Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يوحنا 16 - Hindu Sindhi Bible

1 اهي سڀ ڳالهيون مون اوهان کي انهيءَ لاءِ ٻڌايون آهن تہ جيئن اوهين ڀَٽڪي نہ وڃو.

2 ڏسو، ماڻهو اوهان کي ڀڳتيءَ وارين جاين مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا، بلڪ اهو وقت بہ ايندو جڏهن ڪو اوهان کي قتل ڪندي ائين سمجھندو تہ ’آءٌ ايشور جي سيوا ٿو ڪريان.‘

3 اهي هي ڪم انهيءَ ڪري ڪندا جو انهن نہ پتا کي ڄاتو آهي ۽ نہ مون کي.

4 مون اهي ڳالهيون اوهان کي انهيءَ لاءِ ٻڌايون آهن تہ جڏهن انهن ڳالهين جي ٿيڻ جو وقت اچي تہ اوهان کي ياد اچي تہ مون انهن بابت اڳي ئي اوهان کي ٻڌائي ڇڏيو هو.“ ”مون شروع ۾ اهي ڳالهيون اوهان کي انهيءَ ڪري نہ ٻڌايون جو آءٌ پاڻ اوهان سان گڏ هئس.


مددگار پوِتر آتما جو ڪم

5 پر جيئن تہ هاڻي آءٌ انهيءَ ڏانهن وڃي رهيو آهيان جنهن مون کي موڪليو آهي، تڏهن آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو. پر اوهان مان ڪوبہ مون کان اهو نہ ٿو پڇي تہ ’اوهين ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟‘

6 ان جي بدران منهنجي هنن ڳالهين ٻڌائڻ جي ڪري اوهين ڏاڍا غمگين ٿي پيا آهيو.

7 پر آءٌ اوهان کي حقيقت ٿو ٻڌايان تہ منهنجو هتان هليو وڃڻ ئي اوهان لاءِ وڌيڪ فائديمند آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن آءٌ نہ ويندس تہ اهو مددگار اوهان وٽ نہ ايندو. پر جيڪڏهن آءٌ ويندس تہ پوءِ هن کي اوهان ڏانهن ضرور موڪليندس.

8 جڏهن هو ايندو تڏهن ظاهر ڪندو تہ سڄو سنسار پاپ، سچائيءَ ۽ عدالت جي باري ۾ ڪيڏو نہ ڀَٽڪيل آهي،

9 پاپ جي باري ۾ انهيءَ ڪري جو ماڻهو مون تي وشواس نہ ٿا آڻين،

10 سچائيءَ جي باري ۾ انهيءَ ڪري جو آءٌ پتا ڏانهن وڃي رهيو آهيان ۽ هاڻي کان اوهين مون کي نہ ڏسندا،

11 ۽ عدالت جي باري ۾ انهيءَ ڪري جو هن سنسار جي سردار کي پاپي قرار ڏنو ويو آهي.

12 مون کي اوهان سان اڃا ٻيون بہ گھڻيون ڳالهيون ڪرڻيون آهن، پر هينئر اوهين اهي سهي ڪين سگھندا.

13 تنهن هوندي بہ جڏهن سچ جي آتما ايندي، تڏهن اها پوري سچائيءَ ڏانهن اوهان جي رهنمائي ڪندي. اها پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ چوندي، پر ايشور کان جيڪو ٻڌندي سو ئي چوندي ۽ ايندڙ وقت ۾ جيڪي ڳالهيون اوهان کي پيش اينديون سي اوهان کي کولي ٻڌائيندي.

14 اهڙيءَ طرح اها منهنجي جوت ظاهر ڪندي، ڇاڪاڻ تہ اهي منهنجيون ڳالهيون هونديون جيڪي اوهان کي کولي ٻڌائيندي.

15 جيڪي ڪجھہ منهنجي پتا جو آهي سو منهنجو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مون اوهان کي چيو تہ پوِتر آتما منهنجيون ڳالهيون اوهان کي کولي ٻڌائيندي.“


ڏکن پٺيان سک

16 يسوع وڌيڪ چيو تہ ”ٿوريءَ دير کان پوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا. پوءِ ٿوريءَ دير بعد اوهين مون کي وري ڏسندا.“

17 تڏهن سندس چيلن مان ڪي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”هن جو مطلب ڇا آهي جو هو اسان کي چوي ٿو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا. پوءِ ٿوريءَ دير بعد اوهين مون کي وري ڏسندا‘؟ هو هيئن بہ چوي ٿو تہ ’اهو انهيءَ ڪري جو آءٌ پتا ڏانهن وڃي رهيو آهيان.‘

18 انهيءَ ’ٿوريءَ دير‘ جو مطلب ڇا آهي؟ اسان کي تہ سندس ڳالهين جي سڌ نہ ٿي پوي.“

19 يسوع ڄاڻي ورتو تہ سندس چيلا کانئس ڪجھہ پڇڻ گھرن ٿا. سو کين چيائين تہ ”ڇا اوهين هڪٻئي کان اهو پڇي رهيا آهيو جيڪو مون چيو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا. پوءِ ٿوريءَ دير بعد اوهين مون کي وري ڏسندا‘؟

20 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين روئندا رڙندا، جڏهن تہ سنسار خوش ٿيندو. اوهين غمگين تہ ٿيندا پر اوهان جو غم خوشيءَ ۾ بدلجي ويندو.

21 جڏهن ناري ٻار ڄڻڻ تي هوندي آهي تڏهن هوءَ سورن ۾ هوندي آهي، ڇاڪاڻ تہ اها هن جي لاءِ سورن جي گھڙي آهي. پر جڏهن ٻار پيدا ٿيندو آهي تڏهن کانئس سڀ سور وسري ويندا آهن، ڇاڪاڻ تہ هوءَ خوش ٿيندي آهي تہ هن هڪ ٻار کي سنسار ۾ جنم ڏنو آهي.

22 اوهان سان بہ ائين ئي ٿيندو. هاڻي اوهان جي سورن جو وقت آهي. پر آءٌ اوهان سان وري ضرور ملندس. تڏهن اوهين ڏاڍا خوش ٿيندا ۽ اوهان جي اها خوشي اوهان کان ڪوبہ کسي نہ سگھندو.

23 انهيءَ ڏينهن اوهين مون کان ڪجھہ بہ نہ گھرندا، پر جيڪڏهن اوهين منهنجي نالي تي پتا کان گھرندا تہ آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هو اوهان کي سڀ ڪجھہ ڏيندو.

24 هن وقت تائين اوهان منهنجي نالي تي کانئس ڪجھہ بہ نہ گھريو آهي. سو گھرو تہ مليوَ، تہ جيئن اوهان جي خوشي پوري ٿئي.“


سنسار تي سوڀ

25 ”هن وقت تائين مون اوهان کي اهي ڳالهيون مثالن ۾ پئي ٻڌايون آهن. پر اهو وقت ايندو جڏهن آءٌ اوهان سان مثالن ۾ نہ ڳالهائيندس، بلڪ پتا بابت اوهان سان صاف صاف ڳالهيون ڪندس.

26 انهيءَ ڏينهن اوهين منهنجي نالي تي گھرندا. آءٌ اوهان کي ائين نہ ٿو چوان تہ اوهان لاءِ پتا کي ڪو سوال ڪندس تہ هو اوهان جي ٻڌي،

27 ڇاڪاڻ تہ پتا تہ پاڻ اوهان سان پيار ڪري ٿو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان مون سان پيار ڪيو آهي ۽ وشواس آندو اٿوَ تہ آءٌ پتا وٽان آيو آهيان.

28 هائو، آءٌ پتا وٽان نڪري سنسار ۾ آيس ۽ هاڻي سنسار کي ڇڏي پتا ڏانهن موٽي وڃان ٿو.“

29 تنهن تي چيلن کيس چيو تہ ”هاڻي تہ اوهين صاف صاف ڳالهائي رهيا آهيو ۽ مثالن ۾ نہ ٿا ڳالهايو.

30 هاڻي اسين سمجھون ٿا تہ اوهان کان ڪو سوال پڇڻ جي بہ ضرورت نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي سڀني ڳالهين جي ڄاڻ آهي. انهيءَ سبب اسين وشواس آڻيون ٿا تہ اوهين ايشور وٽان آيا آهيو.“

31 تنهن تي يسوع کين وراڻيو تہ ”ڇا اوهين هاڻي وشواس آڻيو ٿا؟

32 تہ پوءِ ڏسو، اها گھڙي اچي رهي آهي، بلڪ اچي پهتي آهي جڏهن اوهين سڀيئي ڇڙوڇڙ ٿي پنهنجي پنهنجي گھر هليا ويندا ۽ مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيندا. پر حقيقت ۾ آءٌ اڪيلو نہ آهيان، ڇاڪاڻ تہ پتا مون سان گڏ آهي.

33 مون اهي ڳالهيون اوهان کي انهيءَ لاءِ ٻڌايون آهن تہ جيئن مون ۾ اوهان کي شانتي ملي. سنسار ۾ اوهين تڪليفون سهندا رهو ٿا، پر همت نہ هاريو. مون سنسار تي سوڀ حاصل ڪئي آهي.“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan