Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يعقوب 4 - Hindu Sindhi Bible


پاڻ کي ايشور جي وس هيٺ رکڻ 4‏:1‏–5‏:6 (سنسار جي دوستي ايشور سان دشمني)

1 اوهان ۾ جھيڙا جھڳڙا ڪٿان ٿا اچن؟ ڇا اهي انهن عيش عشرت وارين خواهشن مان نہ ٿا نڪرن، جيڪي اوهان جي عضون ۾ جھيڙو جھڳڙو پيدا ٿيون ڪن؟

2 اوهين ڪنهن شيءِ جي خواهش تہ ڪريو ٿا، پر نہ ملڻ جي صورت ۾ اوهين انهيءَ لاءِ خون ٿا ڪريو. اوهين لالچ تہ ڪريو ٿا، پر پوري نہ ٿيڻ جي صورت ۾ اوهين جھيڙا جھڳڙا ٿا ڪريو. اوهان کي انهيءَ ڪري ڪجھہ بہ هٿ نہ ٿو اچي جو اوهين ايشور کان ڪونہ ٿا گھرو.

3 پر جڏهن اوهين کانئس گھرو بہ ٿا تڏهن بہ ڪونہ ٿو مليوَ، ڇو تہ اوهين بري نيت سان ٿا گھرو، تہ جيئن پنهنجي عيش عشرت ۾ خرچ ڪريو.

4 اي بي‌وفا انسانؤ! ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ سنسار جي دوستي ايشور سان دشمني آهي؟ تنهنڪري جيڪو ماڻهو سنسار جو دوست ٿيڻ ٿو گھري، سو پاڻ کي ايشور جو دشمن ٿو بڻائي.

5 ڇا اوهين ائين ٿا سمجھو تہ پوِتر شاستر جو ائين چوڻ اجايو آهي تہ جيڪا آتما ايشور اسان ۾ رهڻ لاءِ وڌي آهي، تنهن لاءِ هو سخت غيرتمند آهي؟

6 پر انهيءَ غيرتمنديءَ کان وڌيڪ ايشور اسان تي ڪرپا ٿو ڪري. انهيءَ ڪري ئي پوِتر شاستر چوي ٿو تہ ”ايشور مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن تي ڪرپا ٿو ڪري.“

7 تنهنڪري پاڻ کي ايشور جي وس هيٺ رکندي شيطان جو مقابلو ڪريو تہ هو اوهان وٽان ڀڄي ويندو.

8 ايشور جي ويجھو وڃو تہ هو اوهان جي ويجھو ايندو. اي پاپيؤ! پنهنجا هٿ صاف ڪريو. اي ٻِہ‌دليؤ! پنهنجين دلين کي مخصوص ۽ پوِتر ڪريو.

9 افسوس ڪريو، ماتم ڪريو ۽ روئو. اوهين پنهنجو کِلڻ روئڻ پٽڻ ۾ بدلايو ۽ خوشي اداسيءَ ۾.

10 پرميشور جي آڏو پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ هو اوهان کي سربلند ڪندو.


(تهمت هڻڻ نيم جي خلاف‌ورزي)

11 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪٻئي تي تهمت نہ هڻو. جيڪو پنهنجي ڀاءُ جي خلاف ٿو ڳالهائي يا مٿس ڪا تهمت ٿو هڻي، سو ايشور جي نيم جي خلاف ٿو ڳالهائي ۽ ان تي تهمت ٿو هڻي. هاڻي جڏهن اوهين ايشور جي نيم تي تهمت ٿا هڻو تڏهن اوهين ان تي عمل ڪرڻ وارا نہ، بلڪ انهيءَ مٿان عدالت ڪرڻ وارا بڻجي ويٺا آهيو.

12 ياد رکو تہ نيم ڏيڻ وارو ۽ عدالت ڪرڻ وارو تہ رڳو هڪڙو آهي. اهو ئي بچائي ۽ برباد ڪري سگھي ٿو. پوءِ اوهين ڪير ٿيندا آهيو جو پنهنجي هم‌وشواسيءَ جي عدالت ٿا ڪريو!


(ٻٽاڪون هڻڻ پرميشور جي انڪاري)

13 هاڻ اوهين ٻڌو، جيڪي چئو ٿا تہ ”اڄ يا سڀاڻي فلاڻي شهر ۾ وينداسين، هڪڙو سال اتي وڃي گذارينداسين ۽ ڌنڌو ڌاڙي ڪري پئسا ڪمائينداسين.“

14 ڏسو، اوهان کي تہ ايتري بہ سڌ ڪانهي تہ سڀاڻي ڇا ٿيندو. اوهان جو جيون آهي ئي ڇا؟ اوهين تہ هڪڙي ٻاڦ آهيو، جيڪا ٿوري وقت تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ پوءِ گم ٿيو وڃي.

15 تنهنڪري اوهان کي هيئن چوڻ گھرجي تہ ”جيڪڏهن پرميشور گھريو تہ اسين جيوت بہ رهنداسين ۽ فلاڻو فلاڻو ڪم بہ ڪنداسين.“

16 پر انهيءَ جي بدران اوهين ٻٽاڪون هڻي فخر ٿا ڪريو. اهڙو سمورو فخر برو آهي.

17 مطلب تہ جيڪو ماڻهو چڱائي ڪرڻ ڄاڻي ٿو پر ڪري نہ ٿو تہ اهو سندس پاپ ليکيو ويندو.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan