Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يعقوب 2 - Hindu Sindhi Bible


ٻِہ‌اکيائي نہ ڪريو

1 اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي مهان تيج واري پرڀو يسوع مسيح تي وشواس رکڻ وارا ٿي ڪري اوهين ٻِہ‌اکيائي نہ ڪريو.

2 فرض ڪريو تہ ڪو ماڻهو سونيون منڊيون ۽ شاندار ڪپڙا پائي اوهان جي منڊليءَ ۾ اچي ٿو ۽ ٻيو ميرن ۽ ڦاٽل ڪپڙن وارو هڪڙو غريب ماڻهو بہ اچي ٿو.

3 هاڻي جيڪڏهن اوهين شاندار پوشاڪ واري جو خاص لحاظ ڪري چئو تہ ”اوهين هِتي چڱيءَ جاءِ تي اچي ويهو،“ پر هن غريب ماڻهوءَ کي چئو تہ ”تون هُتي بيهہ،“ يا ”هِتي منهنجي پيرن وٽ اچي ويهہ،“

4 تڏهن ڇا اوهان پاڻ ۾ ٻِہ‌اکيائي نہ ڪئي؟ ۽ ڇا اوهين بري نيت وارا عدالت ڪندڙ نہ ٿيا؟

5 منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا اهي ماڻهو جيڪي سنسار جي نظر ۾ غريب آهن، تن کي ايشور وشواس ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ پنهنجي راڄ جي انهيءَ وچن ڪيل ورثي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آهي، جيڪو هن ساڻس پريم رکندڙن سان ڪيو آهي؟

6 پوءِ ڇو اوهين غريبن جو اپمان ٿا ڪريو؟ اوهان تي ظلم ڪرڻ وارا تہ دولتمند آهن. ڇا اهي اوهان کي ڪورٽ ۾ گهلي وٺي نہ ٿا وڃن؟

7 ڇا هو اهي ئي نہ آهن، جيڪي انهيءَ مانواري نالي يسوع بابت نندا ٿا ڪن، جنهن جا اوهين سڏيا ٿا وڃو؟

8 پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.“ سو جيڪڏهن اوهين ايشور جي انهيءَ راجائي حڪم تي عمل ڪندي پنهنجي هم‌وشواسي ڀاءُ ڀيڻ سان پيار ڪريو ٿا، تہ پوءِ چڱو ٿا ڪريو.

9 پر جيڪڏهن ٻِہ‌اکيائي ٿا ڪريو تہ انهيءَ حڪم جي ڀڃڪڙي ڪري اوهين پاپ ٿا ڪريو. تنهن تي ايشور جو نيم اوهان کي پاپي قرار ٿو ڏئي،

10 ڇاڪاڻ تہ جيڪو نيم جي رڳو هڪڙي حڪم جي ڀڃڪڙي ٿو ڪري، سو سڄي نيم جي خلاف‌ورزي ڪري پاپي قرار ڏنو وڃي ٿو.

11 اهو انهيءَ ڪري جو جنهن چيو آهي تہ ”زنا نہ ڪر،“ تنهن هيئن بہ چيو آهي تہ ”خون نہ ڪر.“ سو جيڪڏهن تون زنا نہ ڪرين پر خون ڪرين تہ تون نيم جو پاپي ٿي چڪين.

12 ياد رکو، اوهان جو فيصلو آزادي ڏيندڙ نيم جي انهيءَ مهان حڪم مطابق ٿيڻو آهي. تنهنڪري پنهنجو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ هلت چلت نيڪ رکو،

13 ڇاڪاڻ تہ جنهن پاڻ ٻين تي ديا نہ ڪئي، تنهن جو فيصلو بنا ڪنهن ديا ڪرڻ جي ڪيو ويندو. مطلب تہ جڏهن فيصلو ڪيو ويندو، تڏهن ٻين تي ديا ڪرڻ جي ڳالهہ حاوي پوندي.


عمل کان سواءِ وشواس مئل آهي

14 اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي ٿو تہ ”مون کي وشواس آهي،“ پر هو انهيءَ جي لائق عمل نہ ٿو ڪري، تہ پوءِ سندس ائين چوڻ مان ڪهڙو فائدو؟ ڇا اهڙو وشواس هن کي بچائي ٿو سگھي؟

15 فرض ڪريو تہ ڪنهن وشواسي ڀاءُ يا ڀيڻ کي پهرڻ لاءِ ڪپڙا ڪونہ آهن ۽ روزاني کاڌي لاءِ محتاج آهي.

16 اهو ڏسي جيڪڏهن اوهان مان ڪو کيس چوي تہ ”شانتيءَ سان وڃي گذار، گرم ڪپڙا پاءِ ۽ کائي پي ڍءُ ڪر،“ پر کيس اهي شيون نہ ڏئي جيڪي سندس شرير لاءِ ضروري آهن، تہ پوءِ ائين چوڻ مان ڪهڙو فائدو؟

17 اها ئي ڳالهہ آهي تہ جيڪڏهن وشواس سان گڏ عمل نہ آهي تہ اهو وشواس مئل آهي.

18 پر ٿي سگھي ٿو ڪو ماڻهو ائين چوي تہ ”ڪن وٽ وشواس آهي ۽ ڪن وٽ عمل بہ آهي.“ چڱو ڀلا، آءٌ انهيءَ ماڻهوءَ کي چوان ٿو تہ ”تون عمل کان سواءِ مون کي پنهنجو وشواس ڏيکار ۽ آءٌ پنهنجي عمل سان تو کي پنهنجو وشواس ڏيکاريندس.

19 تون چوين ٿو تہ ’آءٌ وشواس ٿو رکان تہ ايشور هڪڙو آهي.‘ ٺيڪ آهي. اها ڳالهہ تہ بريون آتمائون بہ مڃين ٿيون ۽ اهي ڏڪن بہ ٿيون.“

20 اي مورکؤ! ڇا اوهين ايترو نہ ٿا سمجھي سگھو تہ عمل کان سواءِ وشواس بيڪار آهي؟

21 ڏسو، ڇا ايشور اسان جي پتا ابرهام کي عمل جي ڪري پاڻ ڏانهن سچار قرار نہ ڏنو، جڏهن هن پنهنجي پٽ اضحاق کي ٻليدان واري جاءِ تي ڀيٽا ٿي ڪيو؟

22 هاڻي اوهين سمجھي ٿا سگھو تہ ابرهام جي وشواس سندس عمل سان گڏجي ڪم ٿي ڪيو ۽ عمل جي ڪري ئي سندس وشواس ڪامل قرار ڏنو ويو.

23 اهڙيءَ طرح پوِتر شاستر جي اها ڳالهہ پوري ٿي تہ ”ابرهام ايشور تي وشواس آندو، تنهنڪري ايشور کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبوليو.“ انهيءَ ڪري هو ايشور جو دوست سڏيو ويو.

24 سو اوهين ڏسي ٿا سگھو تہ ايشور انسان کي رڳو وشواس جي ڪري پاڻ ڏانهن سچار قرار نہ ٿو ڏئي، بلڪ ان سان گڏ عمل جو هجڻ لازمي آهي.

25 ساڳيءَ طرح راحب جيڪا وئشيا هئي، تنهن بہ جڏهن بني اسرائيل قوم جي موڪليل جاسوسن کي پاڻ وٽ رهايو ۽ شهر مان نڪرڻ جي ٻئي رستي کان روانو ڪري کين بچايو، تڏهن ڇا ايشور هن کي سندس انهيءَ عمل جي ڪري پاڻ ڏانهن سچار قرار نہ ڏنو؟

26 مطلب تہ جيئن آتما کان سواءِ شرير مئل آهي، تيئن عمل کان سواءِ وشواس بہ مئل آهي.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan