Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

عبرانين 3 - Hindu Sindhi Bible


يسوع مسيح موسيٰ کان مٿاهون

1 تنهنڪري اي پوِتر ۽ مخصوص ٿيل ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي آڪاشي سڏ ۾ شامل آهيو، اوهين ايشور جي موڪليل انهيءَ ايلچيءَ ۽ سردار ڪاهن يسوع تي غور ڪريو، جنهن جو اسين اقرار ڪريون ٿا.

2 هو هن ڪم لاءِ مقرر ڪرڻ واري ايشور سان ائين وفادار رهيو، جهڙي نموني موسيٰ ايشور جي سڄي گھراڻي ۾ پنهنجي ڪم سان وفادار رهيو.

3 پر يسوع موسيٰ کان ايتري قدر وڌيڪ مهانتا جي لائق ليکيو ويو، جيتري قدر ڪنهن گھر جو جوڙيندڙ انهيءَ گھر کان وڌيڪ مانوارو ٿئي ٿو.

4 بيشڪ هر گھر جو ڪو نہ ڪو جوڙيندڙ هوندو آهي، پر جنهن سڀ ڪجھہ جوڙيو آهي سو ايشور ئي آهي.

5 هاڻي ڏسو، موسيٰ سيوڪ جي حيثيت ۾ ايشور جي سڄي گھراڻي سان وفادار رهيو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي ڳالهيون ايشور کي اڳتي ظاهر ڪرڻيون هيون، تن جي شاهدي ڏئي.

6 پر مسيح پٽ جي حيثيت ۾ ايشور جي گھراڻي جو مختيار هوندي وفادار رهيو. هاڻي ايشور جو گھراڻو اسين آهيون، بشرطيڪ اسين پنهنجي همت ۽ انهيءَ اميد تي قائم رهون، جنهن تي اسان کي اعتماد آهي.


بي‌اعتباريءَ خلاف تاڪيد

7 سو اوهان کي ائين ڪرڻ گھرجي جيئن پوِتر آتما فرمائي ٿي تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اڄ جڏهن اوهين مون ايشور جو آواز ٻڌو،

8 تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو، جيئن مون کي چڙ ڏيارڻ واري مهل، يعني آزمائش جي ڏينهن اوهان جي ابن ڏاڏن رڻ‌پٽ ۾ ڪيو هو.

9 اتي هنن منهنجي آزمائش ورتي، ۽ مون کي پرکيو. انهيءَ لاءِ هو چاليهن سالن تائين منهنجي ناراضپي هيٺ رهيا.

10 هائو، آءٌ انهيءَ پيڙهيءَ کان ناراض ٿيس، ۽ چيم تہ ’انهن ماڻهن جون دليون هميشہ ڀَٽڪيل رهن ٿيون. انهن منهنجي واٽن تي هلڻ جي ڪوشش نہ ڪئي.‘

11 تنهنڪري مون ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ ’هو انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندا، جتي آءٌ کين آرام ڏيان ها.‘“

12 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خبردار رهجو، متان اوهان مان ڪنهن جي دل بڇڙي ۽ بي‌اعتبار ٿي جيوت ايشور کان ڦري وڃي.

13 پر جيستائين ايشور جو آواز ٻڌڻ وارو اهو ”اڄ“ جو ڏينهن جاري آهي، تيستائين اوهين هر روز هڪٻئي کي نصيحت ڪندا رهجو، انهيءَ لاءِ تہ متان اوهان مان ڪو پاپ جي فريب ۾ اچي سخت دل ٿي پوي.

14 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسين مسيح جا ساٿي ٿي ويا آهيون، بشرطيڪ اسين پنهنجي شروع واري اعتماد تي پڇاڙيءَ تائين مضبوطيءَ سان قائم رهون.

15 جيئن بني اسرائيل کي چيو ويو آهي تہ ”اڄ جڏهن اوهين مون ايشور جو آواز ٻڌو، تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو، جيئن اوهان مون کي چڙ ڏيارڻ واري مهل ڪيو هو.“

16 ڀلا اهي ڪير هئا جن ايشور جو آواز ٻڌي کيس چڙ ڏياري؟ ڇا هو اهي سڀ نہ هئا جيڪي موسيٰ جي اڳواڻيءَ ۾ مصر مان نڪتا هئا؟

17 اهي ڪير هئا جن کان ايشور چاليهن سالن تائين ناراض رهيو؟ ڇا هو اهي نہ هئا جن پاپ ڪيو ۽ جن جا لاش رڻ‌پٽ ۾ پيا رهيا؟

18 ۽ اهي ڪير هئا جن لاءِ ايشور قسم کڻي فرمايو تہ ”هو انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندا، جتي آءٌ کين آرام ڏيان ها“؟ ڇا هو اهي نہ هئا جن نافرماني ڪئي؟

19 انهيءَ مان اسين ڏسون ٿا تہ بي‌اعتباريءَ جي ڪري اهي بني اسرائيل وارا انهيءَ ملڪ ۾ داخل ٿي نہ سگھيا جتي کين آرام ملي ها.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan