Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يعقوب 1 - Hindu Sindhi Bible

1 هي خط ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي داس مون يعقوب جي طرفان اوهان هنڌ هنڌ پکڙيل ماڻهن ڏانهن آهي، جيڪي ايشور جا چونڊيل آهيو. آءٌ اوهان کي نمسڪار ٿو چوان.


آزمائش ۾ ثابت قدم رهڻ 1‏:2‏-18 (وشواس ۽ ڏاهپ سان)

2 اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏهن اوهين طرح طرح جي آزمائشن ۾ پئو، تڏهن انهيءَ کي وڏي خوشيءَ جي ڳالهہ ڪري سمجھو،

3 ڇاڪاڻ تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان جي وشواس جي پرک اوهان ۾ ثابت قدمي پيدا ڪري ٿي.

4 انهيءَ ثابت قدميءَ کي پنهنجو ڪم پورو ڪرڻ ڏيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ڪامل ۽ ڀرپور ٿيو ۽ اوهان ۾ ڪنهن بہ ڳالهہ جي ڪمي نہ رهي.

5 جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن ۾ ڏاهپ جي ڪمي آهي تہ اهو ايشور کان گھري. هو کيس ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ ايشور بنا ڇينڀڻ جي سڀني کي بي‌انداز ٿو ڏئي.

6 پر جڏهن هو کانئس گھري تہ مٿس وشواس رکي گھري ۽ ڪوبہ شڪ نہ آڻي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو شڪ ٿو آڻي سو سمنڊ جي انهيءَ ڇوليءَ وانگر آهي، جيڪا هوا سان ڌِڪجي ۽ اڇلجي ٿي.

7 اهڙو ماڻهو ائين نہ سمجھي تہ کيس پرڀوءَ کان ڪجھہ نہ ڪجھہ ملندو.

8 اهو ماڻهو ٻِہ‌دليو آهي، جيڪو پنهنجي ڪنهن بہ ڳالهہ تي قائم نہ ٿو رهي.


(غربت يا دولتمنديءَ ۾)

9 غريب وشواسيءَ کي مسيح ۾ پنهنجي اعليٰ درجي تي فخر ڪرڻ گھرجي،

10 جڏهن تہ دولتمند وشواسيءَ کي هيٺاهين درجي تي، ڇاڪاڻ تہ دولتمندي جھنگلي گل وانگر ڪومائجي ويندي.

11 هن ڪري جو جڏهن سج جي تيز اُس ان ٻوٽي تي پوي ٿي ۽ ان کي سڪائي ٿي ڇڏي، تڏهن انهيءَ جو گل ڇڻيو پوي ۽ خوبصورتي ختم ٿيو وڃيس. ساڳيءَ طرح دولتمند ماڻهو بہ دولت جي پٺيان لڳي برباد ٿي ويندو.


(پاپ ڏانهن ڇڪجي وڃڻ جي حالت ۾)

12 سڀاڳو آهي اهو ماڻهو، جيڪو آزمائش ۾ ثابت قدم ٿو رهي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ۾ ڪامياب قرار ڏنو وڃڻ تي کيس سوڀ جو تاج، يعني اهو جيون حاصل ٿيندو جنهن جو وچن ايشور پاڻ سان پريم رکڻ وارن سان ڪيو آهي.

13 جيڪڏهن آزمائش جي گھڙيءَ ۾ ڪو ماڻهو پاپ ڏانهن ڇڪجي وڃي تڏهن هو ائين نہ چوي تہ ”اهو سڀ ايشور جي طرفان ٿئي ٿو.“ ياد رکو تہ ايشور بڇڙائيءَ سان نہ پاڻ آزمائجي ٿو سگھي ۽ نہ ڪنهن ماڻهوءَ کي ٿو آزمائي.

14 پر اهڙي ماڻهوءَ کي سندس ئي شرير واريون خواهشون ڇڪي ۽ موهي آزمائش ۾ ڦاسائي ٿيون ڇڏين.

15 تنهن کان پوءِ اهي شرير واريون خواهشون وڌي پاپ کي جنم ڏين ٿيون ۽ جڏهن اهو پاپ وڌي وڏو ٿئي ٿو، تڏهن موت پيدا ٿو ڪري.

16 اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو.

17 هر چڱي ۽ ڪامل بخشش مٿان کان آهي، يعني انهيءَ ايشور پتا جي طرفان ملي ٿي، جيڪو آڪاش مان روشني ڏيندڙ شين جو پيدا ڪندڙ آهي. هو ڦرندڙ پاڇن وانگر تبديل نہ ٿو ٿئي.

18 هن پنهنجي مرضيءَ سان اسان کي سچ جي سنديش وسيلي نئين سر پيدا ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين سندس رچيل شين ۾ پهريون ڦل بڻجون.


ٻڌڻ ۽ عمل ڪرڻ

19 اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اها ڳالهہ ياد رکو تہ هر هڪ ماڻهو ٻڌڻ ۾ تکو، ڳالهائڻ ۾ ڍرو ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ٿڌو ٿئي،

20 ڇاڪاڻ تہ ڪاوڙ جي حالت ۾ ماڻهوءَ کان اهڙا ڪم ٿي نہ ٿا سگھن جن مان ايشور جي سچائي ظاهر ٿئي.

21 تنهنڪري اپوِترتائيءَ ۽ بڇڙائيءَ جي سموري گندگيءَ کي پري اڇلائي نماڻائيءَ سان انهيءَ سنديش کي قبول ڪريو، جيڪو اوهان ۾ پوکيو ويو آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوهان کي مڪتي ڏيئي ٿو سگھي.

22-23 اوهين سنديش جا رڳو ٻڌندڙ نہ ٿيو، بلڪ انهيءَ تي عمل بہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو سنديش کي رڳو ٻڌي ٿو پر ان تي عمل نہ ٿو ڪري، تہ اهو پنهنجو پاڻ کي دوکو ٿو ڏئي. هو انهيءَ ماڻهوءَ وانگر آهي جيڪو پنهنجي شڪل آئيني ۾ رڳو ڏسي

24 هليو وڃي ٿو ۽ جلد ئي وساري ٿو ڇڏي تہ هو ڪيئن هو.

25 پر جيڪو ماڻهو سچ جي انهيءَ سنديش يعني آزادي ڏيندڙ ڪامل نيم کي ڌيان سان ڏسندو ٿو رهي ۽ ٻُڌي ڪري وساري نہ ٿو، بلڪ انهيءَ تي عمل ٿو ڪري سو ئي پنهنجي ڪمن ۾ آسيس وارو ٿيندو.

26 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي ڌرمچاري ٿو سمجھي پر پنهنجي زبان کي ضابطي ۾ نہ ٿو رکي تہ سندس ڌرمچاري اجائي آهي ۽ اهو پاڻ کي دوکو ٿو ڏئي.

27 اسان جي پتا ايشور جي نظر ۾ خالص ۽ بي‌عيب ڌرمچاري اها آهي تہ يتيمن ۽ وڌوائن جي سندن مصيبت جي وقت سار سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي سنسار جي گندگيءَ کان بچائي بي‌داغ رکجي.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan