يوحنا 19 - Hindu Sindhi Bible1 تڏهن پلاطس يسوع کي ڪوڙا هڻايا. 2 سپاهين ڪنڊن جو تاج ٺاهي يسوع جي مٿي تي رکيو ۽ کيس واڱڻائي رنگ جو جبو پهرايائون. 3 پوءِ وٽس ڦري ڦري اچي چوڻ لڳا تہ ”نمسڪار، اي يهودين جا راجا!“ ان کان علاوہ هنن کيس منهن تي چماٽون بہ هنيون. 4 پلاطس هڪ دفعو وري ٻاهر آيو ۽ ماڻهن کي چيائين تہ ”ڏسو، آءٌ هن کي ٻاهر اوهان وٽ وٺي ٿو اچان تہ جيئن اوهان کي سڌ پوي تہ مون کي منجھس ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“ 5 پوءِ يسوع انهيءَ ڪنڊن جي تاج ۽ واڱڻائي جبي سان ٻاهر آيو. تڏهن پلاطس کين چيو تہ ”ڏسو، هي آهي اهو ماڻهو.“ 6 جڏهن سردار ڪاهنن ۽ هيڪل جي پهريدارن يسوع کي ڏٺو تہ اهي واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”هن کي سوليءَ تي چاڙهيو، سوليءَ تي.“ پر پلاطس چين تہ ”اوهين پاڻ وٺي وڃي سوليءَ تي چاڙهيوس. مون کي تہ هن ۾ ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“ 7 تنهن تي انهن ماڻهن زور ڀري چيو تہ ”اسان وٽ موسيٰ جو نيم آهي ۽ ان موجب هو موت جي لائق آهي، ڇاڪاڻ تہ هن ايشور جو پٽ هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.“ 8 جڏهن پلاطس اهو ٻڌو تہ هيڪاري اچي ڊپ ورتس. 9 تڏهن هو محلات ۾ موٽي ويو ۽ يسوع کان پڇيائين تہ ”تون ڪٿان جو آهين؟“ پر يسوع کيس ڪوبہ جواب نہ ڏنو. 10 تنهن تي پلاطس چيس تہ ”ڇا تون مون سان نہ ٿو ڳالهائڻ چاهين؟ ياد رک، مون کي اهو اختيار مليل آهي تہ تو کي آزاد ڪريان يا سوليءَ تي چاڙهيان.“ 11 يسوع وراڻيس تہ ”جيڪڏهن تو کي ايشور جي طرفان اهو اختيار مليل نہ هجي ها تہ تنهنجو ڪو زور مون تي نہ هلي ها. سو جنهن ماڻهوءَ مون کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي سو وڌيڪ ڏوهاري آهي.“ 12 تنهن تي پلاطس اها ڪوشش ڪرڻ لڳو تہ يسوع کي ڇڏي ڏئي، پر اهي ماڻهو واڪا ڪندا رهيا تہ ”جيڪڏهن اوهان هن ماڻهوءَ کي ڇڏي ڏنو تہ اوهين قيصر جا سڄڻ نہ آهيو. جيڪو بہ پاڻ کي راجا ٿو سڏائي سو قيصر جي خلاف آهي.“ 13 جڏهن پلاطس اهو ٻڌو تڏهن هو يسوع کي ٻاهر وٺي آيو ۽ جنهن جاءِ کي ”پٿريلو ٿلهو“ چوندا آهن ۽ عبرانيءَ ۾ ”گبٿا“ سڏيندا آهن، تنهن جاءِ تي عدالت جي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو. 14 اهو فصح جي تهوار جي تياريءَ جو ڏينهن هو ۽ منجھند جو وقت هو. پلاطس انهن ماڻهن کي چيو تہ ”ڏسو، هي آهي اوهان جو راجا.“ 15 پر انهن وڏي واڪي چيو تہ ”وٺي وڃونس، وٺي وڃونس. وڃي سوليءَ تي چاڙهيوس.“ تنهن تي پلاطس انهن کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ اوهان جي راجا کي سوليءَ تي چاڙهيان؟“ سردار ڪاهنن وراڻيو تہ ”قيصر کان سواءِ اسان جو ٻيو ڪوبہ راجا نہ آهي.“ 16 تنهن تي پلاطس سندن مرضيءَ موجب يسوع کي سوليءَ تي چاڙهڻ لاءِ سپاهين جي حوالي ڪيو. تڏهن سپاهي يسوع کي وٺي يروشلم کان ٻاهر نڪري آيا. يسوع مسيح کي سوليءَ تي چاڙهڻ ( متي 27:32-44 ، مرقس 15:21-32 ، لوقا 23:26-43 ) 17 هو پاڻ پنهنجي سولي کڻي انهيءَ جاءِ تي آيو، جنهن کي عبرانيءَ ۾ ”گُلگُتا“ يعني ”کوپريءَ جي جاءِ“ سڏيندا آهن. 18 اتي هنن کيس سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هنيا ۽ ساڻس گڏ ٻين ٻن ماڻهن کي بہ سوليءَ تي چاڙهيائون، هڪڙي کي هڪ پاسي ۽ ٻئي کي ٻئي پاسي ۽ وچ ۾ يسوع کي. 19 پلاطس هڪ تختي سوليءَ تي هڻائي ڇڏي، جنهن تي لکيل هو تہ ”يسوع ناصري، يهودين جو راجا.“ 20 گھڻن ئي ماڻهن اها تختي پڙهي، ڇاڪاڻ تہ جنهن جاءِ تي يسوع کي سوليءَ تي چاڙهيو هئائون، سا شهر جي ويجھو هئي ۽ لکت عبراني، لاطيني ۽ يوناني ٻولين ۾ هئي. 21 اهو پڙهي يهودين جي سردار ڪاهنن پلاطس وٽ اعتراض ڪيو تہ ”ائين نہ لکايو ها تہ ’يهودين جو راجا،‘ پر هيئن لکايو تہ ’هن جو چوڻ هو تہ آءٌ يهودين جو راجا آهيان.‘“ 22 تنهن تي پلاطس وراڻين تہ ”بس، جيڪو مون لکايو سو لکايو.“ 23 پوءِ سپاهي جڏهن يسوع کي سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻي چڪا تہ سندس ڪپڙن کي کڻي چار حصا ڪيائون، هر ڪنهن لاءِ هڪ هڪ حصو. پوءِ جبو بہ کنيائون، جيڪو اڻسبيل هو ۽ مٿي کان هيٺ تائين سڄو ئي هڪڙي ڪپڙي جو ٺهيل هو. 24 انهيءَ لاءِ سپاهين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ”جبي کي ڦاڙيون نہ ٿا پر پُکو ٿا وجھون تہ اهو ڪنهن جو ٿو ٿئي.“ سپاهين ائين ئي ڪيو. اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن پوِتر شاستر جي لکت پوري ٿئي، جنهن ۾ لکيل آهي تہ ”انهن منهنجا ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائي کنيا ۽ منهنجي پوشاڪ لاءِ پُکا وڌائون.“ 25 يسوع جي سوليءَ جي ڀرسان سندس ماتا، ماسي، ڪلوپاس جي پتني مريم ۽ مريم مگدليني بيٺيون هيون. 26 جڏهن يسوع پنهنجي ماتا ۽ انهيءَ چيلي کي جنهن سان سندس پيار هو، اتي ڀرسان بيٺل ڏٺو تہ هن پنهنجي ماتا کي چيو تہ ”ماتا! هي تنهنجو پٽ آهي.“ 27 وري انهيءَ چيلي کي چيائين تہ ”هيءَ تنهنجي ماتا آهي.“ انهيءَ ئي ڏينهن اهو چيلو يسوع جي ماتا کي پنهنجي گھر رهائڻ لاءِ وٺي ويو. يسوع مسيح جو مِرتيو ( متي 27:45-56 ، مرقس 15:33-41 ، لوقا 23:44-49 ) 28 پوءِ جڏهن يسوع ڄاتو تہ هاڻي هر ڳالهہ پوري ٿي چڪي آهي، تڏهن پوِتر شاستر جي لکت کي پوري ڪرڻ لاءِ هن چيو تہ ”مون کي اڃ لڳي آهي.“ 29 اتي هڪڙو ٿانءُ سادي مئي سان ڀريل رکيو هو. تنهن مان انهن سپاهين فوم جهڙي هڪ شيءِ ٻوڙي زوفا جي ڪاٺيءَ تي رکي سندس وات سان لڳايائون. 30 يسوع اها مئي چوسي چيو تہ ”هاڻي پورو ٿيو.“ پوءِ هن پنهنجو ڪنڌ جھڪايو ۽ دم ڏنائين. يسوع مسيح جي پاسي ۾ نيزو هڻڻ 31 اهو تياريءَ جو ڏينهن هو ۽ ايندڙ ڏينهن يهودين لاءِ خاص سبت جو ڏينهن هو. تنهنڪري يهودي اڳواڻن نہ ٿي چاهيو تہ لاش سولين تي ٽنگيل رهن. سو انهن پلاطس کي وينتي ڪئي تہ ”سوليءَ وارن جون ٽنگون ڀڳيون وڃن تہ جيئن جلدي مري وڃن ۽ پوءِ لاش سولين تان لاٿا وڃن.“ 32 تنهن تي سپاهي آيا ۽ جيڪي يسوع سان گڏ سولين تي ٽنگيل هئا تن مان پهريائين هڪڙي جون ٽنگون ڀڳائون ۽ پوءِ ٻئي جون. 33 پر جڏهن يسوع وٽ آيا ۽ ڏٺائون تہ هن اڳ ۾ ئي دم ڏنو آهي، تڏهن سندس ٽنگون نہ ڀڳائون. 34 جڏهن تہ سپاهين مان هڪڙي يسوع جي پاسي ۾ نيزو هنيو تہ هڪدم رت ۽ پاڻي نڪري آيو. 35 جنهن ماڻهوءَ اهو ڏٺو تنهن انهيءَ جي شاهدي ڏني آهي تہ جيئن اوهين بہ وشواس آڻيو. سندس شاهدي سچي آهي ۽ هو ڄاڻي ٿو تہ جيڪو هو چوي ٿو سو سچ آهي. 36 اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن پوِتر شاستر جي لکت پوري ٿئي جنهن ۾ لکيل آهي تہ ”هن جي هڪڙي بہ هڏي ڀڳي نہ ويندي.“ 37 وري ٻي پوِتر لکت ۾ آهي تہ ”ماڻهو انهيءَ ڏانهن ڏسندا، جنهن کي گھاءُ ڏيئي زخمي ڪيو هئائون.“ يسوع مسيح جو ڪفن دفن ( متي 27:57-61 ، مرقس 15:42-47 ، لوقا 23:50-56 ) 38 تنهن کان پوءِ ارمٿيا وارو يوسف، جيڪو يهودي اڳواڻن جي ڊپ ڪري ڳجھيءَ طرح يسوع جو چيلو هو، سو پلاطس وٽ آيو ۽ کيس وينتي ڪيائين تہ ”مون کي يسوع جو لاش کڻي وڃڻ جي آگيا ڏيو.“ پلاطس کيس آگيا ڏني. پوءِ هن وڃي لاش کنيو. 39 نيڪديمس بہ اتي آيو. هي اهو ماڻهو هو جنهن هڪڙو دفعو اڳ ۾ يسوع سان رات جو ملاقات ڪئي هئي. نيڪديمس مُرَ ۽ عُود ملائي کڻي آيو، جنهن جي تور اٽڪل چاليهہ ڪلوگرام هئي. 40 پوءِ جيئن يهودين ۾ دفن ڪرڻ جي رسم آهي تيئن انهن بہ يسوع جي لاش کي خوشبوءِ لڳائي ڪفن ۾ ويڙهيو. 41 جتي يسوع کي سوليءَ تي چاڙهيو ويو هو، اتي هڪڙو باغ هو. انهيءَ باغ ۾ غار واري هڪڙي نئين قبر کوٽيل هئي جنهن ۾ اڃا تائين ڪنهن کي بہ دفن نہ ڪيو ويو هو. 42 جيئن تہ اهو ڏينهن يهودين جي تياريءَ جو ڏينهن هو تنهنڪري يسوع جي لاش کي کڻي اتي ئي رکيائون، ڇاڪاڻ تہ اها قبر ويجھي هئي. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society