يوحنا 13 - Hindu Sindhi Bibleيسوع مسيح جو چيلن جا پير ڌوئڻ 1 هاڻ جيئن تہ يسوع کي اها سڌ پئجي ويئي تہ ”منهنجي اها گھڙي اچي ويئي آهي جو آءٌ هي سنسار ڇڏي پتا ڏانهن وڃان،“ تنهن هوندي بہ جيڪي هن سنسار ۾ پنهنجا هئس تن کي هو انتم گھڙيءَ تائين پيار ڪندو آيو. فصح جي تهوار کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ 2 يسوع ۽ سندس چيلا رات جي رسوئي کائي رهيا هئا. انهيءَ وقت کان اڳ ئي شمعون جي پٽ يهوداہ اسڪريوتيءَ جي دل ۾ شيطان اها ڳالهہ وجھي ڇڏي هئي تہ هو يسوع سان دغا ڪري. 3 يسوع ڄاتو ٿي تہ ”پتا مون کي سڀ ڪجھہ هٿ ۾ ڏنو آهي.“ هن اهو بہ ڄاتو ٿي تہ ”آءٌ ايشور جي طرفان آيو آهيان ۽ ايشور ڏانهن موٽي وڃي رهيو آهيان.“ 4 اهو سڀ ڄاڻيندي يسوع رسوئيءَ تان اٿيو ۽ پنهنجو جبو لاهي ٽوال چيلهہ سان ٻڌائين. 5 پوءِ ڪجھہ پاڻي ٿالهہ ۾ وجھي پنهنجي چيلن جا پير ڌوئڻ لڳو ۽ چيلهہ سان ٻڌل ٽوال سان سندن پير اُگھڻ لڳو. 6 جڏهن هو شمعون پطرس وٽ آيو تہ هن چيس تہ ”اي پرڀو! اوهين منهنجا بہ پير ڌوئيندا ڇا؟“ 7 يسوع وراڻيس تہ ”تون هاڻي نہ ٿو سمجھين تہ آءٌ ڇا ڪري رهيو آهيان، پر پوءِ تو کي سڌ پوندي.“ 8 پطرس چيس تہ ”آءٌ پنهنجا پير اوهان کان ڪڏهن بہ نہ ڌئاريندس.“ يسوع چيس تہ ”جيڪڏهن تون پنهنجا پير مون کان نہ ٿو ڌئارين تہ پوءِ تنهنجو مون سان ڪوبہ واسطو نہ رهندو.“ 9 تنهن تي شمعون پطرس چيس تہ ”اي پرڀو! پوءِ منهنجا رڳو پير نہ ڌوئو، بلڪ منهنجا هٿ ۽ مٿو بہ ڌوئو.“ 10 يسوع چيس تہ ”جنهن جو اشنان ڪيل آهي تنهن کي پيرن ڌوئارڻ کان سواءِ ٻي ڪابہ گھرج نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ هو سڄو ئي پوِتر آهي. سو اوهين بہ پوِتر آهيو، پر سڀيئي نہ.“ 11 ان جو سبب اهو هو جو يسوع کي اڳي ئي سڌ هئي تہ ڪير ساڻس دغا ڪندو، تنهنڪري هن چيو تہ ”اوهين سڀيئي پوِتر نہ آهيو.“ 12 جڏهن يسوع چيلن جا پير ڌوئي چڪو ۽ جبو پائي وري پنهنجي جاءِ تي اچي ويٺو، تڏهن هن کانئن پڇيو تہ ”ڇا اوهان سمجھيو تہ مون اوهان لاءِ ڇا ڪيو؟ 13 اوهين مون کي گرو ۽ پرڀو ڪري ٿا سڏيو، سو برابر آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اهو ئي آهيان. 14 هاڻي جڏهن مون گرو ۽ پرڀو هوندي بہ اوهان جا پير ڌوتا آهن، تڏهن اوهان کي بہ گھرجي تہ هڪٻئي جا پير ڌوئيندا ڪريو. 15 مون اوهان کي اهو نمونو ڏنو آهي، تہ جيئن اوهين بہ ائين ئي ڪندا رهو جيئن مون اوهان سان ڪيو آهي. 16 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ غلام پنهنجي مالڪ کان وڏو نہ هوندو آهي، ساڳيءَ طرح نياپو پهچائيندڙ پنهنجي حاڪم کان وڏو نہ هوندو آهي. 17 هاڻي جيڪڏهن اوهين اهي ڳالهيون سمجھي انهن تي عمل ڪندا تہ ڪيڏا نہ سڀاڳا ٿيندا.“ يسوع مسيح جو پڪڙائڻ واري بابت ٻڌائڻ ( متي 26:20-25 ، مرقس 14:17-21 ، لوقا 22:21-23 ) 18 ”آءٌ اوهان سڀني بابت نہ ٿو ڳالهايان. جن کي مون چونڊيو آهي تن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. پر اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ پوِتر شاستر جي اها لکت پوري ٿئي تہ ’جيڪو منهنجو نمڪ کائي ٿو، سو ئي منهنجي خلاف ٿيو آهي.‘ 19 هاڻي انهيءَ ڳالهہ جي ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي آءٌ اوهان کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن ائين ٿئي تڏهن اوهين وشواس آڻيو تہ آءٌ اهو ئي آهيان. 20 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجي موڪليل کي قبول ڪندو، سو مون کي قبول ٿو ڪري ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري سو ايشور کي قبول ٿو ڪري جنهن مون کي موڪليو آهي.“ 21 جڏهن يسوع هي چئي چڪو، تڏهن ڏاڍو غمگين ٿي پيو ۽ کُليو کُلايو چيائين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهان مان هڪڙو مون کي پڪڙائيندو.“ 22 تنهن تي چيلا وائڙا ٿي هڪٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳا تہ هن اها ڳالهہ ڪنهن بابت چئي آهي. 23 چيلن مان هڪڙو جنهن سان يسوع جو پيار هو، سو يسوع جي سيني ڏانهن جھُڪي کائي رهيو هو. 24 تنهنڪري شمعون پطرس هن کي اشاري سان چيو تہ ”پڇا ڪر تہ اهو ڪير آهي، جنهن بابت هو ڳالهائي رهيو آهي.“ 25 پوءِ هن ائين ئي يسوع جي ويجھو هوندي کانئس پڇيو تہ ”اي پرڀو! اهو ڪير آهي؟“ 26 يسوع وراڻيو تہ ”آءٌ جنهن ماڻهوءَ کي ٿالهيءَ مان گرهہ ٻوڙي ڏيندس، سو ئي اهو آهي.“ پوءِ هن روٽيءَ جو گرهہ ٻوڙي شمعون اسڪريوتيءَ جي پٽ يهوداہ کي ڏنو. 27 جيئن ئي يهوداہ گرهہ ورتو تيئن ئي شيطان منجھس سمائجي ويو. يسوع کيس چيو تہ ”جيڪو تو کي ڪرڻو آهي سو جلدي ڪري وٺ.“ 28 هاڻي جن بہ اتي ويٺي کاڌو، تن مان ڪنهن بہ نہ سمجھيو تہ يسوع ڪهڙي مطلب سان يهوداہ اسڪريوتيءَ کي ائين چيو. 29 ڪن ائين پئي سمجھيو تہ جيئن تہ يهوداہ وٽ پئسن جي ڳوٿري رهندي آهي، تنهنڪري يسوع چويس ٿو تہ ”تهوار جي لاءِ جيڪي شيون وٺڻيون اٿيئي سي وٺ،“ يا وري ”ڪجھہ غريبن کي ڏي.“ 30 سو يهوداہ گرهہ وٺي هڪدم ٻاهر نڪري هليو ويو. اهو رات جو وقت هو. هڪ نئون حڪم 31 يهوداہ جي وڃڻ کان پوءِ يسوع چيو تہ ”هاڻي منشپتر جي جوت ظاهر ٿيڻ واري آهي ۽ هن مان ايشور جي جوت ظاهر ٿيندي. 32 جيئن تہ ايشور جي جوت منشپتر مان ظاهر ٿيندي تہ ايشور بہ هن کي پنهنجي جوت ۾ شريڪ ڪندو، بلڪ ڏسو، هاڻي ئي ٿو ڪريس. 33 اي منهنجا ٻارؤ! آءٌ اوهان سان گھڻو وقت نہ رهندس. اوهين مون کي ڳوليندا، پر جتي آءٌ وڃي رهيو آهيان اتي اچي نہ سگھندا. آءٌ اوهان کي اهو ئي ٻڌايان ٿو، جيڪو مون يهودي اڳواڻن کي ٻڌايو هو. 34 آءٌ اوهان کي هڪ نئون حڪم ٿو ڏيان تہ هڪٻئي سان پيار ڪريو. هائو، جهڙو مون اوهان سان پيار ڪيو آهي، تهڙو ئي اوهين بہ هڪٻئي سان پيار ڪريو. 35 جيڪڏهن اوهين هڪٻئي سان پيار ڪندا تہ پوءِ هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ اوهين منهنجا چيلا آهيو.“ پطرس جي انڪار بابت اڳڪٿي ( متي 26:31-35 ، مرقس 14:27-31 ، لوقا 22:31-34 ) 36 شمعون پطرس يسوع کان پڇيو تہ ”اي پرڀو! تون ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟“ يسوع وراڻيس تہ ”جتي آءٌ وڃي رهيو آهيان اتي تون مون سان هاڻي نہ ٿو هلي سگھين، پر پوءِ تون اتي ايندين.“ 37 پطرس پڇيس تہ ”اي پرڀو! آءٌ تو سان هاڻي ڇو نہ ٿو هلي سگھان؟ آءٌ تہ تنهنجي لاءِ پنهنجي جان بہ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.“ 38 يسوع وراڻيس تہ ”ڇا تون سچ پچ منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيندين؟ آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ اڄ رات ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ ئي تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“ |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society