Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يوحنا 12 - Hindu Sindhi Bible


يسوع مسيح کي عطر مکڻ
( متي 26‏:6‏-13 ، مرقس 14‏:3‏-9 )

1 فصح جي تهوار کان ڇهہ ڏينهن اڳ يسوع بيت‌عنياہ ڳوٺ ويو جتي لعزر رهندو هو، جنهن کي يسوع مئلن مان جيوت ڪيو هو.

2 اتي يسوع لاءِ رات جي رسوئي تيار ڪئي ويئي. مارٿا سيوا پئي ڪئي، جڏهن تہ لعزر يسوع ۽ ٻين مهمانن سان گڏ رسوئي کائڻ لاءِ ويٺو هو.

3 تڏهن مريم اڌ ليٽر تمام قيمتي عطر، جيڪو سچي سُرهي مُرَ مان تيار ڪيل هو، سو کڻي يسوع جي پيرن کي مکيو ۽ پوءِ پنهنجي وارن سان سندس پير اُگھيائين. انهيءَ عطر جي سرهاڻ سان سڄو گھر ڀرجي ويو.

4 يسوع جي چيلن مان هڪڙي جنهن جو نالو يهوداہ اسڪريوتي هو ۽ جيڪو اڳتي هلي ساڻس دغا ڪرڻ وارو هو،

5 تنهن چيو تہ ”ڇو نہ هي عطر ٽي سؤ چانديءَ جي سڪن ۾ وڪڻي غريبن کي دان ڏجي ها.“

6 هن اها ڳالهہ غريبن جي همدرديءَ لاءِ نہ چئي، پر هو پاڻ بي‌ايمان هو ۽ انهيءَ لاءِ چيائين تہ هو انهن پئسن مان بہ ڪجھہ چورائي ها، ڇاڪاڻ تہ پئسن جي ڳوٿري وٽس هوندي هئي.

7 يهوداہ جي انهيءَ ڳالهہ تي يسوع چيو تہ ”ڇڏيوس، ڇو تہ هن اهو عطر منهنجي ڪفن دفن لاءِ ئي بچائي رکيو هو.

8 غريب تہ هميشہ اوهان وٽ آهن، پر آءٌ هميشہ اوهان وٽ نہ هوندس.“


لعزر خلاف سازش سِٽڻ

9 ماڻهن جي وڏي ميڙ جڏهن ٻڌو تہ يسوع بيت‌عنياہ ۾ آهي، تڏهن اهي اوڏانهن ويا. اهي نہ رڳو يسوع کي، بلڪ لعزر کي بہ ڏسڻ ويا، جنهن کي يسوع مئلن مان جيوت ڪيو هو.

10 تنهنڪري سردار ڪاهن لعزر کي بہ مارڻ جون سازشون سِٽڻ لڳا،

11 ڇاڪاڻ تہ لعزر جي ڪري ڪيترائي ماڻهو انهن کي ڇڏي ويا هئا ۽ وڃي يسوع تي وشواس آندو هئائون.


يسوع مسيح جو يروشلم ۾ شان سان داخل ٿيڻ
( متي 21‏:1‏-11 ، مرقس 11‏:1‏-11 ، لوقا 19‏:28‏-40 )

12 ٻئي ڏينهن تي وڏو ميڙ جيڪو فصح جي تهوار تي آيو هو تنهن ٻڌو تہ يسوع يروشلم ۾ اچي رهيو آهي.

13 سو اهي ميڙ وارا کجيءَ جون ڇڙيون هٿن ۾ کڻي سندس آڌرڀاءَ لاءِ اڳڀرو ويا ۽ نعرا هڻڻ لڳا تہ ”ايشور جي مهما هجي! سڀاڳو آهي اهو، جيڪو پرميشور جي نالي تي ٿو اچي! بني اسرائيل جو راجا مبارڪ، مبارڪ!“

14 هوڏانهن يسوع کي هڪ کودڙو ملي ويو ۽ هو مٿس چڙهي ويٺو، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ

15 ”اي صيئون شهر جا رهاڪؤ! ڊڄو نہ، ڏسو، اوهان جو راجا اچي پيو، جيڪو کودڙي تي سوار آهي.“

16 سندس چيلن کي پهريائين تہ اهي ڳالهيون سمجھہ ۾ ڪين ٿي آيون. پر پوءِ جڏهن يسوع جي جوت ظاهر ٿي، تڏهن انهن کي ياد آيو تہ پوِتر شاستر ۾ هن بابت انهن ڳالهين جي اڳڪٿي ڪئي ويئي هئي ۽ ائين ئي ماڻهن ساڻس سلوڪ ڪيو.

17 لعزر کي قبر مان سڏي مئلن مان جيوت ڪرڻ مهل جيڪي ماڻهو يسوع سان گڏ هئا، سي انهيءَ چمتڪار جي شاهدي ڏيندا ٿي آيا.

18 انهيءَ سبب ڪيترائي ماڻهو يسوع سان ملڻ لاءِ آيا، ڇاڪاڻ تہ انهن ٻڌو هو تہ اهو چمتڪار هن ئي ڪيو آهي.

19 تنهن تي فريسي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”افسوس! اسين ناڪام ٿي پيا آهيون. ڏسو، سڄو سنسار سندس پٺيان لڳي پيو آهي.“


ڪن يونانين جو يسوع مسيح کي ڳولڻ

20 جيڪي ماڻهو يروشلم ۾ تهوار تي ڀڳتي ڪرڻ لاءِ آيا هئا، تن ۾ ڪي يوناني بہ هئا.

21 اهي فلپس وٽ آيا جيڪو گليل جي شهر بيت‌صيدا جو ويٺل هو ۽ وينتي ڪيائونس تہ ”اي سائين! اسين يسوع سان ملڻ چاهيون ٿا.“

22 فلپس اچي اندرياس کي اها ڳالهہ ٻڌائي ۽ پوءِ اندرياس ۽ فلپس ٻنهي وڃي يسوع کي ٻڌايو.

23 تنهن تي يسوع چيو تہ ”اها گھڙي اچي پهتي آهي، جڏهن منش‌پتر جي جوت ظاهر ٿيندي.

24 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪڻڪ جو داڻو زمين ۾ پورجي نہ ٿو تيستائين اڪيلو ٿو رهي. پر جي پورجي ٿو تہ ڪيترائي داڻا پيدا ڪري ٿو.

25 جيڪو بہ پنهنجي جان سان پيار ڪري ٿو سو اها وڃائيندو. پر جيڪو هن سنسار ۾ پنهنجي جان کي نظرانداز ڪري ٿو تنهن کي امر جيون ملندو.

26 جيڪو منهنجي سيوا ڪرڻ چاهي سو منهنجي پيروي ڪري، تہ جيئن جتي آءٌ آهيان اتي منهنجو سيواداري بہ هجي. منهنجو پتا انهيءَ کي مان ڏيندو جيڪو منهنجي سيوا ڪندو.“


يسوع مسيح جو پنهنجي موت بابت ٻڌائڻ

27 پوءِ يسوع چوڻ لڳو تہ ”منهنجي دل ڏکويل آهي، هاڻي آءٌ ڇا چوان؟ ڇا آءٌ ائين چوان تہ ’اي پتا! مون کي هن گھڙيءَ کان بچاءِ‘؟ پر هن گھڙيءَ لاءِ ئي تہ آءٌ آيو آهيان.

28 سو اي پتا! تون پنهنجي نالي جي مهانتا ظاهر ڪر.“ تنهن تي آڪاش مان آواز آيو تہ ”مون پنهنجي نالي جي مهانتا ظاهر ڪئي آهي ۽ وري بہ ڪندس.“

29 تڏهن جيڪي ماڻهو اتي بيٺا ٻڌي رهيا هئا، تن مان ڪن چيو تہ ”آڪاش مان گجگوڙ ٿيو“ ۽ ٻين وري چيو تہ ”ڪنهن دوت ساڻس ڳالهايو آهي.“

30 تنهن تي يسوع کين چيو تہ ”اهو آواز منهنجي لاءِ نہ پر اوهان جي لاءِ هو.

31 هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي جو هن سنسار کي پاپي قرار ڏنو ويندو ۽ سنسار جي سردار کي لوڌي ڪڍيو ويندو.

32 جڏهن آءٌ ڌرتيءَ کان مٿي چاڙهيو ويس تہ سڀني کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندس.“

33 هن چوڻ سان هن اهو اشارو ٿي ڏنو تہ سندس موت ڪيئن ٿيندو.

34 تنهن تي ماڻهن چيو تہ ”اسان پوِتر شاستر جي اها ڳالهہ ٻڌي آهي تہ مسيح هميشہ جيوت رهندو، تہ پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ منش‌پتر ضرور مٿي چاڙهيو ويندو؟ اهو منش‌پتر ڪير آهي؟“

35 يسوع کين چيو تہ ”اڃا ٿوري دير تائين روشني اوهان وٽ آهي ۽ جيستائين روشني اوهان وٽ آهي اوهين اڳتي هلندا رهو. ائين نہ ٿئي جو اونداهي اچي اوهان تي ڪڙڪي ۽ پوءِ اونداهيءَ ۾ هلندي اوهان کي سڌ ئي نہ پوي تہ ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو.

36 سو جيڪا گھڙي روشني اوهان وٽ آهي اوهين روشنيءَ تي وشواس آڻيو، تہ جيئن اوهين روشنيءَ جا ٻار ٿيو.“ اهي ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ يسوع هليو ويو ۽ انهن کي منهن نہ ڏيکاريائين.


يسوع مسيح تي وشواس نہ آڻڻ

37 جيتوڻيڪ يسوع ماڻهن جي اڳيان هيترا چمتڪار ڪيا هئا تہ بہ گھڻن ئي مٿس وشواس نہ آندو هو.

38 اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪو سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي لکت ۾ آهي سو پورو ٿئي تہ ”اي پرميشور! اسان جي سنديش تي ڪنهن وشواس ڪيو؟ ۽ ڪنهن تنهنجي ٻانهن جو زور سڃاتو؟“

39 اهو ئي سبب هو جو انهن وشواس نہ آندو، ڇاڪاڻ تہ يسعياہ جي معرفت هي بہ فرمايو ويو هو تہ

40 ”مون ايشور انهن جون اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن، ۽ سندن عقل تي تالو هڻي ڇڏيو اٿم، تہ متان اهي پنهنجين اکين سان ڏسن ۽ پنهنجي دماغ سان سمجھن، ۽ مون آڏو توبهہ‌تائب ٿين تہ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.“

41 يسعياہ هي انهيءَ لاءِ چيو هو جو هن يسوع جي جوت ڏٺي هئي ۽ انهيءَ جي باري ۾ ڳالهايو هئائين.

42 تنهن هوندي بہ ڪيترن ئي يهودي اڳواڻن يسوع تي وشواس آندو، پر فريسين جي ڪري اهي کُليءَ طرح اقرار نہ پيا ڪن، تہ متان کين ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نيڪالي نہ ڏيئي ڇڏين.

43 اهي ايشور جي نظر ۾ چڱو ٿيڻ بدران ماڻهن اڳيان مان حاصل ڪرڻ کي وڌيڪ پسند ڪندا هئا.

44 پوءِ يسوع وڏي واڪي چيو تہ ”جيڪو بہ مون تي وشواس رکي ٿو سو نہ رڳو مون تي، بلڪ انهيءَ تي بہ وشواس رکي ٿو جنهن مون کي موڪليو آهي.

45 جيڪو مون کي ڏسي ٿو سو انهيءَ کي بہ ڏسي ٿو جنهن مون کي موڪليو آهي.

46 آءٌ روشني آهيان ۽ هن سنسار ۾ انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ جيڪو بہ مون تي وشواس آڻي سو اونداهيءَ ۾ نہ رهي.

47 جيڪو منهنجيون ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل نہ ٿو ڪري، تنهن کي آءٌ پاپي قرار نہ ٿو ڏيان. آءٌ سنسار کي پاپي قرار ڏيڻ لاءِ نہ، بلڪ انهيءَ کي بچائڻ لاءِ آيو آهيان.

48 جيڪو مون کي ۽ منهنجي ڳالهين کي قبول نہ ٿو ڪري، تنهن کي پاپي قرار ڏيڻ وارو هڪڙو ئي آهي، يعني منهنجو سنديش، جيڪو انتم ڏينهن هن کي پاپي قرار ڏيندو.

49 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪي مون ڳالهايو آهي سو پنهنجي طرفان نہ، پر پتا جي طرفان ڳالهايو اٿم، جنهن مون کي موڪليو آهي. انهيءَ ئي مون کي حڪم ڏنو آهي تہ مون کي ڇا ڇا چوڻ ۽ ڳالهائڻ گھرجي.

50 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ هن جو حڪم امر جيون ڏئي ٿو. تنهنڪري جيڪي ڪجھہ آءٌ چوان ٿو، سو اهو ئي آهي جيڪو پتا مون کي ٻڌائڻ لاءِ چيو آهي.“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan