Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يوحنا 20 - Hindu Sindhi Bible


يسوع مسيح جو وري جيوت ٿي اٿڻ
( متي 28‏:1‏-8 ، مرقس 16‏:1‏-8 ، لوقا 24‏:1‏-12 )

1 آچر جي ڏينهن صبح جو سوير اڃا اوندهہ ئي هئي تہ مريم مگدليني قبر تي آئي. ڇا ڏسي تہ قبر جي منهن تان پٿر پري هٽيو پيو آهي.

2 سو هوءَ ڊوڙندي شمعون پطرس ۽ انهيءَ ٻئي چيلي وٽ آئي، جنهن سان يسوع جو پيار هو ۽ کين چيائين تہ ”اهي پرڀوءَ کي قبر مان کڻي ويا آهن ۽ سڌ نہ آهي تہ کيس الائجي ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“

3 تنهن تي پطرس ۽ اهو ٻيو چيلو قبر ڏانهن روانا ٿيا.

4 اهي ٻئي گڏ ڊوڙڻ لڳا، پر اهو ٻيو چيلو پطرس کان اڳي تڪڙو نڪري ويو ۽ پطرس کان پهريائين قبر تي پهتو.

5 هو قبر ۾ اندر گھڙي نہ ويو، پر ليئو پائي قبر ۾ نهاري ڏٺائين تہ رڳو ڪفن پيو آهي.

6 هن کان پوءِ شمعون پطرس بہ پهتو ۽ هو سڌو قبر ۾ گھڙي ويو جتي ڪفن پيل ڏٺائين.

7 ان کان علاوہ هن اهو رومال بہ اتي پيل ڏٺو، جيڪو يسوع جي مٿي تي ويڙهيل هو. پر اهو ٻئي هنڌ جدا ويڙهيو پيو هو.

8 تنهن کان پوءِ اهو ٻيو چيلو، جيڪو پطرس کان اڳي قبر تي پهتو هو، سو بہ قبر ۾ گھڙي ويو. هن سڀ ڪجھہ ڏٺو ۽ يقين ڪيائين،

9 جيتوڻيڪ اڃا تائين چيلا پوِتر شاستر جي اها لکت نہ سمجھي سگھيا هئا تہ مسيح مئلن مان ضرور جيوت ٿي اٿندو.

10 پوءِ اهي ٻئي چيلا موٽي پنهنجي گھر هليا ويا.


مريم مگدلينيءَ کي درشن ڏيڻ
( متي 28‏:9‏-10 ، مرقس 16‏:9‏-11 )

11 پر مريم قبر جي ٻاهران بيٺي روئندي رهي. روئندي روئندي هن نِوڙي قبر ۾ نهاريو

12 ۽ ڏٺائين تہ ٻہ دوت اڇي پوشاڪ سان انهيءَ جاءِ تي ويٺا آهن جتي يسوع جو لاش رکيل هو. هڪ سيرانديءَ کان ۽ ٻيو پيرانديءَ کان ويٺو هو.

13 انهن پڇيس تہ ”اي مائي! روئين ڇو ٿي؟“ هن وراڻيو تہ ”اهي منهنجي پرڀوءَ کي کڻي هليا ويا آهن ۽ سڌ ئي ڪانهي تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“

14 هن ائين چئي اڃا پٺيان نهاريو تہ يسوع کي اتي بيٺل ڏٺائين، پر سڃاتائين ڪين تہ هو ڪو يسوع آهي.

15 يسوع چيس تہ ”اي مائي! ڇو ٿي روئين؟ ڪنهن کي ٿي ڳولين؟“ مريم سمجھيو تہ هي ڪو باغ جو مالهي آهي، سو چيائين تہ ”سائين! جيڪڏهن تون هن کي هتان کڻي ويو هجين تہ ڀلائي ڪري ٻڌاءِ تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿيئي، تہ آءٌ وڃي اتان کڻي وڃانس.“

16 يسوع چيس تہ ”مريم!“ تنهن تي مريم ڦري عبرانيءَ ۾ چيس تہ ”ربوني!“ يعني ”اي منهنجا گرو!“

17 يسوع کيس چيو تہ ”مون کي چنبڙي نہ پئُہ. آءٌ اڃا پتا وٽ مٿي موٽي نہ ويو آهيان. پر تون منهنجي ڀائرن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ آءٌ مٿي موٽي وڃان ٿو پنهنجي پتا ۽ اوهان جي پتا ڏانهن، يعني پنهنجي ايشور ۽ اوهان جي ايشور ڏانهن.“

18 پوءِ مريم مگدلينيءَ اچي چيلن کي اها ڳالهہ ٻڌائي تہ ”مون پرڀوءَ کي ڏٺو آهي.“ هن کين اهي ڳالهيون بہ ٻڌايون جيڪي پرڀو يسوع ساڻس ڪيون هيون.


