يوحنا 17 - Hindu Sindhi Bibleيسوع مسيح جو چيلن لاءِ پرارٿنا ڪرڻ 1 انهن ڳالهين ڪرڻ کان پوءِ يسوع آڪاش ڏانهن نهاري پرارٿنا ڪرڻ لڳو تہ ”اي پتا! اها گھڙي اچي پهتي آهي. هاڻي تون پنهنجي پٽ جي جوت ظاهر ڪر تہ جيئن پٽ جي معرفت تنهنجي جوت ظاهر ٿئي. 2 تو ئي کيس سڀني انسانن تي اختيار ڏنو آهي تہ جيئن هو هر انهيءَ کي امر جيون بخشي جيڪو تو کيس ڏنو آهي. 3 امر جيون اهو آهي تہ اهي تو هڪ سچي ايشور کي ۽ مون يسوع مسيح کي ڄاڻين، جنهن کي تو موڪليو آهي. 4 جيڪو ڪم تو مون کي ڪرڻ لاءِ ڏنو هو، سو مون پورو ڪري ڌرتيءَ تي تنهنجي جوت ظاهر ڪئي آهي. 5 هاڻي اي پتا! تون پنهنجي شرڻ ۾ مون کي انهيءَ جوت ۾ شريڪ ڪر، جيڪا سنسار جي پيدا ٿيڻ کان اڳ مون کي تو سان گڏ هئي. 6 سنسار مان جيڪي ماڻهو تو مون کي ڏنا آهن، تن تي مون تو کي ظاهر ڪيو آهي. اهي تنهنجا هئا ۽ تو ئي مون کي ڏنا. انهن تنهنجي ڳالهين تي عمل ڪيو آهي 7 ۽ هاڻي انهن اهو ڄاڻي ورتو آهي تہ جيڪي ڪجھہ تو مون کي ڏنو آهي سو سڀ تو وٽان ئي آهي. 8 جيڪو سنديش تو مون کي ڏنو، سو مون انهن تائين پهچايو آهي ۽ انهن اهو قبول ڪيو آهي. انهن اها حقيقت ڄاڻي ورتي آهي تہ آءٌ تو وٽان آيو آهيان، بلڪ سندن وشواس آهي تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي. 9 آءٌ انهن لاءِ پرارٿنا ڪريان ٿو، پر سنسار سان واسطو رکندڙن لاءِ نہ. هائو، انهن ماڻهن لاءِ ئي آءٌ پرارٿنا ڪريان ٿو جيڪي تو مون کي ڏنا آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي تنهنجا آهن. 10 جيڪي منهنجا آهن سي سڀ تنهنجا آهن ۽ جيڪي تنهنجا آهن سي منهنجا آهن ۽ انهن جي وسيلي منهنجي جوت ظاهر ٿي آهي. 11 هاڻي آءٌ تو ڏانهن اچي رهيو آهيان ۽ سنسار ۾ وڌيڪ نہ رهندس، پر اهي اڃا سنسار ۾ رهندا. اي پوِتر پتا! تون پنهنجي پوِتر ذات جيڪا تو منهنجي وسيلي ظاهر ڪئي آهي، تنهن ۾ انهن کي قائم رک، انهيءَ لاءِ تہ اهي گڏجي هڪ ٿي رهن، جيئن تون ۽ آءٌ هڪ آهيون. 12 جيستائين آءٌ انهن سان گڏ هئس، تيستائين تنهنجي انهيءَ پوِتر ذات جيڪا تو منهنجي وسيلي ظاهر ڪئي آهي، تنهن ۾ کين قائم رکندو آيو آهيان ۽ سندن سنڀال ڪئي اٿم. انهن مان مون ڪوبہ نہ وڃايو آهي، سواءِ انهيءَ جي جيڪو برباد ٿيڻو هو، تہ جيئن پوِتر شاستر جي لکت پوري ٿئي. 13 هاڻي آءٌ تو وٽ اچي رهيو آهيان. پر جيستائين آءٌ سنسار ۾ آهيان تيستائين اهي ڳالهيون انهيءَ لاءِ ٻڌايان ٿو تہ جيئن منهنجي پوري خوشي انهن کي حاصل ٿئي. 14 مون تنهنجو سنديش انهن جي حوالي ڪيو آهي. سو سنسار انهن کان نفرت ڪري ٿو، ڇاڪاڻ تہ جيئن آءٌ سنسار جو نہ آهيان، تيئن اهي بہ سنسار جا نہ آهن. 15 منهنجي پرارٿنا اها نہ آهي تہ تون کين سنسار مان کڻي وٺ، پر اها پرارٿنا آهي تہ کين شيطان کان بچاءِ. 16 جيئن آءٌ سنسار جو نہ آهيان تيئن اهي بہ سنسار جا نہ آهن. 17 بيشڪ تنهنجيون ڳالهيون سچيون آهن. سو سچ جي وسيلي انهن کي مخصوص ڪر. 18 جيئن تو مون کي سنسار ۾ موڪليو آهي، تيئن مون بہ انهن کي سنسار ۾ موڪليو آهي. 19 آءٌ پاڻ کي انهن جي خاطر انهيءَ لاءِ مخصوص ٿو ڪريان، تہ جيئن اهي بہ سچ جي وسيلي تو لاءِ مخصوص ڪيا وڃن. 20 آءٌ رڳو انهن لاءِ پرارٿنا نہ ٿو ڪريان جيڪي تو مون کي ڏنا آهن، پر انهن لاءِ بہ پرارٿنا ڪريان ٿو جيڪي سندن سنديش جي وسيلي مون تي وشواس آڻيندا، 21 انهيءَ لاءِ تہ اهي سڀ گڏجي هڪ ٿين. اي پتا! جهڙيءَ طرح تون مون ۾ آهين ۽ آءٌ تو ۾ آهيان، تهڙيءَ طرح شل اهي بہ اسان ۾ گڏجي هڪ ٿين، تہ جيئن سنسار يقين ڪري تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي. 22 سو تنهنجي اها جوت جنهن ۾ تو مون کي شريڪ ڪيو آهي تنهن ۾ مون کين شريڪ ڪيو آهي، تہ جيئن اهي گڏجي هڪ ٿين جهڙيءَ طرح اسين پاڻ ۾ هڪ آهيون. 23 يعني آءٌ انهن ۾ آهيان ۽ تون مون ۾ آهين، تہ جيئن اهي پوريءَ طرح پاڻ ۾ هڪ ٿي وڃن. اهڙيءَ طرح سنسار ڄاڻي وٺي تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي ۽ تون انهن سان ايترو پيار ڪرين ٿو جيترو تو مون سان ڪيو آهي. 24 اي پتا! آءٌ چاهيان ٿو تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آهن سي اتي مون سان گڏ هجن جتي آءٌ هجان، تہ جيئن اهي منهنجي اها جوت ڏسن جنهن ۾ تو مون کي پاڻ سان انهيءَ لاءِ شريڪ ڪيو آهي جو سنسار جي پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي تون مون سان پيار ڪرين ٿو. 25 اي سچا پتا! سنسار تو کي نہ ڄاتو، پر آءٌ تو کي ڄاڻان ٿو. هنن چيلن بہ ڄاڻي ورتو آهي تہ تو مون کي موڪليو آهي. 26 مون تو کي انهن تي ظاهر ڪيو آهي ۽ اڃا بہ ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو پيار تو مون سان ڪيو آهي سو انهن ۾ هجي ۽ آءٌ بہ انهن ۾ هجان.“ |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society