Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يعقوب 5 - Hindu Sindhi Bible


(دولتمندن جي ناانصافيءَ تي ايشور جي سزا)

1 هاڻ اي دولتمندؤ! اوهين ٻڌو، انهن مصيبتن جي ڪري روئو ۽ رڙو، جيڪي اوهان تي اچڻيون آهن.

2 سمجھي ڇڏيو تہ اوهان جو مال ملڪيت ڳري سڙي ويو ۽ اوهان جا ڪپڙا ڪينئان کائي ويا.

3 اوهان جي سون ۽ چانديءَ تي ڪٽ چڙهي ويئي. اها ڪٽ اوهان تي شاهدي ڏيندي ۽ باهہ وانگر اوهان جو ماس کائيندي. اوهان هن انتم زماني ۾ دولت جا ڍير لڳائي ڇڏيا آهن، جڏهن تہ اهو زمانو ختم ٿيڻ وارو آهي.

4 ڏسو، جن مزدورن اوهان جي ٻنين ۾ لابارو ڪيو، تن جي مزدوري جيڪا اوهان ناانصافي ڪري رکي ڇڏي آهي، سا رڙيون ڪري پڪاري پيئي ۽ لاباري ڪرڻ وارن جون دانهون سروِشڪتيوان پرميشور جي ڪنن تائين وڃي پهتيون آهن.

5 اوهان ڌرتيءَ تي عيش عشرت ۾ گذاريو آهي ۽ موجون ماڻيون اٿوَ. حقيقت ۾ اوهان پاڻ کي ڪوس واري ڏينهن لاءِ ٿلهو متارو ڪيو آهي.

6 اوهان بي‌ڏوهي ماڻهن کي ڏوهي قرار ڏيئي قتل ڪيو آهي، جيڪي پنهنجي بچاءُ لاءِ ڪجھہ بہ ڪري نہ سگھيا.


تڪليفن ۾ ڌيرج ڪريو

7 تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پرڀو يسوع جي اچڻ تائين ڌيرج ڪريو. ڏسو، هاري زمين جي قيمتي پيدائش لاءِ ڪيڏو نہ انتظار ٿو ڪري. هو آڳاٽي ۽ پاڇاٽي مينهن پوڻ تائين ڌيرج ٿو ڪري.

8 اوهين بہ ڌيرج ڪريو ۽ ثابت قدم رهو، ڇاڪاڻ تہ پرڀو يسوع جو اچڻ ويجھو آهي.

9 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪٻئي جي شڪايت نہ ڪريو، متان اوهان کي پاپي قرار ڏنو وڃي. ڏسو، انصاف ڪرڻ وارو در تي بيٺو آهي.

10 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنتن کي تڪليفن سهڻ ۽ ڌيرج ڪرڻ جو نمونو ڪري سمجھو.

11 اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسين ڌيرج سان تڪليفون سهڻ وارن کي سڀاڳو ٿا سڏيون. اوهان ايوب جي ڌيرج بابت تہ ٻڌو آهي ۽ اها بہ سڌ اٿوَ تہ پڇاڙيءَ ۾ پرميشور هن لاءِ ڇا ڇا ڪيو. انهيءَ مان ظاهر آهي تہ پرميشور نهايت ڪرپالو ۽ ديالو آهي.

12 اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! سڀ کان اهم ڳالهہ هيءَ آهي تہ قسم نہ کڻو، نہ آڪاش جو نہ ڌرتيءَ جو ۽ نہ وري ڪنهن ٻيءَ شيءِ جو. پر اوهان کي ”هائو“ جي جاءِ تي رڳو ”هائو“ ۽ ”نہ“ جي جاءِ تي رڳو ”نہ“ چوڻ کپي، تہ جيئن اوهين ڀَٽڪي پاپي قرار ڏنو وڃڻ جو سبب نہ بڻجو.


وشواس سان پرارٿنا ڪرڻ

13 جيڪڏهن اوهان مان ڪو ماڻهو تڪليف ۾ آهي تہ انهيءَ کي پرارٿنا ڪرڻ کپي. جيڪڏهن ڪو خوش آهي تہ انهيءَ کي مهما جا ڀڄن ڳائڻ گھرجن.

14 جيڪڏهن اوهان مان ڪو بيمار آهي تہ اهو منڊليءَ جي اڳواڻن کي گھرائي ۽ اهي اڳواڻ پرڀو يسوع جي نالي ۾ انهيءَ بيمار کي زيتون جو تيل مکي هن لاءِ پرارٿنا ڪن.

15 اهڙي پرارٿنا جيڪا وشواس سان ڪئي ويندي، سا بيمار کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندي ۽ پرميشور انهيءَ کي اٿاري کڙو ڪندو. جيڪڏهن هن پاپ ڪيا هوندا تہ کيس انهن جي بہ معافي ملندي.

16 تنهنڪري پنهنجا پاپ هڪٻئي اڳيان باسيو ۽ هڪٻئي لاءِ پرارٿنا ڪريو تہ جيئن ڇٽي چڱا ڀلا ٿيو، ڇاڪاڻ تہ سچار ماڻهوءَ جي پرارٿنا نهايت اثر واري ٿئي ٿي.

17 سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ بہ اسان وانگر انسان هو. هن وڏي جوش سان پرارٿنا ڪئي تہ مينهن نہ وسي، پوءِ ساڍن ٽن سالن تائين ڌرتيءَ تي مينهن نہ پيو.

18 وري جڏهن هن پرارٿنا ڪئي تڏهن آڪاش مان مينهن پيو ۽ زمين پنهنجا فصل اُپايا.

19 اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن اوهان مان ڪو سچ جي راهہ کان ڀَٽڪي وڃي ۽ ٻيو جيڪو انهيءَ کي موٽائي سچ جي راهہ تي آڻي،

20 تڏهن اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ اهو جيڪو ڪنهن پاپيءَ کي ڀَٽڪڻ کان موٽائي راهہ تي ٿو آڻي، سو هن کي موت کان بچائيندو ۽ سندس گھڻن پاپن جي معافيءَ جو سبب بڻبو.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan