يوحنا 18 - Hindu Sindhi Bibleيسوع مسيح جي گرفتاري ( متي 26:47-56 ، مرقس 14:43-50 ، لوقا 22:47-53 ) 1 جڏهن يسوع اها پرارٿنا ڪري چڪو، تڏهن هو پنهنجي چيلن سان گڏ نڪري يروشلم جي ٻاهران قدرون جي برساتي نهر مان پار لنگھي هڪڙي باغ ۾ داخل ٿيو. 2 يهوداہ دغاباز کي انهيءَ هنڌ جي سڌ هئي، ڇاڪاڻ تہ يسوع ڪيترائي دفعا پنهنجي چيلن سان گڏ اوڏانهن ويو هو. 3 سو يهوداہ پاڻ سان گڏ رومي سپاهين جو ٽولو ۽ ڪجھہ هيڪل جا پهريدار جيڪي سردار ڪاهنن ۽ فريسين موڪليا هئا، سي وٺي انهيءَ باغ ۾ داخل ٿيو. انهن وٽ هٿيار هئا ۽ کين هٿن ۾ مشعلون ۽ شمعدان هئا. 4 يسوع پوريءَ طرح ڄاتو پئي تہ ساڻس ڇا ٿيڻو آهي، سو هو ڪجھہ قدم اڳتي وڌي کانئن پڇڻ لڳو تہ ”اوهين ڪنهن کي ڳولي رهيا آهيو؟“ 5 انهن وراڻيس تہ ”يسوع ناصريءَ کي.“ تنهن تي هن چين تہ ”اهو تہ آءٌ آهيان.“ يهوداہ دغاباز بہ انهن سان گڏ بيٺو هو. 6 جيئن ئي يسوع کين چيو تہ ”اهو تہ آءٌ آهيان،“ تيئن اهي پوئتي هٽي وڃي زمين تي ڪري پيا. 7 تڏهن يسوع کانئن وري پڇيو تہ ”اوهين ڪنهن کي ڳولي رهيا آهيو؟“ انهن چيو تہ ”يسوع ناصريءَ کي.“ 8 تنهن تي يسوع چين تہ ”مون اوهان کي ٻڌايو تہ آهي تہ اهو آءٌ آهيان. سو جيڪڏهن اوهين مون کي ڳولي رهيا آهيو تہ پوءِ هنن ماڻهن کي ڇڏيو تہ وڃن.“ 9 هن اهو انهيءَ لاءِ چيو تہ جيڪو اڳي چيو هئائين سو پورو ٿئي تہ ”اي پتا! تو جيڪي مون کي ڏنا هئا تن مان مون ڪنهن هڪ کي بہ نہ وڃايو آهي.“ 10 ان وقت شمعون پطرس وٽ تلوار هئي، سو هن اها ڪڍي وڏي سردار ڪاهن جي نوڪر کي هنئي ۽ سندس ساڄو ڪن ڪپي وڌائين. انهيءَ نوڪر جو نالو ملخُس هو. 11 تنهن تي يسوع پطرس کي چيو تہ ”پنهنجي تلوار ورائي مياڻ ۾ وجھہ. ڇا آءٌ اهو پيالو نہ پيئان جيڪو پتا مون کي پيئڻ لاءِ ڏنو آهي؟“ 12 تڏهن رومي سپاهين جي ٽولي، سندن عملدار ۽ يهودين جي پهريدارن يسوع کي گرفتار ڪيو ۽ کيس ٻڌي قابو ڪيائون. 13 اهي پهريائين کيس يروشلم ۾ حَنا وٽ وٺي ويا، جيڪو انهيءَ سال جي وڏي سردار ڪاهن ڪائفا جو سهرو هو. 14 هي اهو ڪائفا هو، جنهن يهودي اڳواڻن کي اها صلاح ڏني هئي تہ اهو بهتر ٿيندو جو هڪ ماڻهو سڄيءَ قوم لاءِ مري. پطرس جو يسوع مسيح کي سڃاڻڻ کان انڪار ( متي 26:69-70 ، مرقس 14:66-68 ، لوقا 22:55-57 ) 15 شمعون پطرس هڪڙي ٻئي چيلي سان گڏ يسوع جي پٺيان هلندو پئي ويو. جيئن تہ انهيءَ ٻئي چيلي جي وڏي سردار ڪاهن سان واقفيت هئي، سو هو يسوع سان گڏ سندس گھر اندر اڱڻ ۾ ويو. 16 پر پطرس دروازي جي ٻاهران ئي بيٺو رهيو. تنهنڪري اهو ٻيو چيلو جنهن جي وڏي سردار ڪاهن سان واقفيت هئي سو موٽي ٻاهر آيو ۽ دربان ڪنيا کي چئي پطرس کي اندر وٺي وڃڻ لڳو. 17 تڏهن دربان ڪنيا پطرس کان پڇيو تہ ”ڇا تون انهيءَ ماڻهوءَ جي چيلن مان نہ آهين؟