چيلن کي درشن ڏيڻ
( متي 28‏:16‏-20 ، مرقس 16‏:14‏-18 ، لوقا 24‏:36‏-49 )

19 انهيءَ ساڳئي آچر جي ڏينهن شام جو جڏهن چيلا يهودي اڳواڻن جي ڊپ کان در دروازا بند ڪيو ويٺا هئا تہ يسوع اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”اوهان تي شانتي هجي.“

20 ائين چوڻ کان پوءِ هن چيلن کي پنهنجا هٿ ۽ پاسو ڏيکاريو. تنهن تي يسوع کي سڃاڻيندي ئي چيلا خوشيءَ ۾ ڀرجي ويا.

21 تڏهن يسوع وري چين تہ ”اوهان تي شانتي هجي. جيئن پتا مون کي موڪليو آهي، تيئن آءٌ بہ اوهان کي موڪليان ٿو.“

22 پوءِ هنن تي ڦوڪ ڏيندي کين چيائين تہ ”وٺو هيءَ پوِتر آتما.

23 جيڪڏهن اوهين ماڻهن جا پاپ معاف ڪري ڇڏيندا تہ کين معاف ڪيو ويندو، پر جيڪڏهن اوهين انهن کي معاف نہ ڪندا تہ کين معاف نہ ڪيو ويندو.“


توما جو شڪ دور ڪرڻ

24 توما انهن ٻارهن چيلن مان هڪڙو هو جنهن کي جاڙو بہ سڏيندا هئا، سو يسوع جي اچڻ مهل چيلن سان گڏ نہ هو.

25 اهو جڏهن آيو تہ ٻين چيلن ٻڌايس تہ ”اسان پرڀوءَ کي ڏٺو آهي.“ تنهن تي هن چيو تہ ”جيستائين آءٌ سندس هٿن ۾ ڪوڪن جا نشان نہ ڏسندس ۽ ڪوڪن جي نشانن ۾ پنهنجي آڱر نہ وجھندس ۽ سندس پاسي ۾ هٿ نہ وجھندس، تيستائين آءٌ اصل ڪونہ مڃيندس.“

26 هفتي کان پوءِ چيلا وري گھر ۾ گڏ ويٺا هئا ۽ هن ڀيري توما بہ ساڻن گڏ ويٺو هو. گھر جا در دروازا بند هئا تہ يسوع اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”اوهان تي شانتي هجي.“

27 پوءِ هن توما کي چيو تہ ”اچ ۽ پنهنجي آڱر هيڏانهن ڪري منهنجي هٿ ۾ وجھي ڏس ۽ پنهنجو هٿ هيڏانهن منهنجي پاسي ۾ وجھہ. بي‌وشواس نہ ٿيءُ پر وشواس رک.“

28 تنهن تي توما چيس تہ ”اي منهنجا پرڀو! اي منهنجا ايشور!“

29 يسوع چيس تہ ”تو مون کي ڏٺو آهي، تنهنڪري وشواس رکيو اٿيئي. پر سڀاڳا آهن اهي جيڪي ڏسڻ کان سواءِ ئي وشواس ٿا رکن.“


هن شاستر جو مقصد

30 چيلن جي روبرو يسوع ٻيا بہ ڪيترائي چمتڪار ڪيا، جيڪي هن شاستر ۾ لکيا نہ ويا آهن.

31 پر جيڪي لکيا ويا آهن تن جو مقصد هي آهي تہ جيئن اوهين وشواس آڻيو تہ يسوع ئي مسيح ۽ ايشور جو پٽ آهي ۽ مٿس وشواس آڻڻ سان اوهان کي هن ۾ جيون ملي.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan