Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لوقا 10 - Hindu Sindhi Bible


ستر چيلن کي موڪلڻ

1 انهيءَ کان پوءِ پرڀوءَ ستر چيلا ٻيا بہ مقرر ڪيا ۽ کين ٻن ٻن جي ٽوليءَ ۾ هر انهيءَ شهر ۽ ڳوٺ ڏانهن پاڻ کان اڳ ۾ روانو ڪيو جتي کيس وڃڻو هو.

2 هن کين هدايت ڪئي هئي تہ ”فصل تہ تمام گھڻو آهي، پر لڻندڙ ٿورا آهن. تنهنڪري فصل جي مالڪ کي وينتي ڪريو تہ پنهنجي فصل جي لاباري لاءِ ماڻهو موڪلي.

3 وڃو، آءٌ اوهان ڄڻ تہ گھيٽڙن کي بگھڙن منجھہ ٿو موڪليان.

4 اوهين پاڻ سان ڪابہ ڳوٿري، ٿيلهو يا وڌيڪ جتي نہ کڻجو ۽ نہ واٽ تي ڪنهن کي نمسڪار ڪرڻ ۾ ئي وقت وڃائجو.

5 جنهن بہ گھر ۾ وڃو تہ پهريائين انهيءَ گھر جو سک وَ شانتي گھرجو.

6 جيڪڏهن اتي ڪو شانتي چاهيندڙ هوندو تہ اوهان جو اهو نمسڪار مٿس رهندو، نہ تہ موٽي اوهان وٽ ايندو.

7 پوءِ انهيءَ ئي گھر ۾ ايستائين رهي پئجو جيستائين انهيءَ شهر مان روانا نہ ٿيو. رهڻ لاءِ گھر گھر نہ ڦرندا رهجو. هو جيڪي ڪجھہ اوهان کي ڏين سو کائجو ۽ پيئجو، ڇو تہ مزدور پنهنجي مزدوريءَ جو حقدار آهي.

8 سو جنهن جنهن شهر ۾ وڃو اتي ائين ئي ڪجو، يعني جيڪڏهن اتان جا ماڻهو اوهان کي قبول ڪن تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ اوهان کي آڻي ڏين سو کائجو.

9 انهيءَ شهر ۾ جيڪي بيمار هجن تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪجو ۽ اتان جي ماڻهن کي چئجو تہ ’ايشور جو راڄ اوهان جي ويجھو اچي پهتو آهي.‘

10 پر جيڪڏهن ڪنهن شهر ۾ وڃو ۽ اتان جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، تہ ان جي چونڪن تي بيهي هيئن چئجو تہ

11 ’اوهان جي شهر جي مٽي جيڪا اسان جي پيرن کي چنبڙي پئي آهي، سا اوهان وٽ ئي ڇنڊي وڃون ٿا، پر ياد رکو تہ ايشور جو راڄ اوهان جي ويجھو اچي پهتو آهي.‘

12 آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ قيامت جي ڏينهن انهيءَ شهر جا ماڻهو سدوم شهر وارن کان بہ وڌيڪ ڀوڳيندا.“


بي‌وشواس ماڻهن تي مصيبت
( متي 11‏:20‏-24 )

13 تڏهن يسوع بي‌وشواس شهرن ڏانهن اشارو ڪندي چيو تہ ”مصيبت آهي اوهان لاءِ اي خرازين شهر جا رهاڪؤ! ۽ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي بيت‌صيدا شهر جا رهاڪؤ! ڇاڪاڻ تہ جيڪي چمتڪار اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا جي شهرن ۾ ڪيا وڃن ها تہ ڪڏهن جو اتان جا ماڻهو کٿو ڍڪي ۽ مٿي ۾ خاڪ وجھي ويهي پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪن ها.

14 سو قيامت جي ڏينهن تي اوهين صور ۽ صيدا وارن کان بہ وڌيڪ ڀوڳيندا.

15 اي ڪفرناحوم شهر جا رهاڪؤ! ڇا اوهين ڀانئيو ٿا تہ اوهين آڪاش کان مٿي تائين بلند ڪيا ويندا؟ نہ، هرگز نہ. اٽلندو اوهين هيٺ پاتال ۾ ڦٽا ڪيا ويندا.“

16 پوءِ يسوع چيلن کي وڌيڪ چيو تہ ”جيڪو اوهان جي ٻڌي ٿو، سو منهنجي ٻڌي ٿو. جيڪو اوهان کي نہ ٿو مڃي، سو مون کي نہ ٿو مڃي ۽ جيڪو مون کي نہ ٿو مڃي، سو ايشور کي نہ ٿو مڃي جنهن مون کي موڪليو آهي.“


ستر چيلن جو موٽي اچڻ

17 پوءِ اهي ستر چيلا ڏاڍا خوش ٿي موٽيا ۽ اچي يسوع کي چيائون تہ ”اي پرڀو! اوهان جي نالي تي ڀوت بہ اسان جي وس هيٺ ٿيا آهن.“

18 يسوع انهن کي چيو تہ ”بيشڪ، مون شيطان کي شڪست کائي ائين ڪرندي ڏٺو آهي جيئن آڪاش مان کِنوڻ اچيو ڪري.

19 ڏسو، مون اوهان کي اختياري ڏيئي ڇڏي آهي تہ نانگن ۽ وِڇن کي لتاڙي ڇڏيو ۽ دشمن جي سموري زور تي حاوي ٿي وڃو، ڪابہ شيءِ اوهان کي ايذاءُ نہ رسائيندي.

20 تنهن هوندي بہ انهيءَ ڪري خوش نہ ٿيو تہ ڀوت اوهان جي وس هيٺ ٿيا آهن، بلڪ هن ڪري خوش ٿيو جو اوهان جا نالا ايشور وٽ اُڪريل آهن.“


ايشور جا ٿورا مڃڻ
( متي 11‏:25‏-27 ، 13‏:16‏-17 )

21 انهيءَ وقت يسوع پوِتر آتما جي وسيلي خوشيءَ سان ڀرجي ويو ۽ هن چيو تہ ”اي پتا، اي ڌرتيءَ ۽ آڪاش جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي. هائو، اي پتا! اهو سڀ تنهنجي مرضي ۽ خوشيءَ سان ئي ٿيو آهي.“

22 شڪر ڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ ”منهنجي پتا مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آهن. پتا کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پٽ ڪير آهي ۽ پٽ کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پتا ڪير آهي، يا رڳو اهو جنهن تي پٽ کيس ظاهر ڪرڻ چاهي.“

23 پوءِ يسوع چيلن ڏانهن ڦري انهن کي اڪيلائيءَ ۾ چيو تہ ”سڀاڳا آهيو اوهين جو هي سڀ ڪجھہ ڏسو ٿا پيا.

24 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ ڪيترن ئي سنتن ۽ راجائن جي اها خواهش هئي تہ جيڪي اوهين ٿا ڏسو سو هو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوهين ٿا ٻڌو، سو اهي بہ ٻڌن پر نہ ٻڌائون.“


نيڪ سامريءَ جو مثال

25 تنهن کان پوءِ هڪڙو نيم شاستري اُٿي بيٺو ۽ يسوع کي آزمائڻ لاءِ چيائين تہ ”اي گرو! آءٌ ڇا ڪريان جو امر جيون حاصل ڪري سگھان؟“

26 تنهن تي يسوع چيس تہ ”نيم شاستر ۾ ڇا لکيل آهي؟ تون اهو پڙهي ڇا ٿو سمجھين؟“

27 هن يسوع کي وراڻيو تہ ”اهو لکيل آهي تہ ’تون پرميشور پنهنجي ايشور کي پنهنجي پوريءَ دل، پنهنجي پوريءَ جان، پنهنجي پوريءَ طاقت ۽ پنهنجي پوريءَ سمجھہ سان پيار ڪر‘ ۽ ’پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.‘“

28 تنهن تي يسوع چيس تہ ”برابر، تو صحيح جواب ڏنو آهي. هاڻي وڃي ائين ئي ڪر تہ امر جيون ملندءِ.“

29 پر هن پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ يسوع کان پڇيو تہ ”منهنجو پاڙيسري ڪير آهي؟“

30 يسوع وراڻيو تہ ”هڪڙو ماڻهو يروشلم کان يريحو شهر ڏانهن پئي ويو تہ ڌاڙيلن ۾ وڃي ڦاٿو، جن ڪپڙا بہ لاهي ورتس ۽ سخت مار ڏيئي اڌ مئو ڪري ڇڏي ويس.

31 اتفاق سان هڪڙو ڪاهن انهيءَ رستي کان پئي لنگھيو، تنهن جڏهن هن کي ڏٺو تہ پاسو ڪري هليو ويو.

32 ساڳيءَ طرح هڪڙو لاوي بہ انهيءَ رستي سان آيو، سو بہ هن کي ڏسي پاسو ڪري هليو ويو.

33 پوءِ هڪڙو سامري سفر ڪندي اچي اتان لانگھائو ٿيو. ان جڏهن هن کي ڏٺو تڏهن کيس هن تي ديا آئي.

34 هن وٽس اچي سندس ڦٽن تي زيتون جو تيل ۽ دارون مکي پٽي ٻڌس ۽ پنهنجي گڏهہ تي چاڙهي مسافرخاني ۾ وٺي آيس ۽ سندس سيوا ڪيائين.

35 ٻئي ڏينهن تي چانديءَ جا ٻہ سڪا ڪڍي مسافرخاني واري کي ڏنائين ۽ چيائينس تہ ’هن جي سيوا ڪندو رهہ ۽ جيڪي وڌيڪ خرچ ٿئي سو آءٌ وري موٽي اچي ڏيندوسانءِ.‘“

36 پوءِ يسوع نيم شاستريءَ کان پڇيو تہ ”هاڻي ڇا ٿو ڀانئين تہ اهو شخص جيڪو ڌاڙيلن ۾ وڃي ڦاٿو، تنهن جو هنن ٽنهي ڄڻن مان ڪير حقيقي پاڙيسري ٿيو؟“

37 تنهن تي نيم شاستريءَ وراڻيس تہ ”اهو جنهن کي مٿس ديا آئي.“ يسوع چيس تہ ”تون بہ وڃي ائين ئي ڪر.“


يسوع مسيح جو مارٿا ۽ مريم جي گھر ۾ اچڻ

38 يسوع پنهنجي چيلن سميت هلندي هلندي هڪڙي ڳوٺ ۾ اچي پهتو، جتي مارٿا نالي هڪڙي ناريءَ پنهنجي گھر ۾ سندس آڌرڀاءُ ڪيو.

39 ان ناريءَ جي مريم نالي هڪ ڀيڻ هئي، جنهن يسوع جي پيرن وٽ ويهي سندس ڳالهيون پئي ٻڌيون.

40 مارٿا گھڻي ڪم ڪار ڪرڻ ڪري ٿڪجي پيئي، سو اچي يسوع کي چيائين تہ ”اي سوامي! اوهان کي خيال نہ ٿو ٿئي تہ منهنجي ڀيڻ مون کي ڪم ڪار ۾ اڪيلو کڻي ڇڏي ڏنو آهي؟ هاڻي چئوس تہ هلي منهنجي مدد ڪري.“

41 پر پرڀوءَ وراڻيس تہ ”مارٿا! اي مارٿا! تون گھڻين ڳالهين جي چنتا ۽ پريشانيءَ ۾ آهين،

42 جڏهن تہ رڳو هڪڙي ئي ڳالهہ ضروري آهي. مريم اها چڱي ڳالهہ چونڊي کنئي آهي، جيڪا ان کان نہ کسبي.“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan