Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لوقا 1 - Hindu Sindhi Bible


منڍ

1 شري ٿئوفلس! ڪيترائي ماڻهو انهن ڳالهين کي لکي چڪا آهن، جيڪي اسان ۾ ٿي گذريون آهن.

2 جهڙيءَ طرح اسان کان اڳين اسان تائين اهي ڳالهيون پهچايون، تهڙيءَ طرح هنن بہ هي ڳالهيون انهن کان ٻڌي لکيون، جيڪي شروع کان ئي هنن ڳالهين جا اکين ڏٺا شاهد هئا ۽ انهيءَ خوشخبريءَ جو پرچار پڻ ڪيائون.

3 تنهنڪري مون بہ اهو مناسب سمجھيو تہ هي ڳالهيون اوهان لاءِ ترتيب سان لکان، ڇو تہ مون شروع کان وٺي انهن سڀني جو اڀياس چڱيءَ طرح ڪيو آهي.

4 آءٌ هي انهيءَ ڪري ٿو لکان تہ جن ڳالهين جي اوهان کي سکيا ڏني ويئي آهي، تن جي سچائيءَ جي اوهان کي پوري ڄاڻ پوي.


يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي جنم بابت اڳڪٿي

5 يهوديہ جي راجا هيروديس جي ڏينهن ۾ ڪاهنن جي ابياہ منڊليءَ ۾ زڪرياہ نالي هڪڙو ڪاهن هو. سندس پتني بہ هارون جي اولاد مان هئي، جنهن جو نالو اليشبع هو.

6 هو ٻئي ايشور جي نظر ۾ نيڪ هئا ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قانونن تي پوريءَ طرح سان عمل ڪندا هئا.

7 انهن کي ڪوبہ اولاد ڪونہ هو، ڇاڪاڻ تہ اليشبع سنڍ هئي ۽ ٻئي پتي پتني پوڙها پڻ ٿي چڪا هئا.

8 هڪ دفعي جڏهن زڪرياہ پنهنجي ٽولي جي واري تي ايشور جي شرڻ ۾ ڪاهن جا فرض ادا ڪري رهيو هو،

9 تڏهن ڪاهنن جي رسم موجب مٿس پُکو پيو تہ هو هيڪل جي پوِتر جاءِ ۾ وڃي لوبان ٻاري.

10 سندس لوبان ٻارڻ وقت ماڻهن جي سڄي ميڙ ٻاهر بيٺي پرارٿنا پئي ڪئي.

11 تڏهن زڪرياہ کي پرميشور جو هڪڙو دوت لوبان ساڙڻ واري ٻليدان واري جاءِ جي ساڄي پاسي بيٺل نظر آيو.

12 زڪرياہ هن کي ڏسي گھٻرائجي ويو ۽ کيس دهشت وٺي ويئي.

13 تنهن تي پرميشور جي دوت چيس تہ ”اي زڪرياہ! ڊڄ نہ. تنهنجي پرارٿنا قبول ڪئي ويئي آهي. سو تنهنجي پتني اليشبع کي پٽ ڄمندو، جنهن جو نالو يوحنا رکج.

14 تو کي خوشي ۽ سڪون ملندو ۽ ڪيترائي هن جي جنم تي خوش ٿيندا.

15 پرميشور جي شرڻ ۾ هو مهان هوندو. هو نہ مئي پيئندو ۽ نڪو شراب واپرائيندو. هو ماتا جي پيٽان ئي پوِتر آتما سان ڀريل هوندو.

16 هو بني اسرائيل جي گھڻن ئي ماڻهن کي پرميشور سندن ايشور ڏانهن ڦيرائيندو.

17 هو پرڀوءَ جي اچڻ لاءِ سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ جهڙي آتما ۽ شڪتيءَ سان سيوا ڪندو، تہ جيئن هر ماتا پتا جي دل کي اولاد ڏانهن ڦيري، نافرمانن کي نيڪن جي سياڻپ واري رستي تي آڻي پرڀوءَ لاءِ هڪڙي لائق قوم تيار ڪري.“

18 تڏهن زڪرياہ دوت کي چيو تہ ”مون کي انهيءَ جي خاطري ڪيئن ٿيندي، جڏهن تہ آءٌ پوڙهو آهيان ۽ منهنجي پتني بہ وڏيءَ عمر واري آهي؟“

19 تنهن تي دوت وراڻيس تہ ”آءٌ جبرائيل آهيان ۽ ايشور جي شرڻ ۾ حاضر رهندو آهيان. ايشور ئي مون کي موڪليو آهي تہ تو سان ڳالهايان ۽ تو کي اها خوشخبري ٻڌايان.

20 پر تو منهنجي ڳالهہ تي يقين نہ ڪيو آهي جيڪا مقرر وقت تي سچي ثابت ٿيندي. ڏس، جيئن تہ تو يقين نہ ڪيو آهي تنهنڪري تون گونگو ٿي پوندين ۽ جيستائين اها ڳالهہ پوري نہ ٿيندي تيستائين تون ڳالهائي نہ سگھندين.“

21 هوڏانهن ٻاهر ماڻهو ڏاڍي انتظار ۾ هئا ۽ حيران هئا تہ زڪرياہ پوِتر جاءِ ۾ ايتري دير ڇو لاتي آهي.

22 جڏهن هو ٻاهر نڪتو تہ انهن سان ڳالهائي نہ ٿي سگھيو، جنهن مان ماڻهن کي سڌ پئجي ويئي تہ هن کي پوِتر جاءِ ۾ ڪو درشن ڏنو ويو آهي. هو ماڻهن کي هٿن جا اشارا ڏئي پيو پر هڪ لفظ بہ ڳالهائي نہ سگھيو.

23 پوءِ جڏهن هيڪل ۾ زڪرياہ جي سيوا جا ڏينهن پورا ٿيا تہ هو گھر ڏانهن هليو ويو.

24 انهن ڏينهن کان پوءِ سندس پتني اليشبع پيٽ سان ٿي ۽ هوءَ پنجن مهينن تائين پنهنجي گھر ۾ لڪندي رهي ۽ دل ۾ هيئن چوڻ لڳي تہ

25 ”پرميشور مون تي ڪيڏي نہ ڪرپا ڪئي آهي. هاڻي هن مون تي ڪرپا جي نظر ڪري ماڻهن جي مهڻن کان منهنجي جند ڇڏائي آهي.“


يسوع مسيح جي جنم بابت اڳڪٿي

26 اليشبع جي پيٽ سان ٿيڻ کان پوءِ ڇهين مهيني ايشور جبرائيل دوت کي گليل جي ڳوٺ ناصرت ۾ موڪليو.

27 هو مريم نالي هڪ ڪنواريءَ ڪنيا وٽ آيو، جيڪا راجا دائود جي گھراڻي جي هڪ شخص يوسف سان مڱيل هئي.

28 جبرائيل وٽس اچي چيو تہ ”نمسڪار آ تو تي، جو ايشور تو ساڻ آهي ۽ هن تو تي وڏي ڪرپا ڪئي آهي.“

29 مريم دوت جي ڳالهائڻ تي ڏاڍي گھٻرائجي ويئي ۽ عجب ۾ پئجي سوچڻ لڳي تہ هن جي انهن لفظن جو مطلب ڇا آهي.

30 تڏهن دوت چيس تہ ”مريم! ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ ايشور تو تي ڪرپالو آهي.

31 ڏس، تو کي پيٽ ٿيندو ۽ تون پٽ ڄڻيندينءَ. انهيءَ جو نالو يسوع رکج.

32 هو وڏي مهانتا وارو ٿيندو ۽ مهان ايشور جو پٽ ڪري سڏبو. پرڀو پرميشور هن کي سندس ڏاڏي دائود جو تخت بخشيندو.

33 هو يعقوب جي گھراڻي بني اسرائيل تي هميشہ راڄ ڪندو. هائو، سندس راڄ جو ڪڏهن بہ انت نہ ٿيندو.“

34 تنهن تي مريم دوت کي چيو تہ ”آءٌ تہ ڪنواري آهيان، پوءِ هي ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟“

35 دوت وراڻيس تہ ”پوِتر آتما تو تي پرگھٽ ٿيندي. هائو، مهان ايشور جي شڪتي تو ساڻ هوندي. انهيءَ ڪري ئي اهو پوِتر ٻار ايشور جو پٽ ڪري سڏبو.

36 ڏس، تنهنجي مائٽياڻي اليشبع پوڙهائپ ۾ پٽ ڄڻڻ واري آهي. جنهن لاءِ چيو ويندو هو تہ هوءَ سنڍ آهي، تنهن کي هاڻي ڇهون مهينو پيٽ آهي.

37 بيشڪ اهڙي ڪابہ ڳالهہ ڪانهي جيڪا ايشور جي شڪتيءَ کان ٻاهر هجي.“

38 تڏهن مريم چيس تہ ”آءٌ پرميشور جي داسي آهيان، سو شل ائين ئي ٿئي جيئن اوهان چيو آهي.“ پوءِ دوت وٽانئس هليو ويو.


مريم جي اليشبع سان ملاقات

39 تنهن کان پوءِ جلد ئي مريم تيار ٿي ۽ جابلو علائقي ۾ يهوديہ جي هڪڙي شهر ڏانهن ويئي.

40 اتي هوءَ زڪرياہ جي گھر ويئي ۽ اليشبع کي نمسڪار ڪيائين.

41 جيئن ئي اليشبع مريم جو نمسڪار ٻڌو تہ ٻار سندس پيٽ ۾ ٽپ کاڌو. تڏهن اليشبع پوِتر آتما سان ڀرجي

42 وڏي واڪي مريم کي چوڻ لڳي تہ ”تون نارين ۾ سڀاڳي آهين ۽ سڀاڳو آهي اهو ٻار جنهن کي تون جنم ڏيندينءَ.

43 مون تي اهڙي ڪرپا ڪيئن ٿي جو منهنجي پرڀوءَ جي ماتا مون وٽ هلي آئي آهي.

44 ڏس، جيئن ئي تنهنجي نمسڪار جو آواز منهنجي ڪنن تي پيو، تہ ٻار منهنجي پيٽ ۾ خوشيءَ وچان ٽپ کاڌو.

45 تون ڪيڏي نہ سڀاڳي آهين، جو تو يقين ڪيو آهي تہ جيڪي ڳالهيون پرميشور جي طرفان تو کي ٻڌايون ويون آهن سي سچيون ثابت ٿينديون.“


مريم جو ايشور جي مهما ڪرڻ

46 مريم چيو تہ ”منهنجي دل پرميشور جي مهما ڪري ٿي.

47 هائو، آءٌ پنهنجي ايشور کان خوش آهيان، جيڪو هر ڳالهہ ۾ منهنجو بچائيندڙ آهي.

48 بيشڪ انهيءَ پنهنجي هن خسيس داسيءَ تي پنهنجي ڪرپا جي نظر ڪئي آهي. سو اڄ کان وٺي ايندڙ سڀيئي پيڙهيون مون کي سڀاڳي سڏينديون،

49 ڇاڪاڻ تہ شڪتيوان مون لاءِ مهان ڪم ڪيا آهن. هن جو نالو پوِتر آهي.

50 هو انهن تي پيڙهي بہ پيڙهي ديا ڪري ٿو، جيڪي کانئس ڊڄن ٿا.

51 هن پنهنجي ٻانهُن جو ٻل ڏيکاريو آهي، ۽ جيڪي پنهنجين دلين ۾ وڏائي ٿا ڪن، تن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو اٿس.

52 هن ٻلوانن کي تخت تان ڪيرايو آهي، ۽ نيچن کي اوچو ڪيو اٿس.

53 هن بکايلن کي سٺين شين سان ڍءُ ڪرايو آهي، ۽ شاهوڪارن کي خالي هٿين موٽائي ڇڏيو اٿس.

54-55 هن اسان جي ابن ڏاڏن سان ٻڌل وچن پورو ڪيو آهي. هائو، ابرهام ۽ سندس اولاد جي سار لهندي هن پنهنجي داس يعني بني اسرائيل قوم جي مدد ڪئي آهي، تہ جيئن انهن تي هميشہ ديا ڪري.“

56 مريم اٽڪل ٽي مهينا اليشبع سان گڏ رهي ۽ پوءِ پنهنجي گھر موٽي ويئي.


يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جو جنم

57 هاڻي اليشبع جي ويم ڪرڻ جو وقت اچي پهتو ۽ کيس پٽ ڄائو.

58 هن جي پاڙيسرين ۽ مائٽن جڏهن اهو ٻڌو تہ پرميشور اليشبع تي وڏي ڪرپا ڪئي آهي تہ اهي بہ ساڻس گڏجي خوشيون ڪرڻ لڳا.

59 جڏهن ٻار کي ڄائي اٺ ڏينهن گذريا تہ اهي ٻار جي ختني جي رسم لاءِ وري آيا ۽ مرضي هئن تہ هن جو نالو سندس پتا جي نالي پويان زڪرياہ رکيو وڃي.

60 پر هن جي ماتا چين تہ ”نہ، هن کي يوحنا جي نالي سان سڏيو وڃي.“

61 تنهن تي انهن چيس تہ ”اهڙي نالي سان تہ اوهان جو ڪوبہ مائٽ نہ آهي.“

62 پوءِ هنن سندس پتا کان اشارن سان پڇيو تہ هو ٻارڙي جو ڪهڙو نالو رکڻ گھري ٿو.

63 تڏهن زڪرياہ انهن کان تختي گھرائي انهيءَ تي لکيو تہ ”هن جو نالو يوحنا آهي.“ تنهن تي سڀيئي عجب ۾ پئجي ويا.

64 انهيءَ دم زڪرياہ جي زبان کُلي پيئي ۽ هو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ ايشور جي مهما ڪرڻ لڳو.

65 تڏهن سندن آس‌پاس ۾ سڀني رهڻ وارن تي ڊپ ڇانئجي ويو. يهوديہ جي سڄي جابلو علائقي ۾ اهي ڳالهيون پکڙجي ويون.

66 جن بہ اهي ڳالهيون ٻڌيون سي دل ۾ انهن تي غور ويچار ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اهو ٻار ڪيڏو نہ مهان ٿيندو!“ ڇاڪاڻ تہ صاف ظاهر هو تہ انهيءَ ٻار تي پرميشور جو هٿ آهي.


زڪرياہ جي اڳڪٿي

67 يوحنا جو پتا زڪرياہ پوِتر آتما سان ڀرجي ويو ۽ اڳڪٿي ڪندي چوڻ لڳو تہ

68 ”پرڀوءَ، بني اسرائيل جي ايشور کي مهما جڳائي، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي قوم کي بچائڻ لاءِ مٿس ڪرپا جي نظر ڪئي آهي.

69 هائو، هن پنهنجي داس راجا دائود جي گھراڻي مان اسان لاءِ هڪ ٻلوان بچائيندڙ موڪليو آهي،

70 جنهن جو هن پنهنجي سنديش ڏيندڙ پوِتر سنتن جي وسيلي وچن ڪيو هو، جيڪي قديم زماني کان وٺي ايندا رهيا.

71 اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ ايشور اسان کي دشمنن کان بچائي. هائو، انهن سڀني جي هٿان ڇڏائي، جيڪي اسان کان نفرت ڪن ٿا.

72 هن اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيل وچن موجب، اسان تي ديا ڪندي پنهنجو ٻڌل پوِتر وچن پورو ڪيو آهي.

73 هائو، هن پنهنجو اهو وچن پورو ڪيو آهي، جيڪو اسان جي ڏاڏي ابرهام سان قسم کڻي ڪيو هئائين،

74 تہ هو اسان کي دشمنن جي چنبي مان آزاد ڪرائيندو، تہ جيئن اسين بنا ڪنهن خوف جي سندس ڀڳتي ڪريون،

75 ۽ هن جي اڳيان پنهنجي سڄي جيون جا ڏينهن پوِتر ۽ نيڪ ٿي گذاريون.

76 هاڻ اي منهنجا ٻچا يوحنا! تون مهان ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت سڏيو ويندين، ۽ پرڀوءَ جي اڳيان اڳيان هن لاءِ رستو تيار ڪندو هلندين،

77 ۽ سندس قوم کي ٻڌائيندو ويندين، تہ پنهنجن پاپن کان معافيءَ جي صورت ۾ ئي اهي مڪتي حاصل ڪري سگھن ٿا.

78 بيشڪ اسان جو ايشور وڏو ديالو آهي. هو آڪاش واري صبح جي روشني اسان تي پرگھٽ ڪندو،

79 جيڪا شانتيءَ واري رستي جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ اسان سڀني تي چمڪندي، جيڪي اونداهيءَ ۽ موت جي پاڇي ۾ رهون ٿا.“

80 اهو ٻار يوحنا شرير توڙي آتما ۾ وڌندو ويو ۽ تيستائين بيابان ۾ رهيو جيستائين بني اسرائيل قوم تي پاڻ کي کُليءَ طرح ظاهر نہ ڪيائين.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan