يوحنا 2 - Hindu Sindhi Bibleقانا ۾ شادي 1 ٽئين ڏينهن تي گليل جي ڳوٺ قانا ۾ ڪا شادي هئي ۽ يسوع جي ماتا بہ اتي آيل هئي. 2 يسوع ۽ سندس چيلا بہ انهيءَ شاديءَ جي دعوت ۾ موجود هئا. 3 دعوت ۾ جڏهن مئي ختم ٿي ويئي تہ يسوع جي ماتا کيس چيو تہ ”هنن وٽ تہ مهمانن لاءِ مئي کُٽي ويئي آهي.“ 4 تنهن تي يسوع کيس چيو تہ ”ماتا! تنهنجي انهيءَ ڳالهہ جو مون سان ڪهڙو واسطو؟ منهنجي گھڙي اڃا ڪانہ آئي آهي.“ 5 تنهن تي يسوع جي ماتا نوڪرن کي چيو تہ ”جيئن هو چوي تيئن ڪريو.“ 6 اتي يهودين جي پوِترتائيءَ جي رسم لاءِ پٿر جا ڇهہ مٽ رکيل هئا. هر هڪ مٽ ۾ اٽڪل هڪ سؤ ليٽر ماپي سگھيا ٿي. 7 يسوع نوڪرن کي چيو تہ ”هي مٽ پاڻيءَ سان ڀري ڇڏيو.“ سو هنن اهي مٽ ڀري ٽمٽار ڪري ڇڏيا. 8 پوءِ هن کين چيو تہ ”هاڻي انهن مان ڪجھہ ڪڍي شاديءَ جي مُک سيواداريءَ وٽ کڻي وڃو.“ سو هو اهو کڻي ويا. 9 مُک سيواداريءَ اهو پاڻي چکيو، جيڪو هاڻي مئي ٿي پيو هو. نوڪرن، جن پاڻي ڪڍيو هو تن کي سڌ هئي تہ هيءَ مئي ڪٿان آئي آهي، پر مُک سيواداريءَ کي سڌ ڪانہ هئي. سو هن گھوٽ کي گھرايو 10 ۽ کيس چيائين تہ ”سڀڪو ماڻهو پهريائين سٺي مئي پيش ڪندو آهي ۽ جڏهن ماڻهو پي ڍءُ ڪندا آهن، تہ پوءِ سادي مئي پيش ڪندو آهي. پر تو وري سٺي مئي هن مهل تائين بچائي رکي آهي.“ 11 هي يسوع جو پهريون چمتڪار هو، جيڪو هن گليل جي ڳوٺ قانا ۾ نشانيءَ طور ڏيکاري پنهنجي مهانتا ظاهر ڪئي. اهو ڏسي سندس چيلن مٿس وشواس آندو. 12 تنهن کان پوءِ يسوع، سندس ماتا، ڀائر ۽ سندس چيلا ڪفرناحوم شهر ڏانهن ويا، جتي هو ڪجھہ ڏينهن رهيا. هيڪل مان واپارين کي تڙي ڪڍڻ ( متي 21:12-13 ، مرقس 11:15-17 ، لوقا 19:45-46 ) 13 يهودين جي فصح جو تهوار ويجھو هو تہ يسوع يروشلم ڏانهن ويو. 14 اتي هن وڃي ڏٺو تہ ماڻهو ٻليدان ڪرڻ لاءِ هيڪل جي اڱڻ ۾ ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون ۽ ڪبوتر وڪڻي رهيا آهن. ان کان علاوہ پئسا مَٽائي هيڪل جا سڪا ڏيڻ وارا بہ پنهنجا صندل رکيو ويٺا آهن. 15 اهو ڏسي هن نوڙين جو چهبڪ ٺاهي انهن سڀني کي سندن رڍن ۽ ڍڳن سميت هيڪل جي اڱڻ مان تڙي ڪڍي ڇڏيو ۽ پئسا مَٽائڻ وارن جا پئسا اڇلائي سندن صندل اونڌا ڪري ڇڏيائين. 16 ڪبوتر وڪڻڻ وارن کي چيائين تہ ”اهي هتان کڻي وڃو. منهنجي پتا جي گھر کي بازار نہ بڻايو.“ 17 تڏهن سندس چيلن کي پوِتر شاستر جي اها لکت ياد آئي تہ ”اي ايشور! تنهنجي گھر لاءِ منهنجي غيرت مون کي جلائيندي.“ 18 تڏهن يهودي اڳواڻن کيس چيو تہ ”تو کي ڪهڙو حق آهي جو تون ائين ڪرين ٿو؟ ثابتيءَ لاءِ ايشور طرفان ڪا نشاني ڏيکار.“ 19 يسوع وراڻين تہ ”اوهين هن هيڪل کي ڊاهيو تہ آءٌ اها ٽن ڏينهن ۾ وري ٺاهيندس.“ 20 تنهن تي انهن اڳواڻن چيس تہ ”هن هيڪل کي ٺهڻ ۾ ڇائيتاليهہ سال لڳا آهن. تون وري اها ٽن ڏينهن ۾ ٺاهيندين؟“ 21 پر يسوع جنهن هيڪل بابت ڳالهہ ٿي ڪئي تنهن مان مراد سندس پنهنجو شرير هو. 22 تنهنڪري جڏهن هو مئلن مان جيوت ٿي اٿيو، تڏهن سندس چيلن کي ياد آيو تہ هن ڇا چيو هو. سو هنن کي پوِتر شاستر جي لکت ۽ يسوع جي چيل انهيءَ ڳالهہ تي يقين ٿي ويو. يسوع مسيح دلين کي ڄاڻي ٿو 23 فصح جي تهوار جي موقعي تي جڏهن يسوع يروشلم ۾ هو، تڏهن سندس چمتڪارَ ڏسي ڪيترن ئي ماڻهن مٿس وشواس آندو. 24 پر يسوع انهن تي اعتبار نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ هن سڀني کي ڄاتو پئي. 25 هن کي ڪابہ ضرورت ڪانہ هئي تہ ڪو ماڻهو ڪنهن بابت کيس ٻڌائي، ڇاڪاڻ تہ هن پاڻ ئي ٿي ڄاتو تہ انسان جي دل ۾ ڇا ڇا آهي. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society