Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يوحنا 4 - Hindu Sindhi Bible


يسوع مسيح ۽ هڪ سامري ناري

1 يسوع کي خبر پيئي تہ فريسين ٻڌو آهي تہ يسوع يوحنا کان وڌيڪ چيلا ڪري رهيو آهي ۽ بپتسما ڏيئي رهيو آهي.

2 جڏهن تہ حقيقت ۾ يسوع پاڻ ڪنهن کي بہ بپتسما نہ ٿي ڏني، پر سندس چيلا ڏيئي رهيا هئا.

3 انهيءَ ڳالهہ جي ڪري يسوع يهوديہ کي ڇڏي موٽي گليل علائقي ڏانهن روانو ٿيو.

4 رستي ۾ کيس سامريہ جي علائقي وٽان لنگھڻو هو.

5 اتي هو سامريہ جي سوخار نالي هڪڙي شهر جي ويجھو اچي پهتو، جيڪو انهيءَ ٻنيءَ جي ڀر ۾ هو جيڪا يعقوب پنهنجي پٽ يوسف کي ڏني هئي.

6 انهيءَ ٻنيءَ ۾ يعقوب جو کوهہ هو. يسوع مسافريءَ جي ڪري ٿڪجي پيو هو، سو کوهہ جي ڀرسان ويهي رهيو. اهو اٽڪل منجھند جو وقت هو.

7-8 ايتري ۾ اتي هڪ سامري ناري پاڻي ڀرڻ آئي. جيئن تہ يسوع جا چيلا شهر مان کاڌو وٺڻ ويا هئا، سو يسوع انهيءَ کي چيو تہ ”مون کي پاڻي پيئار.“

9 تنهن تي انهيءَ ناريءَ کيس وراڻيو تہ ”تون يهودي ٿي ڪري مون سامري ناريءَ کان ڪيئن ٿو پيئڻ لاءِ پاڻي گھرين؟“ هن ائين انهيءَ لاءِ چيو جو يهودي ماڻهو اهي ٿانوَ بہ ڪم نہ آڻيندا هئا، جيڪي سامري استعمال ڪندا هئا.

10 يسوع کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن تو کي ايشور جي بخشش جي سڌ هجي ها ۽ ڄاڻين ها تہ تو کان پاڻي گھرڻ وارو ڪير آهي، تہ تون جيڪر هن کان پاڻي گھرين ها ۽ هو تو کي جيون جو پاڻي ڏئي ها.“

11 ناريءَ کيس چيو تہ ”سوامي! اوهان وٽ تہ ڪو ڏول ڪونهي ۽ کوهہ بہ اونهو آهي. پوءِ اوهين جيون جو پاڻي ڪٿان آڻيندا؟

12 ڇا اوهين اسان جي ڏاڏي يعقوب کان بہ وڏا آهيو، جنهن هي کوهہ اسان کي ڏنو هو؟ هِن مان هو پاڻ، سندس پٽ ۽ سندس مال سڀيئي پاڻي پيئندا هئا.“

13 يسوع وراڻيو تہ ”جيڪو هي پاڻي پيئي ٿو تنهن کي وري اڃ لڳي ٿي.

14 پر جيڪو پاڻي آءٌ ڏيندس سو جيڪڏهن ڪو پيئندو تہ ان کي وري اڃ نہ لڳندي. جيڪو پاڻي آءٌ کيس ڏيندس سو ان ۾ هڪ چشمو ٿي پوندو، جنهن مان جيون جو پاڻي نڪرندو رهندو. اهو کيس امر جيون ڏيندو.“

15 تنهن تي انهيءَ ناريءَ چيو تہ ”اي سوامي! پوءِ مون کي اهو پاڻي ڏيو تہ جيئن مون کي وري اڃ نہ لڳي ۽ نہ وري هيترو پنڌ ڪري هتي پاڻي ڀرڻ اچان.“

16 تڏهن يسوع چيس تہ ”وڃ ۽ پنهنجي پتيءَ کي وٺي اچ.“

17 پر ناريءَ وراڻيس تہ ”مون کي تہ پتي آهي ئي ڪونہ.“ يسوع چيس تہ ”تو سچ چيو تہ تو کي پتي ڪونهي،

18 ڇاڪاڻ تہ تون پنج پتي ڪري چڪي آهين ۽ هاڻي جنهن شخص وٽ تون رهين ٿي، سو تنهنجو پتي نہ آهي.“

19 تنهن تي ناريءَ کيس چيو تہ ”سوامي! آءٌ سمجھان ٿي تہ اوهين ايشور جو سنديش ڏيندڙ ڪي سنت آهيو.

20 اسان جا وڏا تہ هن سامهون واري جبل تي ڀڳتي ڪندا هئا، پر اوهين يهودي چئو ٿا تہ ’جنهن جاءِ تي ڀڳتي ڪرڻ گھرجي سا يروشلم ۾ آهي.‘“

21 يسوع چيس تہ ”اي مائي! مون تي اعتبار ڪرين تہ اها گھڙي اچي رهي آهي جڏهن اوهين پتا جي ڀڳتي نہ هن جبل تي، نڪي يروشلم ۾ ڪندا.

22 اوهين سامري انهيءَ جي ڀڳتي ڪريو ٿا جنهن کي اوهين نہ ٿا ڄاڻو. جڏهن تہ اسين يهودي انهيءَ جي ڀڳتي ڪريون ٿا جنهن کي اسين ڄاڻون ٿا، ڇاڪاڻ تہ يهودين منجھان ئي مڪتي آهي.

23 پر اها گھڙي اچي رهي آهي، بلڪ هاڻي اچي پهتي آهي، جڏهن سچا ڀڳتي ڪندڙ پوِتر آتما ۽ سچ جي پيروي ڪندي پتا جي ڀڳتي ڪندا. هائو، پتا بہ چاهي ٿو تہ اهڙا ڀڳتي ڪندڙ هجن.

24 ايشور آتما آهي، سو اهو ضروري آهي تہ ڀڳتي ڪندڙ پوِتر آتما ۽ سچ جي پيروي ڪندي سندس ڀڳتي ڪن.“

25 پوءِ ناريءَ يسوع کي چيو تہ ”مون کي سڌ آهي تہ مسيح اچڻو آهي. سو جڏهن اهو ايندو تڏهن اسان کي سڀ ڳالهيون ٻڌائيندو.“

26 تنهن تي يسوع چيس تہ ”اهو تہ آءٌ آهيان، جيڪو تو سان ويٺو ڳالهايان.“

27 ايتري ۾ يسوع جا چيلا موٽي آيا ۽ اهو ڏسي عجب ۾ پئجي ويا تہ هو ناري ذات سان ويٺو ڳالهائي. پر انهن مان ڪنهن بہ انهيءَ ناريءَ کان نہ پڇيو تہ ”تو کي ڇا گھرجي؟“ ۽ نہ يسوع کان پڇيائون تہ ”اوهين هن سان ڇو ٿا ڳالهايو؟“

28 پوءِ اها ناري پنهنجو دلو اتي ڇڏي شهر ڏانهن موٽي ويئي ۽ ماڻهن کي چيائين تہ

29 ”هلو ۽ هڪ شخص تہ ڏسو، جنهن اهو سڀ ڪجھہ ٻڌايو جيڪي مون ڪيو آهي. ڇا اهو مسيح تہ نہ آهي؟“

30 تنهن تي اهي شهر مان نڪري يسوع وٽ آيا.

31 هوڏانهن يسوع جي چيلن کيس وينتي ڪئي تہ ”اي گرو! ڪجھہ کائو.“

32 پر هن کين چيو تہ ”مون وٽ کائڻ لاءِ اهڙو کاڌو آهي، جنهن جي اوهان کي ڪابہ سڌ نہ آهي.“

33 تنهن تي سندس چيلا هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هن لاءِ ڪنهن کاڌو آندو آهي؟“

34 يسوع کين چيو تہ ”منهنجو کاڌو اهو آهي تہ آءٌ پنهنجي موڪلڻ واري جي مرضيءَ تي هلندي سندس سونپيل ڪم پورو ڪريان.

35 ڇا اوهان ۾ چوڻي نہ آهي تہ ’فصل اڃا ناهي تيار، لاباري ۾ لڳندا مهينا چار‘؟ پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اکيون کوليو ۽ پوکن ڏانهن نهاريو جو اهي لاباري لاءِ هاڻي بلڪل تيار آهن.

36 ايستائين جو جيڪو لابارو ڪري ٿو تنهن کي مزدوري ملندي ٿي وڃي ۽ ماڻهن جي امر جيون لاءِ فصل گڏ ڪندو ٿو وڃي، تہ جيئن پوکيندڙ ۽ لڻندڙ ٻئي گڏجي خوشي ملهائين.

37 ان تي هيءَ چوڻي ٺهڪي اچي ٿي تہ ’پوکي هڪڙو ٿو ۽ لڻي ٻيو ٿو.‘

38 مون اوهان کي موڪليو تہ ان فصل جو لابارو ڪندا رهو جيڪو اوهان نہ پر ٻين محنت ڪري پوکيو آهي ۽ اوهين انهن جي ڪم مان فائدو وٺو ٿا.“

39 انهيءَ شهر جي گھڻن ئي سامرين ان ناريءَ جي شاهديءَ جي ڪري يسوع تي وشواس آندو، جنهن ۾ هن چيو پئي تہ ”جيڪي ڪجھہ مون ڪيو آهي سو سڀ هن مون کي ٻڌايو آهي.“

40 سو اهي سامري يسوع وٽ آيا ۽ کيس وينتي ڪيائون تہ ”اسان وٽ هلي مهمان ٿيو.“ تڏهن يسوع ٻہ ڏينهن اتي رهيو.

41 سندس ڳالهين جي ڪري ٻين بہ گھڻن ئي مٿس وشواس آندو.

42 پوءِ اهي ان ناريءَ کي چوڻ لڳا تہ ”هاڻي اسين رڳو تنهنجي چوڻ تي مٿس وشواس نہ ٿا آڻيون، پر اسان پاڻ کيس ٻڌو آهي ۽ ڄاڻون ٿا تہ حقيقت ۾ هيءُ ئي سنسار جو مڪتي ڏيندڙ آهي.“


عملدار جي پٽ کي چڱو ڀلو ڪرڻ

43 انهن ٻن ڏينهن کان پوءِ يسوع اتان روانو ٿي گليل علائقي ڏانهن هليو ويو.

44 ياد رهي تہ يسوع پاڻ اڳي چيو هو تہ ”ايشور جو سنديش ڏيندڙ ڪنهن بہ سنت کي پنهنجي ديس ۾ مانُ نہ ٿو ملي.“

45 هاڻ جڏهن هو گليل ۾ پهتو تہ اتي جي ماڻهن سندس آڌرڀاءُ ڪيو. پر اهو انهيءَ ڪري جو هنن اهو سڀ ڪجھہ ڏٺو هو جيڪو يسوع يروشلم ۾ فصح جي تهوار جي موقعي تي ڪيو هو، جڏهن هو بہ تهوار ملهائڻ ويا هئا.

46 يسوع وري گليل جي ڳوٺ قانا ۾ آيو، جتي هن پاڻيءَ کي مئي بڻايو هو. ڪفرناحوم شهر ۾ هڪ عملدار هو جنهن جو پٽ بيمار هو.

47 هن جڏهن ٻڌو تہ يسوع يهوديہ کان گليل ۾ آيو آهي، تڏهن هو يسوع وٽ آيو ۽ وينتي ڪيائينس تہ ”مهرباني ڪري هلي منهنجي پٽ کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هو مرڻ تي آهي.“

48 تنهن تي يسوع کيس چيو تہ ”اوهين ماڻهو تيستائين وشواس نہ آڻيندا، جيستائين چمتڪار ۽ ڪرامتون نہ ڏسندا.“

49 عملدار وراڻيس تہ ”سوامي! مون سان هلو، متان منهنجو ٻچڙو مري نہ وڃي.“

50 يسوع کيس چيو تہ ”وڃ، تنهنجو پٽ نہ مرندو.“ جيئن يسوع چيس تيئن هن بہ يقين ڪيو ۽ گھر ڏانهن روانو ٿيو.

51 عملدار اڃا گھر ڏانهن وڃي رهيو هو تہ سندس نوڪر کيس رستي تي گڏيا ۽ ٻڌايائونس تہ ”تنهنجو پٽ خوش ٿي ويو آهي.“

52 تنهن تي هن نوڪرن کان پڇيو تہ ”اها ڪهڙي مهل هئي جڏهن منهنجو پٽ چڱو ڀلو ٿيڻ لڳو؟“ انهن وراڻيس تہ ”ڪالهہ منجھند جو هڪ بجي کيس بخار ڇڏي ويو.“

53 تنهن تي ٻار جي پتا کي ياد آيو تہ برابر اهو ئي وقت هو جڏهن يسوع کيس چيو هو تہ ”تنهنجو پٽ نہ مرندو.“ سو انهيءَ عملدار ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين يسوع تي وشواس آندو.

54 هي ٻيو چمتڪار هو، جيڪو يسوع ٻيهر يهوديہ کان گليل اچي ڏيکاريو هو.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan