يوحنا 9 - Hindu Sindhi Bibleڄائي ڄم کان انڌي کي ديد ڏيڻ 1 جيئن يسوع پنهنجي چيلن سان گڏ رستي سان پئي ويو تہ هن هڪ اهڙو ماڻهو ڏٺو، جيڪو ڄائي ڄم کان انڌو هو. 2 هن جي چيلن کانئس پڇيو تہ ”اي گرو! هي ڪنهن جي پاپ جي ڪري انڌو ڄائو آهي؟ ڇا پنهنجي پاپ جي ڪري يا پنهنجي ماتا پتا جي پاپ جي ڪري؟“ 3 يسوع وراڻيو تہ ”هن جي انڌائپ جو هن جي پاپ سان يا سندس ماتا پتا جي پاپ سان ڪوبہ واسطو نہ آهي. پر هي انهيءَ ڪري انڌو آهي تہ جيئن هن مان ايشور جا ڪم ظاهر ٿين. 4 ضروري آهي تہ جيستائين ڏينهن آهي تيستائين اسين انهيءَ جا ڪم ڪريون، جنهن مون کي موڪليو آهي. پر جڏهن رات ايندي تڏهن ڪوبہ ماڻهو ڪم ڪري نہ سگھندو. 5 جيستائين آءٌ هن سنسار ۾ آهيان تہ آءٌ سنسار جي روشني آهيان.“ 6 ائين چوڻ کان پوءِ يسوع زمين تي ٿُڪ اڇلائي ۽ انهيءَ ٿُڪ مان مٽي آلي ڪيائين. پوءِ اها آلي مٽي انهيءَ انڌي جي اکين تي لاتائين 7 ۽ چيائينس تہ ”پنهنجو منهن انهيءَ تلاءَ ۾ وڃي ڌوءُ، جنهن جو نالو شيلوخ آهي.“ (شيلوخ جي معنيٰ ”موڪليل“ آهي.) پوءِ هو ويو ۽ انهيءَ تلاءَ ۾ وڃي منهن ڌوتائين ۽ موٽ تي هو ڏسندو وائسندو آيو. 8 تنهن تي سندس پاڙيسرين ۽ ٻين ماڻهن جن کيس اڳ پنندي ڏٺو هو، سي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”هي اهو فقير تہ نہ آهي جيڪو هتي ويٺو پنندو هو!“ 9 ڪن چيو تہ ”هي اهو ئي آهي“ ۽ ڪي وري چوڻ لڳا تہ ”هي اهو نہ آهي، پر انهيءَ جو ڪو همشڪل آهي.“ تنهن تي هن پاڻ چيو تہ ”آءٌ اهو ئي آهيان.“ 10 تڏهن انهن پڇيس تہ ”تو کي ديد ڪيئن ملي؟“ 11 هن وراڻيو تہ ”اهو شخص جنهن جو نالو يسوع آهي، تنهن مٽي آلي ڪري منهنجي اکين تي لاتي ۽ چيائين تہ ’شيلوخ واري تلاءَ ۾ وڃي منهن ڌوءُ.‘ پوءِ آءٌ ويس ۽ وڃي منهن ڌوتم تہ ڏسڻ وائسڻ لڳس.“ 12 تنهن تي انهن پڇيس تہ ”اهو شخص ڪٿي آهي؟“ هن چين تہ ”مون کي سڌ نہ آهي.“ انڌي کي ديد ملڻ بابت فريسين جي جاچ 13-14 جنهن ڏينهن تي يسوع مٽي آلي ڪئي ۽ اها انڌي ماڻهوءَ جي اکين تي لائي کيس ديد ڏني هئي، سو سبت جو ڏينهن هو. پوءِ جڏهن اهي ماڻهو انهيءَ انڌي مان سڄي ٿيل شخص کي فريسين وٽ وٺي آيا، 15 تڏهن فريسين بہ انهيءَ کان پڇيو تہ ”تون ڪيئن ڏسڻ وائسڻ لڳين؟“ هن انهن کي ٻڌايو تہ ”هڪڙي ماڻهوءَ آلي مٽي منهنجي اکين تي لاتي ۽ مون وڃي منهن ڌوتو تہ آءٌ ڏسڻ وائسڻ لڳس.“ 16 تنهن تي فريسين مان ڪن چيو تہ ”جنهن ماڻهوءَ هي ڪم ڪيو آهي سو ايشور جي طرفان ٿي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ هن سبت جي ڏينهن کي نہ مڃيو آهي.“ پر ٻين چيو تہ ”جيڪو پاپي آهي سو اهڙا چمتڪار ڪيئن ٿو ڪري سگھي.“ تنهنڪري انهن ۾ ڏڦيڙ پئجي ويو. 17 ان کان پوءِ فريسين هڪ دفعو وري انهيءَ ماڻهوءَ کان پڇيو تہ ”تون چوين ٿو تہ هن تو کي ديد ڏني، هاڻ تون انهيءَ شخص بابت ڇا ٿو چوين؟“ هن وراڻيو تہ ”هو ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت آهي.“ 18 يهودي اڳواڻن کي هن ماڻهوءَ جي ڳالهہ تي اڃا بہ اعتبار نہ آيو تہ هو ڪو انڌو هو ۽ پوءِ سڄو ٿيو آهي. تنهنڪري هنن انهيءَ ماڻهوءَ جي ماتا پتا کي گھرائي کانئن پڇيو تہ 19 ”ڇا هي اوهان جو پٽ آهي؟ ڇا هي ڄائي ڄم کان انڌو هو؟ تہ پوءِ اهو ڪيئن ٿي سگھي ٿو تہ هو هاڻي ڏسي وائسي ٿو؟“ 20 هن جي ماتا پتا وراڻيو تہ ”هائو، واقعي هي اسان جو پٽ آهي ۽ ڄائي ڄم کان انڌو هو. 21 پر اسان کي اها سڌ ڪانهي تہ هاڻي ڪيئن هو ڏسڻ وائسڻ لڳو آهي ۽ ڪنهن هن کي ديد ڏني آهي. اوهين کانئس پڇو. هو عاقل بالغ آهي، پاڻ پنهنجي ڳالهہ ڪندو.“ 22 سندس ماتا پتا يهودي اڳواڻن جي ڊپ کان ائين چيو، ڇاڪاڻ تہ انهن اڳي ئي ٺهراءُ ڪري ڇڏيو هو تہ جيڪو بہ ماڻهو يسوع کي مسيح ڪري مڃيندو تنهن کي هو پنهنجي ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا. 23 اهو ئي سبب هو جو انهيءَ ماڻهوءَ جي ماتا پتا چيو تہ ”اوهين کانئس پڇو، هو عاقل بالغ آهي.“ 24 سو انهن وري انهيءَ ماڻهوءَ کي گھرايو جيڪو اڳي انڌو هو ۽ کيس چيائون تہ ”تون ايشور جي آڏو قسم کڻ تہ سچ ڳالهائيندين. اسين ڄاڻون ٿا تہ جنهن ماڻهوءَ تو کي ديد ڏني سو پاپي آهي.“ 25 انهيءَ ماڻهوءَ وراڻيو تہ ”مون کي سڌ نہ آهي تہ هو پاپي آهي يا نہ. آءٌ رڳو اهو ڄاڻان ٿو تہ اڳي آءٌ انڌو هئس ۽ هاڻي ڏسان وائسان ٿو.“ 26 تنهن تي انهن پڇيس تہ ”هن تو کي ڇا ڪيو؟ ڪيئن تو کي ديد ڏنائين؟“ 27 هن وراڻيو تہ ”اڃا هاڻي تہ مون اوهان کي ٻڌايو آهي تہ بہ اوهان ڪونہ ٻڌو. وري ڇو ٿا ٻڌڻ چاهيو؟ اوهين بہ هن جا چيلا ٿيڻ چاهيو ٿا ڇا؟“ 28 تنهن تي انهن ڦٽ لعنت ڪري چيس تہ ”تون ئي انهيءَ جو چيلو آهين. اسين تہ موسيٰ جا چيلا آهيون. 29 اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور موسيٰ سان ڳالهايو هو، پر انهيءَ شخص بابت اسان کي ڪابہ سڌ نہ آهي تہ هو ڪٿان آيو آهي.“ 30 تنهن تي انهيءَ ماڻهوءَ چيو تہ ”واہ! اها تہ عجيب ڳالهہ آهي. جيتوڻيڪ هن مون کي ديد ڏني آهي، تڏهن بہ اوهان کي سڌ نہ ٿي پوي تہ هو ڪٿان آيو آهي. 31 اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور پاپين جي نہ ٻڌندو آهي، پر جيڪڏهن ڪو ايشور ڀڳت آهي ۽ سندس مرضيءَ تي هلي ٿو تہ ايشور انهيءَ جي ٻڌي ٿو. 32 سنسار جي شروعات کان وٺي ائين ڪڏهن بہ ٻڌڻ ۾ ڪونہ آيو آهي تہ ڄائي ڄم جي انڌي ماڻهوءَ کي ڪنهن ديد ڏني هجي. 33 جيڪڏهن هي ماڻهو ايشور جي طرفان نہ هجي ها تہ ڪجھہ بہ نہ ڪري سگھي ها.“ 34 تنهن تي انهن چيس تہ ”تون اصل ڄائو ئي پاپن ۾ آهين ۽ هاڻي تون ٿو اسان کي سيکارين؟“ پوءِ انهن کيس ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي. آتما جي لحاظ کان انڌائپ 35 جڏهن يسوع ٻڌو تہ يهودي اڳواڻن انهيءَ ماڻهوءَ کي ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي آهي، تڏهن هو ساڻس مليو ۽ کيس چيائين تہ ”ڇا تون منشپتر تي وشواس آڻين ٿو؟“ 36 تنهن تي هن پڇيس تہ ”سوامي! اهو ڪير آهي جو آءٌ مٿس وشواس آڻيان؟“ 37 يسوع چيس تہ ”تو کيس اڳي بہ ڏٺو آهي ۽ هاڻي جيڪو تو سان ڳالهائي رهيو آهي، سو ئي آهي.“ 38 تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ چيو تہ ”اي پرڀو! آءٌ وشواس آڻيان ٿو.“ ائين چئي هن سندس اڳيان سيس نوايو. 39 پوءِ يسوع چيو تہ ”آءٌ هن سنسار ۾ فيصلو ڏيڻ لاءِ آيو آهيان، تہ جيئن جيڪي انڌا آهن سي ڏسن ۽ جيڪي ڏسن ٿا سي انڌا ٿين.“ 40 تڏهن اتي موجود فريسين مان ڪن اهي ڳالهيون ٻڌي پڇيس تہ ”ڇا اسين بہ انڌا آهيون؟“ 41 يسوع کين چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين انڌا هجو ها تہ اوهان جو ڪو ڏوهہ نہ هجي ها. پر هاڻي تہ اوهين پاڻ چئو ٿا تہ ’اسين ڏسون ٿا،‘ سو اوهان جو ڏوهہ ثابت آهي.“ |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society