عبرانين 5 - Hindu Sindhi Bible1 ڏسو، هر ڪو سردار ڪاهن ماڻهن مان چونڊجي ايشور سان واسطو رکندڙ ڳالهين ۾ ماڻهن جي ئي نمائندگيءَ لاءِ انهيءَ ڪري مقرر ٿو ڪجي، تہ جيئن هو ڀيٽائون ۽ پاپن لاءِ ٻليدان پيش ڪري. 2 هو جاهلن ۽ ٺڳجي ويندڙن سان نرميءَ واري هلت ڪري ٿو، ڇو تہ هو پاڻ بہ ڪمزوريءَ ۾ ڦاٿل آهي. 3 انهيءَ ڪري مٿس اهو فرض آهي تہ جهڙيءَ طرح ماڻهن جي پاپن واسطي ٻليدان پيش ڪري ٿو، تهڙيءَ طرح پنهنجي پاپن لاءِ بہ ڪري. 4 مان وارو اهو عهدو ڪوبہ ماڻهو پنهنجو پاڻ حاصل ڪري نہ ٿو سگھي، جيستائين ايشور کيس هارون نالي پهرئين سردار ڪاهن وانگر نہ چونڊي. 5 ساڳيءَ طرح مسيح بہ پاڻ کي سردار ڪاهن ٿيڻ جو مان پاڻ نہ ڏنو، بلڪ ايشور ئي کيس ڏنو، جيئن پوِتر شاستر ۾ کيس فرمايائين تہ ”تون منهنجو پٽ آهين، هائو، اڄ آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تنهنجو پتا آهيان.“ 6 اهڙيءَ طرح پوِتر لکت ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ کيس هي بہ فرمايو اٿائين تہ ”تون ملڪِصدق جي مرتبي جهڙو هميشہ وارو ڪاهن آهين.“ 7 يسوع پنهنجي شرير واري جيون ۾ زاروزار روئي ۽ دانهون ڪري ايشور کي پرارٿنائون ۽ منٿون ڪيون، جيڪو کيس موت کان بچائي ٿي سگھيو. انهيءَ ادب سان وس هيٺ رهڻ جي ڪري سندس پرارٿنائون قبول پيون. 8 جيتوڻيڪ هو ايشور جو پٽ هو، تڏهن بہ هن تڪليفون سهي ڪري فرمانبردار رهڻ سکيو. 9-10 ائين موت تائين پهچائيندڙ تڪليفن جي وسيلي ايشور جي طرفان ملڪِصدق جي مرتبي جهڙو ڪامل سردار ڪاهن مقرر ٿي هو پنهنجي سڀني فرمانبردارن لاءِ امر مڪتيءَ جو سبب بڻيو. بنيادي ڳالهين کان بلوغت ڏانهن وڌڻ 11 انهيءَ باري ۾ اسان کي اڃا گھڻو ڪجھہ چوڻو آهي، پر اوهان کي سمجھائڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهين ٻڌڻ جا ڍلا ٿي پيا آهيو. 12 حقيقت ۾ وقت جي لحاظ کان تہ اوهان کي سکيا ڏيندڙ ٿيڻ گھربو هو، پر اوهين اڃا تائين انهيءَ ڳالهہ جا محتاج آهيو تہ ڪو ماڻهو وري اوهان کي ايشور جي سنديش وارين بنيادي ڳالهين جي سکيا ڏئي. سو اوهان کي سخت کاڌي بدران اڃا کير جي گھرج آهي. 13 هاڻي ڏسو، جيڪو رڳو کير تي ٿو پلي، سو اڃا ٻارڙو آهي ۽ هو سچائيءَ جي ڄاڻ بابت بيسمجھہ آهي. 14 جڏهن تہ سخت کاڌو پوريءَ عمر وارن جي لاءِ آهي، جيڪي آزمودي وسيلي ان لائق ٿي ويا آهن جو نيڪيءَ ۽ بديءَ جو فرق سمجھي سگھن. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society