“ تنهن تي پطرس وراڻيو تہ ”آءٌ نہ آهيان.“ 18 انهيءَ مهل ڏاڍو سيءُ پئي پيو، سو نوڪرن ۽ پهريدارن ڪوئلن جي باهہ ٻاري ان جي چوڌاري بيٺي پاڻ کي سيڪيو. پطرس بہ انهن سان گڏ وڃي بيٺو ۽ پاڻ کي سيڪڻ لڳو. وڏي سردار ڪاهن جي يسوع کان پڇا ڳاڇا ( متي 26:59-66 ، مرقس 14:55-64 ، لوقا 22:66-71 ) 19 هوڏانهن وڏو سردار ڪاهن يسوع کان سندس چيلن ۽ سکيا بابت پڇڻ لڳو. 20 يسوع وراڻيس تہ ”مون سنسار سان کُليو کُلايو ڳالهايو آهي. آءٌ هميشہ ڀڳتيءَ وارين جاين ۽ هيڪل ۾ سکيا ڏيندو رهيو آهيان، جتي سڀ ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن. مون ڳجھيءَ طور ڪابہ ڳالهہ نہ چئي آهي. 21 پوءِ اوهين مون کان ڇو پڇي رهيا آهيو؟ انهن ماڻهن کان پڇو جن منهنجيون ڳالهيون ٻڌيون آهن. انهن کي سڌ آهي تہ مون ڇا چيو آهي.“ 22 جڏهن يسوع هي چيو تہ ڀرسان بيٺل پهريدارن مان هڪڙي سندس منهن تي چماٽ هڻي چيس تہ ”وڏي سردار ڪاهن کي ائين ٿو جواب ڏئين!“ 23 تنهن تي يسوع وراڻيس تہ ”جيڪڏهن مون ڪا غلط ڳالهہ ڪئي هجي تہ اها سڀني جي اڳيان ٻڌاءِ. پر جيڪڏهن مون سچ چيو آهي تہ پوءِ تون مون کي ڇو ٿو مارين؟“ 24 پوءِ حَنا کيس ٻڌل حالت ۾ ئي وڏي سردار ڪاهن ڪائفا ڏانهن ڏياري موڪليو. پطرس جو يسوع کي سڃاڻڻ کان وري انڪار ( متي 26:71-75 ، مرقس 14:69-72 ، لوقا 22:58-62 ) 25 شمعون پطرس اڃا تائين اتي بيٺي پاڻ کي سيڪيو. سو ٻين کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون انهيءَ ماڻهوءَ جي چيلن مان نہ آهين؟“ پطرس انڪار ڪندي چيو تہ ”آءٌ نہ آهيان.“ 26 تنهن تي وڏي سردار ڪاهن جي هڪڙي نوڪر جنهن جي مائٽ جو ڪن پطرس ڪپيو هو، تنهن چيو تہ ”ڇا مون تو کي هُن ماڻهوءَ سان گڏ باغ ۾ ڪين ڏٺو هو؟“ 27 پطرس وري بہ انڪار ڪيو ۽ انهيءَ دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني. يسوع مسيح پلاطس جي اڳيان ( متي 27:1-2 ، 11-14 ، مرقس 15:1-5 ، لوقا 23:1-5 ) 28 ٻئي ڏينهن صبح جو يسوع کي ڪائفا جي گھر کان رومي گورنر پلاطس جي محلات ۾ آندو ويو. يهودي اڳواڻ محلات جي اندر نہ ويا، انهيءَ لاءِ تہ اهي پنهنجي نيم جي رسم موجب اپوِتر نہ ٿين ۽ فصح جي تهوار واري رسوئي کائڻ جهڙا رهن. 29 سو پلاطس ٻاهر نڪري آيو ۽ کانئن پڇيائين تہ ”اوهين هن ماڻهوءَ تي ڪهڙي تهمت ٿا هڻو؟“ 30 تنهن تي انهن وراڻيو تہ ”جيڪڏهن هي ڏوهاري نہ هجي ها تہ اسين کيس اوهان جي حوالي نہ ڪريون ها.“ 31 پلاطس کين چيو تہ ”اوهين پاڻ هن کي وٺي وڃي پنهنجي نيم موجب سندس فيصلو ڪريو.“ يهودي اڳواڻن وراڻيو تہ ”اسان کي اختياري مليل نہ آهي تہ ڪنهن ماڻهوءَ کي موت جي سزا ڏيون.“ 32 اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ يسوع جهڙي نموني پنهنجي موت بابت ٻڌايو هو سو پورو ٿئي. 33 تڏهن پلاطس محلات ۾ اندر موٽي ويو ۽ يسوع کي گھرايائين. هُن کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون يهودين جو راجا آهين؟“ 34 يسوع وراڻيو تہ ”مون بابت هي سوال ڪرڻ لاءِ ڪنهن ٻئي اوهان کي چيو آهي يا اوهين پاڻ ٿا ڪريو؟“ 35 پلاطس وراڻيو تہ ”ڇو آءٌ يهودي آهيان ڇا؟ تنهنجي پنهنجي قوم وارن ۽ سردار ڪاهنن تو کي منهنجي حوالي ڪيو آهي. ٻڌاءِ تہ تو ڪيو ڇا آهي؟“ 36 يسوع وراڻيو تہ ”منهنجو راڄ هن سنسار جو نہ آهي. جيڪڏهن اهو هن سنسار جو هجي ها تہ جيڪر منهنجا سيواداري منهنجي لاءِ وڙهن ها، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ يهودي اڳواڻن جي حوالي نہ ڪيو وڃان. پر نہ، منهنجو راڄ هن سنسار جو نہ آهي.“ 37 تنهن تي پلاطس پڇيس تہ ”پوءِ ڇا تون راجا آهين؟“ يسوع وراڻيس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ. آءٌ انهيءَ مقصد لاءِ ڄائس ۽ هن سنسار ۾ آيس تہ سچ جي شاهدي ڏيان. جيڪو بہ سچ جي پاسي آهي سو منهنجي ٻڌي ٿو.“ 38 تنهن تي پلاطس چيس تہ ”ڀلا سچ ڇا آهي؟“ پوءِ پلاطس ٻاهر نڪري يهودي اڳواڻن وٽ آيو ۽ کين چيائين تہ ”مون کي تہ هن ۾ ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي. يسوع مسيح لاءِ موت جي سزا جو حڪم ( متي 27:15-31 ، مرقس 15:6-20 ، لوقا 23:13-25 ) 39 هاڻ جيئن تہ اوهان جي رسم موجب هر سال فصح جي تهوار جي موقعي تي آءٌ اوهان جي خاطر هڪڙو قيدي آزاد ڪندو آهيان، سو جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي تہ آءٌ اوهان جي خاطر هن يهودين جي راجا کي آزاد ڪريان؟“ 40 پر انهن وڏي واڪي چيو تہ ”نہ، انهيءَ کي نہ، پر برابا کي آزاد ڪريو.“ برابا هڪ ڌاڙيل هو. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society