Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

عبرانين 7 - Hindu Sindhi Bible


ڪاهن ملڪِ‌صدق

1 هي اهو ملڪِ‌صدق آهي، جيڪو سالم شهر جو راجا ۽ مهان ايشور جو ڪاهن هو. جڏهن ابرهام چئن راجائن کي قتل ڪري موٽيو پئي آيو تہ ملڪِ‌صدق ساڻس گڏيو ۽ کيس آسيسون ڏنائين.

2 ابرهام هن کي دشمن لشڪر کان هٿ آيل سڀني شين جو ڏهون حصو ڏنو. ملڪِ‌صدق پنهنجي نالي جي معنيٰ موجب ”سچائيءَ جو راجا“ آهي. پر جيئن تہ هو سالم شهر جو راجا بہ آهي ۽ سالم لفظ جي معنيٰ آهي شانتي، سو هو ”شانتيءَ جو راجا“ بہ آهي.

3 هو بنا پتا، بنا ماتا ۽ بنا ابن ڏاڏن جي آهي. نہ سندس عمر جي شروعات آهي، نڪي جيون جي پڄاڻي، بلڪ هو ايشور جي پٽ جهڙو ڪيو ويو تہ جيئن هميشہ لاءِ ڪاهن رهندو اچي.

4 سو غور ڪري ڏسو تہ اهو ڪيڏي نہ مهان هستي آهي، جو قوم جي ابي ڏاڏي ابرهام بہ کيس ڏهون حصو ڏنو.

5 لاويءَ جي اولاد مان جن کي ڪاهن جو عهدو ٿو ملي، تن کي موسيٰ جي نيم موجب اهو حڪم مليل آهي تہ پنهنجي قوم بني اسرائيل کان ڏهون حصو اُڳاڙين، جيتوڻيڪ اهي لاوي قبيلي وارا بہ ابرهام جي پيڙهيءَ مان ئي آهن.

6 پر توڙي جو ملڪِ‌صدق جو لاويءَ جي پيڙهيءَ سان ڪو لاڳاپو نہ هو، تنهن هوندي بہ ابرهام کان ڏهون حصو ورتائين ۽ جنهن سان وچن ڪيا ويا هئا، تنهن کي آسيسون ڏنائين.

7 انهيءَ ۾ ڪوبہ شڪ ڪونهي تہ آسيسون ڏيڻ وارو آسيسون وٺڻ واري کان مٿاهون هوندو آهي.

8 لاوي جيڪي ڏهون حصو وٺن ٿا سي ناس ٿيندڙ انسان آهن، جڏهن تہ ملڪِ‌صدق جنهن ابرهام کان ڏهون حصو ورتو، تنهن جي باري ۾ پوِتر شاستر شاهدي ڏئي ٿو تہ هو جيوت آهي.

9 هاڻي اسين اهو چئي سگھون ٿا تہ لاوي، جنهن جو اولاد ڏهون حصو اُڳاڙي ٿو، تنهن بہ ابرهام جي وسيلي ڏهون حصو ڏنو،

10 ڇاڪاڻ تہ جڏهن ملڪِ‌صدق ابرهام سان گڏيو هو، تڏهن لاوي اڃا پنهنجي ابي ڏاڏي جي شرير ۾ هو.


يسوع مسيح ملڪِ‌صدق جهڙو ڪاهن

11 بني اسرائيل قوم وارا لاويءَ واري ڪاهنيءَ جي انتظام هيٺ نيم وارا ٿيا. سو جيڪڏهن انهيءَ ڪاهنيءَ جي وسيلي ماڻهو مڪمل طور ايشور لاءِ مخصوص ٿي وڃي ها، تہ پوءِ ٻئي ڪاهن جي اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي جيڪو پهرئين لاوي سردار ڪاهن هارون جي نہ، پر ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو ليکيو ويو آهي.

12 ڳالهہ هيءَ بہ آهي تہ جڏهن ڪاهني بدلجي ٿي، تڏهن ان سان واسطو رکندڙ نيم جو بدلجڻ بہ لازمي ٿي پوي ٿو.

13 اها ڳالهہ هن مان ظاهر ٿئي ٿي تہ اسان جو پرڀو، جنهن بابت هي ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون، سو لاوي نہ پر ٻئي قبيلي جو آهي جنهن مان ڪنهن بہ ماڻهوءَ ٻليدان واري جاءِ جي سيوا ڪانہ ڪئي آهي.

14 هائو، هو يهوداہ قبيلي جو آهي، جنهن مان ڪاهن ٿيڻ جي باري ۾ موسيٰ ڪجھہ بہ ڪونہ چيو آهي.

15 هاڻ بدلجڻ واري اها ڳالهہ اڃا بہ وڌيڪ صاف ٿي وڃي ٿي، جڏهن هڪ ٻيو ڪاهن ظاهر ٿئي ٿو، جيڪو ملڪِ‌صدق جهڙو ئي آهي.

16 هو نيم جي قاعدي موجب ڪنهن خاص انساني پيڙهيءَ مان نہ، پر ابناسي جيون جي شڪتيءَ موجب ملڪِ‌صدق جهڙو ڪاهن مقرر ٿيو آهي.

17 انهيءَ بابت پوِتر شاستر ۾ شاهدي ڏني ويئي آهي تہ ”تون ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو هميشہ وارو ڪاهن آهين.“

18 اهڙيءَ طرح لاوين واري ڪاهنيءَ سان واسطو رکندڙ نيم جو پراڻو قاعدو ڪمزور ۽ بي‌فائدي هئڻ ڪري ختم ٿي ويو،

19 ڇاڪاڻ تہ نيم ڪنهن بہ ڳالهہ کي مڪمل ڪري نہ سگھيو. سو انهيءَ جي بدران اسان کي هڪ بهتر اميد ڏني ويئي آهي، جنهن جي وسيلي اسين ايشور وٽ وڃي ٿا سگھون.

20-21 ان کان علاوہ هيءَ ڳالهہ بہ آهي تہ انهيءَ ڪاهن کي مقرر ڪرڻ وقت ايشور خود قسم کنيو، جڏهن تہ لاوي ڪاهنن کي مقرر ڪرڻ وقت هن ڪو قسم نہ کنيو. هائو، پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ايشور انهيءَ ڪاهن يعني يسوع کي هيئن چيو تہ ”آءٌ پرميشور قسم ٿو کڻان، جنهن کان آءٌ ڪڏهن ڪين ڦرندس تہ تون هميشہ جي لاءِ ڪاهن آهين.“

22 قسم واري انهيءَ فرق جي ڪري يسوع هڪ بهتر ٻڌل وچن جو ضامن مقرر ٿيو.

23 ان کان علاوہ هي بہ فرق آهي تہ موت لاوي ڪاهنن کي قائم رهڻ نہ ٿي ڏنو، تنهنڪري انهن مان گھڻا ئي ڪاهن مقرر ٿيندا رهيا.

24 پر يسوع جي ڪاهني ابناسي آهي، ڇاڪاڻ تہ هو هميشہ تائين جيوت رهڻ وارو آهي.

25 انهيءَ ڪري جيڪي سندس وسيلي ايشور ڏانهن اچن ٿا، تن کي هميشہ لاءِ هو مڪمل مڪتي ڏيئي ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ انهن جي سفارش لاءِ هو هميشہ جيوت آهي.

26 سو اهڙي ئي سردار ڪاهن جي اسان کي گھرج هئي جيڪو پوِتر، بي‌ڏوهہ، بي‌عيب، پاپين کان ڌار ۽ مٿي آڪاش تائين بلند ڪيو ويو هجي.

27 ٻين سردار ڪاهنن وانگر هو انهيءَ ڳالهہ جو محتاج نہ هجي جو هر روز پهريائين پنهنجي پاپن ۽ پوءِ قوم وارن جي پاپن واسطي ٻليدانَ پيش ڪري، ڇاڪاڻ تہ هن ماڻهن جي پاپن واسطي هڪڙي ئي ڀيري هميشہ لاءِ ٻليدان پيش ڪيو، جڏهن پاڻ کي ٻليدان ڪري ڇڏيائين.

28 موسيٰ جو نيم تہ انهن کي سردار ڪاهن مقرر ڪري ٿو جيڪي ڪمزور انسان آهن، پر اهو قسم، جيڪو نيم کان پوءِ ايشور کنيو، سو سندس پٽ کي هميشہ جي لاءِ ڪامل سردار ڪاهن مقرر ٿو ڪري.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan