عبرانين 6 - Hindu Sindhi Bible1 تنهنڪري اچو تہ مسيح بابت بنيادي ڳالهين کان اڳتي بلوغت ڏانهن وڌندا هلون. هائو، انهن بنيادي ڳالهين کي ٻيهر شروع ڪرڻ جي ضرورت نہ آهي، جهڙوڪ: موت ڏانهن وٺي ويندڙ ڪمن کان توبهہ ڪري ايشور تي وشواس آڻڻ، 2 هٿ منهن ڌوئڻ جي ريتن رسمن ۽ مخصوص ڪرڻ يا آسيس گھرڻ لاءِ هٿن رکڻ بابت توڙي مئلن جي وري جيوت ٿيڻ ۽ امر عدالت بابت سکيا. 3 جيڪڏهن ايشور گھريو تہ اسين انهن ڳالهين کان اڳتي وڌنداسين. 4 پر هيءَ ڳالهہ ذهن ۾ رکو تہ جن سچائيءَ جي روشني حاصل ڪرڻ سان گڏ آڪاش واري بخشش جو سواد چکيو آهي، پوِتر آتما جي آسيس ۾ شريڪ ٿيا آهن 5 ۽ ايشور جي چڱي سنديش ۽ نئين سر بحاليءَ واري ايندڙ زماني جي طاقتن جو تجربو بہ حاصل ڪيو اٿائون، 6 پر ان جي باوجود بہ اهي يسوع مسيح کان منهن موڙي ويا آهن، تن ماڻهن کي ٻيهر توبهہ ڏانهن مائل ڪرڻ ناممڪن آهي. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اهي پنهنجي اهڙي رويي سان ڄڻ تہ ايشور جي پٽ کي ٻيهر سوليءَ تي چاڙهي کُليو کُلايو هن جو اپمان ٿا ڪن. 7 ڏسو، جيڪا زمين پاڻ تي بار بار پوندڙ مينهن جو پاڻي پيئي ٿي ۽ پنهنجي پوکيندڙ لاءِ ڪمائتو فصل ٿي اُپائي، تنهن تي ايشور جي آسيس پرگھٽ ٿئي ٿي. 8 پر جيڪا زمين ڪَنڊا ۽ ڪانڊيرا ٿي اُپائي، سا ڪنهن ڪم جي ناهي. انهيءَ تي جلد ئي لعنت اچي پوي ٿي ۽ آخرڪار انهيءَ تي باهہ لڳائي وڃي ٿي. 9 پر اي پريميؤ! جيتوڻيڪ اسين اهي ڳالهيون لکون ٿا، تڏهن بہ اوهان جي باري ۾ انهن بهترين ڳالهين جو يقين ٿا رکون، جيڪي مڪتيءَ سان لاڳو آهن. 10 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ايشور بيانصاف ناهي جو هو اوهان جي محنت ۽ انهيءَ پيار کي وساري ڇڏي، جيڪو اوهان سندس نالي واسطي اهڙيءَ طرح ظاهر ڪيو جو مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي سيوا ڪئي، بلڪ اڃا تائين ڪندا ٿا رهو. 11 اسان جي خواهش آهي تہ اوهان مان هر ڪو سيوا ڪرڻ ۾ ساڳي سرگرمي پڇاڙيءَ تائين ڏيکاريندو رهي، تہ جيئن جن ڳالهين جي اوهين اميد رکو ٿا سي پوريون ٿين. 12 سو اوهين سست نہ ٿيو، پر انهن جي نموني تي هلو، جيڪي وشواس ۽ ثابت قدميءَ جي وسيلي اها ميراث حاصل ڪن ٿا، جنهن جو وچن ايشور ڪيو آهي. ايشور جو مضبوط ۽ قائم رهندڙ وچن 13 ايشور جڏهن ابرهام سان وچن ڪيو تڏهن هن پنهنجو ئي قسم کنيو، ڇاڪاڻ تہ کانئس وڏو ڪوبہ نہ آهي. 14 ان وقت ايشور کيس فرمايو تہ ”يقيناً آءٌ تو کي آسيس مٿان آسيس ڏيندي تنهنجو اولاد گھڻو وڌائيندس.“ 15 انهيءَ تي ابرهام ڌيرج سان انتظار ڪندي اها وچن ڪيل آسيس حاصل ڪئي. 16 ڏسو، قسم کڻڻ وقت ماڻهو پاڻ کان ڪنهن وڏي جو ئي قسم کڻندا آهن. اهڙيءَ طرح اهي تڪرار ۾ هر بحث کي ختم ڪرڻ لاءِ آخري ثابتي قسم سان ئي ڪندا آهن. 17 ساڳئي نموني ايشور بہ انهيءَ ڪري قسم کنيو تہ جيئن وچن ڪيل آسيس حاصل ڪندڙن تي اهو صاف ظاهر ٿئي تہ سندس ارادي ۾ ڪابہ ڦيرگھير ڪانہ ٿيندي. 18 سو ايشور جو وچن ۽ قسم ٻئي اهڙيون شيون آهن جيڪي بدلجي نہ ٿيون سگھن ۽ جن جي باري ۾ ايشور جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي. ايشور اهو انهيءَ ڪري ڪيو تہ اسين جيڪي بچاءَ واسطي سندس شرڻ ۾ اچڻ لاءِ ڊوڙيا آهيون، سي پڪيءَ طرح خاطري ڪري انهيءَ اميد تي قائم رهون جيڪا اسان کي ڏيکاري ويئي آهي. 19 اها اميد اسان لاءِ سامونڊي جهاز جي مضبوط ۽ قائم رهندڙ لنگر مثل آهي، جيڪا پردي جي پٺيان پوِتر ترين جاءِ ۾ پهچي ٿي جتي ايشور رهي ٿو. 20 اتي يسوع هميشہ جي لاءِ ملڪِصدق جي مرتبي جهڙو سردار ڪاهن ٿي اسان جي خاطر اسان کان پهريائين داخل ٿيو آهي. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society