سنسار جي شروعات کان وٺي ايشور جو سنديش ڏيندڙ جن سنتن جو رت وهايو ويو آهي، تن جو حساب هن زماني جي پيڙهيءَ کان ورتو ويندو.

51 مطلب تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هابل جي خون کان وٺي زڪرياہ جي خون تائين، جنهن کي هيڪل جي اڱڻ ۾ ٻليدان واري جاءِ ۽ پوِتر جاءِ جي وچ ۾ ماريو ويو هو، تن سڀني جي خون جو حساب هن زماني جي پيڙهيءَ کان ورتو ويندو.

52 مصيبت آهي اوهان لاءِ اي نيم شاستريؤ! جو اوهين پاڻ تہ ايشور جي ڳالهين جي سمجھہ نہ ٿا رکو، بلڪ جيڪي انهن کي سمجھڻ چاهين ٿا تن کي بہ اوهين روڪيو ٿا.“

53 پوءِ يسوع اتان هليو ويو. تڏهن کان وٺي نيم شاستري ۽ فريسي سندس سخت مخالف ٿي پيا ۽ کيس ڦاسائڻ لاءِ کانئس طرح طرح جا سوال پڇڻ لڳا،

54 انهيءَ لاءِ جو هنن وجھہ پئي ڳوليو تہ هو سندس چيل ڪا ڳالهہ پڪڙي وٺن.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan