Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

عبرانين 9 - Hindu Sindhi Bible


پراڻي ٻڌل وچن وارو پوِتر خيمو

1 هاڻي پوِتر خيمي جي سيوا بابت وڌيڪ سمجھاڻي هيءَ آهي تہ پهرئين ٻڌل وچن ۾ ڀڳتيءَ جا قاعدا هئا ۽ ڀڳتيءَ واري هڪڙي پوِتر جاءِ بہ هئي، جيڪا ڌرتيءَ تي

2 هڪ پوِتر خيمي جي صورت ۾ کوڙي ويئي هئي. انهيءَ جي پهرئين ڪمري ۾ هڪ شمعدان ۽ هڪ ميز هوندي هئي، جنهن تي ڀيٽا جا روٽ رکيل هوندا هئا. انهيءَ ڪمري کي پوِتر جاءِ سڏيو ويندو هو.

3 پوِتر خيمي ۾ پردي جي پٺيان هڪ ٻيو ڪمرو هو، جنهن کي پوِتر ترين جاءِ سڏبو هو.

4 انهيءَ ۾ لوبان ساڙڻ واري ٻليدان واري جاءِ جنهن تي سونو پٽ چڙهيل هو ۽ ٻڌل وچن واري صندوق رکيل هئي. اها صندوق چئني پاسن کان سون سان مڙهيل هئي جنهن ۾ مَنَ سان ڀريل هڪ سونو ٿانءُ، هارون جي لٺ جنهن مُکڙيون جھليون هيون ۽ ٻڌل وچن واريون پٿر جون ٻہ تختيون هيون.

5 صندوق جي مٿان پردار آڪاشي جيوَ جهڙيون ٻہ مورتيون ٺهيل هيون، جيڪي ايشور جي موجودگيءَ جي نشاني هيون ۽ اهي ڪفاري واري جاءِ تي ڇانوَ ڪيو بيٺيون هيون. پر هن وقت انهن ڳالهين کي تفصيل سان بيان ڪرڻ جو موقعو ناهي.

6 جيئن تہ انهن شين جو اهڙو انتظام ٿيل هو، سو پوِتر خيمي جي پهرئين ڪمري ۾ ڪاهن سيوا ڪرڻ لاءِ ڪنهن بہ وقت داخل ٿيندا هئا.

7 پر ٻئي ڪمري ۾ رڳو سردار ڪاهن سال ۾ فقط هڪڙو ڀيرو داخل ٿيندو هو. سو بہ انهيءَ رت کڻي وڃڻ کان سواءِ نہ ويندو هو، جيڪو هو پنهنجي ۽ پنهنجي قوم وارن جي اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ ڪيل پاپن لاءِ ڀيٽا ڪري ڏيندو هو.

8 انهيءَ مان پوِتر آتما هي اشارو ٿي ڏئي تہ جيستائين پوِتر خيمي جو پهريون ڪمرو ان جي قاعدن سميت بيٺو آهي، تيستائين پوِتر ترين جاءِ جو رستو ماڻهن لاءِ کُليل نہ آهي.

9 اهو خيمو هاڻوڪي زماني لاءِ هڪڙو مثال آهي، جنهن مان ظاهر ٿو ٿئي تہ جيڪي ڀيٽائون ۽ ٻليدان ڏنا ويندا آهن، سي ڀڳتي ڪندڙ کي ضمير جي نسبت سان ڪامل ڪري نہ ٿا سگھن.

10 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اهي رڳو کائڻ پيئڻ ۽ مختلف طريقن سان ظاهري پوِتر ٿيڻ جون رسمون آهن، يعني اهي اهڙا ظاهري قاعدا آهن جيڪي انهيءَ وقت تائين مقرر ڪيا ويا هئا جيستائين نئون سڌارو اچي.


رت جي وسيلي پوِتر ٿيڻ

11 پر هاڻي مسيح انهن چڱين ڳالهين جو سردار ڪاهن ٿي اچي چڪو آهي، جيڪي هينئر موجود آهن. هو ڌرتيءَ تي انسان جي ٺاهيل خيمي ۾ نہ، پر انهيءَ کان وڌيڪ مهان ۽ ڪامل خيمي جي رستي

12 پوِتر ترين جاءِ ۾ هڪڙو ئي ڀيرو هميشہ لاءِ داخل ٿيو. اتي هن ٻڪرن ۽ گابن جي رت جي وسيلي نہ، پر خود پنهنجي رت جي وسيلي اسان جي لاءِ امر مڪتي حاصل ڪئي.

13 ڏسو، اڳئين نيم واري انتظام مطابق ٻڪرن جو رت، ڏاندن جو رت يا ساڙيل گابيءَ جي رک اپوِتر ماڻهن تي ڇٽڪاري ويندي هئي، تہ جيئن اهي شرير جي لحاظ کان پوِتر ٿي سگھن.

14 تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ اسان جي ضمير کي موت ڏانهن وٺي ويندڙ ڪمن کان پوِتر ڪري ٿو، تہ جيئن اسين جيوت ايشور جي ڀڳتي ڪري سگھون. مسيح ائين ئي ڪيو جڏهن هن هميشہ واري پوِتر آتما جي وسيلي پاڻ کي ايشور وٽ بي‌عيب ٻليدان طور پيش ڪيو.

15 انهيءَ ٻليدان جي وسيلي ئي مسيح ايشور ۽ ماڻهن جي وچ ۾ نئين ٻڌل وچن جو وچ وارو آهي، انهيءَ لاءِ تہ جن کي ايشور سڏيو آهي، سي سندس امر ورثو حاصل ڪن جنهن جو هن وچن ڪيو آهي. پر اڳ ۾ اهو ضروري هو تہ جيڪي ماڻهو پهرئين ٻڌل وچن جي زماني ۾ حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري قصوروار بڻيا هئا، تن لاءِ هڪ موت ٿئي تہ جيئن اهي پاپ کان آزاد ٿين.

16 ڏسو، وچن ٻڌڻ لاءِ اهو ضروري آهي تہ وچن ڪندڙ رت وهائڻ سان پنهنجي موت جي نشاني پيش ڪري.

17 مطلب تہ وچن ڪرڻ واري جي جيوت هوندي وچن ڪونہ ٿو ٻڌجي. پر هن جي مري وڃڻ سان ئي اهو وچن عمل ۾ ٿو اچي.

18 انهيءَ ڪري ئي پهريون وچن بہ رت کان سواءِ نہ ٻڌو ويو.

19 هائو، جڏهن موسيٰ ايشور جي نيم جو هر حڪم سڄي قوم کي ٻڌائي چڪو، تڏهن هن گابن ۽ ٻڪرن جو رت کڻي پاڻيءَ سان گڏي، لال ڳاڙهي اُن ۽ زوفا جي ٽارين سان نيم واري شاستر ۽ سڄي قوم تي ڇٽڪاريندي

20 چيو تہ ”هن رت سان ايشور اوهان سان وچن ٻڌي ٿو، جنهن تي اوهان کي عمل ڪرڻو آهي.“

21 پوءِ موسيٰ ساڳيءَ طرح پوِتر خيمي ۽ ڀڳتيءَ جي سڀني شين تي بہ رت ڇٽڪاريو.

22 حقيقت ۾ نيم موجب تقريباً هر شيءِ کي رت سان ئي پوِتر ڪيو وڃي ٿو ۽ جيستائين رت نہ ٿو وهايو وڃي تيستائين معافي بہ نہ ٿي ملي.


مسيح جو ڪامل ٻليدان

23 تنهنڪري اهو ضروري هو تہ ڌرتيءَ تي پوِتر خيمو ۽ ان جي ڀڳتيءَ واريون شيون جيڪي آڪاشي شين جو نقل هيون، تن کي اهڙي نموني جانورن جي رت جي ٻليدان وسيلي پوِتر ڪيو وڃي. پر جيڪي خود آڪاشي شيون آهن تن لاءِ ضروري هو تہ اهي انهيءَ کان وڌيڪ بهتر ٻليدان جي وسيلي پوِتر ڪيون وڃن.

24 اهو ئي سبب آهي جو مسيح انسان جي ٺاهيل انهيءَ پوِتر ترين جاءِ ۾ داخل نہ ٿيو، جيڪا حقيقي پوِتر ترين جاءِ جو رڳو نقل هئي. پر هو آڪاش ۾ ئي داخل ٿيو، تہ جيئن هاڻي ايشور جي شرڻ ۾ اسان جي خاطر حاضر رهي.

25 ڌرتيءَ واري خيمي جو سردار ڪاهن هر سال پوِتر ترين جاءِ ۾ پنهنجو نہ پر جانورن جو رت کڻي ٿو وڃي. پر مسيح پاڻ کي وري وري ٻليدان ڪرڻ لاءِ آڪاش ۾ داخل نہ ٿو ٿئي،

26 نہ تہ سنسار جي شروعات کان وٺي ڪيترائي ڀيرا کيس تڪليف سهڻي پوي ها. پر هاڻي زمانن جي پڇاڙيءَ ۾ هو هڪڙو ئي ڀيرو ظاهر ٿيو، انهيءَ لاءِ تہ پاڻ کي ٻليدان ڪرڻ سان پاپ کي مِٽائي ڇڏي.

27 جهڙيءَ طرح هر انسان جو هڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ پوءِ ايشور جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ مقرر ٿيل آهي،

28 تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گھڻن ماڻهن جي پاپن کي کڻي وڃڻ لاءِ ٻليدان ٿيو. پر جڏهن هو ٻيهر ظاهر ٿيندو تہ پاپن لاءِ ٻليدان ٿيڻ واسطي نہ، پر انهن کي مڪتي ڏيڻ واسطي ظاهر ٿيندو جيڪي سندس واٽ پيا نهارين.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan