Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يوحنا 1 - Hindu Sindhi Bible


وچن ۾ جيون

1 سنسار جي شروعات کان اڳي ئي وچن موجود هو، وچن ايشور سان هو ۽ وچن ايشور هو.

2 اهو ئي شروعات ۾ ايشور سان هو.

3 سڀيئي شيون ان جي وسيلي پيدا ٿيون آهن ۽ جيڪا بہ شيءِ پيدا ٿي آهي، سا ان کان سواءِ نہ بڻائي ويئي آهي.

4 وچن ۾ جيون هو ۽ اهو جيون انسانن لاءِ روشني هو.

5 روشني اوندهہ ۾ چمڪي ٿي ۽ اوندهہ ڪڏهن بہ روشنيءَ تي حاوي نہ ٿي آهي.

6 يوحنا نالي هڪڙو شخص آيو، جيڪو ايشور جي طرفان موڪليو ويو هو.

7 اهو شاهد ٿي آيو تہ جيئن روشنيءَ بابت شاهدي ڏئي ۽ سڀيئي ماڻهو ان روشنيءَ تي وشواس آڻين.

8 هو پاڻ تہ روشني نہ هو، پر روشنيءَ بابت شاهدي ڏيڻ لاءِ آيو هو.

9 اها حقيقي روشني جيڪا هر هڪ انسان تي چمڪندي آهي سا پاڻ سنسار ۾ اچڻ واري هئي.

10 جيتوڻيڪ وچن جي ئي وسيلي سنسار پيدا ڪيو ويو ۽ وچن سنسار ۾ هو تہ بہ سنسار هن کي نہ سڃاتو.

11 هو پنهنجن وٽ آيو، پر پنهنجن کيس قبول نہ ڪيو.

12 پر جن بہ کيس قبول ڪيو يعني مٿس وشواس آندو، تن کي اهو حق ڏنائين تہ هو ايشور جا ٻار ٿين.

13 اهي رواجي طرح شرير جي خواهش يا انساني مرضيءَ سان ايشور جا ٻار نہ ٿيا، پر ايشور خود کين پنهنجو ٻار بڻايو.

14 اهو وچن انساني روپ ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رهيو. اسان سندس جوت ڏٺي، جيڪا هن کي پتا جي هڪڙي ئي پٽ هئڻ ڪري ملي ۽ هو ڪرپا ۽ سچائيءَ سان ڀرپور هو.

15 يوحنا هن بابت شاهدي ڏيندي وڏي واڪي چيو هو تہ ”هي اهو آهي، جنهن بابت مون چيو هو تہ ’جيڪو منهنجي پٺيان ٿو اچي سو مون کان وڏو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو منهنجي پيدا ٿيڻ کان اڳي ئي موجود هو.‘“

16 هن جي انهيءَ ڀرپوريءَ مان اسان سڀني کي ڪرپا پٺيان ڪرپا ملي آهي.

17 ايشور جو نيم موسيٰ جي معرفت مليو، جڏهن تہ ڪرپا ۽ سچائي يسوع مسيح جي معرفت ملي.

18 ڪنهن بہ ماڻهوءَ ايشور کي ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي، پر سندس اڪيلي ئي پٽ، جيڪو ساڻس ويجھي ۾ ويجھو آهي، تنهن ئي کيس ظاهر ڪيو آهي.


يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي شاهدي
( متي 3‏:1‏-12 ، مرقس 1‏:1‏-8 ، لوقا 3‏:1‏-18 )

19 يوحنا جي شاهدي هن طرح آهي تہ جڏهن يروشلم جي يهودي اڳواڻن يوحنا ڏانهن ڪاهن ۽ لاوي موڪليا، جن اچي کانئس پڇيو تہ ”تون ڪير آهين؟“

20 تڏهن يوحنا جواب ڏيڻ کان انڪار نہ ڪيو، بلڪ کُليو کُلايو چئي ڏنائين تہ ”آءٌ مسيح نہ آهيان.“

21 انهن پڇيس تہ ”پوءِ تون ڪير آهين؟ ڇا تون سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ آهين؟“ يوحنا وراڻين تہ ”نہ، آءٌ ايلياہ نہ آهيان.“ انهن چيو تہ ”ڇا ڀلا تون ايشور جو سنديش ڏيندڙ اهو سنت آهين، جيڪو اچڻو آهي؟“ يوحنا وراڻين تہ ”نہ.“

22 تنهن تي انهن چيس تہ ”پوءِ ٻڌاءِ تہ تون ڪير آهين؟ اسان کي جواب وٺي انهن کي ٻڌائڻو آهي جن اسان کي موڪليو آهي. تون پاڻ بابت ڇا ٿو چوين؟“

23 تنهن تي يوحنا سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جا هي لفظ ورجايا تہ ”آءٌ اهو آواز آهيان، جيڪو رڻ‌پٽ ۾ پڪاري ٿو تہ ’پرميشور جي لاءِ واٽ سڌي ڪريو.‘“

24 جن کي موڪليو ويو هو تن مان ڪي فريسي بہ هئا.

25 انهن يوحنا کان پڇيو تہ ”جيڪڏهن تون نہ مسيح آهين، نڪي ايلياہ آهين ۽ نہ وري اچڻ وارو اهو سنت آهين تہ پوءِ تون ڇو ٿو بپتسما ڏين؟“

26 يوحنا جواب ڏنو تہ ”آءٌ پاڻيءَ سان بپتسما ڏيان ٿو. پر اوهان منجھہ ڪو اهڙو آهي جنهن کي اوهين نہ ٿا سڃاڻو.

27 هو مون کان پوءِ اچي رهيو آهي ۽ آءٌ تہ انهيءَ لائق بہ نہ آهيان جو سندس جتيءَ جون ڪهيون کوليان.“

28 اهي سڀ ڳالهيون انهيءَ بيت‌عنياہ ڳوٺ ۾ ٿيون جيڪو اردن درياءَ جي اوڀر طرف آهي، جتي يوحنا بپتسما ڏيئي رهيو هو.


ايشور جو گھيٽڙو

29 ٻئي ڏينهن تي يوحنا يسوع کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، هي ايشور جو گھيٽڙو آهي، جيڪو سنسار جا پاپ کڻي وڃي ٿو.

30 هي اهو ئي آهي جنهن بابت مون چيو هو تہ منهنجي پٺيان هڪ اهڙو شخص ٿو اچي جيڪو مون کان وڏو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو منهنجي پيدا ٿيڻ کان اڳي ئي موجود هو.

31 مون بہ اڳ ۾ کيس نہ ٿي سڃاتو. آءٌ پاڻيءَ سان بپتسما انهيءَ لاءِ ڏيندو آيس، تہ جيئن هو بني اسرائيل جي اڳيان ظاهر ٿئي.“

32 يوحنا شاهدي ڏيندي چيو تہ ”مون پوِتر آتما کي ڪبوتر وانگر آڪاش مان لهندي ۽ مٿس ويهندي ڏٺو آهي.

33 آءٌ تہ کيس سڃاڻي بہ ڪونہ سگھان ها، پر ايشور جنهن مون کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيڻ لاءِ موڪليو آهي تنهن مون کي اڳ ۾ ئي چئي ڇڏيو هو تہ ’تون جنهن ماڻهوءَ تي پوِتر آتما کي لهندو ۽ ويهندو ڏسين، سو ئي اٿيئي جيڪو ماڻهن کي پوِتر آتما سان بپتسما ڏيندو.‘

34 هائو، آءٌ اهو سڀ ڪجھہ ڏسي هاڻي شاهدي ٿو ڏيان تہ هي ئي ايشور جو پٽ آهي.“


يسوع مسيح جا پهريان چيلا

35 ٻئي ڏينهن تي يوحنا پنهنجي ٻن چيلن سان گڏ وري اتي بيٺو هو

36 تہ هن يسوع کي لنگھندي ڏٺو. تڏهن يسوع ڏانهن نهاري چيائين تہ ”ڏسو، اهو اٿوَ ايشور جو گھيٽڙو.“

37 اها ڳالهہ ٻڌي ٻنهي چيلن يسوع جي پٺيان هلڻ شروع ڪيو.

38 يسوع ڦري انهن کي پنهنجي پويان ايندي ڏسي چيو تہ ”اوهين ڪهڙي ڳولا ۾ آهيو؟“ تنهن تي انهن جواب ڏنو تہ ”اي ربي (يعني گرو)! اوهين ڪٿي رهو ٿا؟“

39 يسوع جواب ڏنو تہ ”هلي ڏسو.“ اهو اٽڪل چئين بجي جو وقت هو جڏهن اهي ساڻس گڏ هليا ۽ اها جاءِ ڏٺائون جتي هو ترسيل هو. پوءِ هنن اهو ڏينهن ساڻس گڏ گذاريو.

40 جن ٻن ڄڻن يوحنا جي ڳالهہ ٻڌي هئي ۽ يسوع جي پٺيان هلڻ لڳا هئا، تن ۾ هڪڙو شمعون پطرس جو ڀاءُ اندرياس هو.

41 جلد ئي اندرياس پنهنجي ڀاءُ شمعون کي ڳولي لڌو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”اسان مسيح کي ڏٺو آهي.“ (مسيح جي معنيٰ ”مسح ڪري مخصوص ڪيل“ آهي).

42 پوءِ هو شمعون کي يسوع وٽ وٺي آيو. يسوع هن ڏانهن نهاري چيو تہ ”تون يوحنا جو پٽ شمعون آهين، تون ڪيفا (يعني پطرس) جي نالي سان سڏبين.“


فلپس ۽ نٿن‌ايل کي چيلا بڻائڻ

43 ٻئي ڏينهن تي يسوع گليل علائقي ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو. اتي پهچي هو فلپس سان مليو ۽ کيس چيائين تہ ”منهنجي پٺيان هل.“

44 فلپس بيت‌صيدا شهر جو ويٺل هو، جتي اندرياس ۽ پطرس بہ رهندا هئا.

45 فلپس نٿن‌ايل سان وڃي مليو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”جنهن بابت موسيٰ پنهنجي شاستر ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ ايشور جو سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن پڻ لکيو آهي، سو اسان کي ملي ويو آهي. اهو يوسف جو پٽ يسوع آهي، جيڪو ناصرت ڳوٺ جو آهي.“

46 نٿن‌ايل هن کي چيو تہ ”ناصرت مان بہ ڪا چڱي شيءِ نڪري سگھي ٿي ڇا؟“ تنهن تي فلپس چيس تہ ”ڀلا هلي ڏس.“

47 جڏهن يسوع نٿن‌ايل کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو، تڏهن سندس بابت چيائين تہ ”ڏسو، هي بني اسرائيل جو سچو ماڻهو اٿوَ. هن ۾ ڪابہ ڏنگائي ڪانہ آهي.“

48 تڏهن نٿن‌ايل کانئس پڇيو تہ ”اوهين مون کي ڪيئن ٿا سڃاڻو؟“ يسوع وراڻيس تہ ”فلپس جي تو کي سڏي اچڻ کان اڳ ۾ مون تو کي انجير جي وڻ هيٺان ڏٺو هو.“

49 تنهن تي نٿن‌ايل چيو تہ ”اي گرو! اوهين تہ ايشور جا پٽ آهيو. اوهين بني اسرائيل جا راجا آهيو.“

50 يسوع چيس تہ ”ڇا تون انهيءَ ڪري وشواس ٿو آڻين جو مون تو کي ٻڌايو تہ تو کي انجير جي وڻ هيٺ ڏٺو هئم؟ پر تون هن کان بہ وڏيون ڳالهيون ڏسندين.“

51 پوءِ يسوع وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين آڪاش کلندو ڏسندا ۽ ايشور جي دوتن کي منش‌پتر تي پرگھٽ ٿيندو ۽ مٿي ويندو ڏسندا.“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan