Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

عبرانين 2 - Hindu Sindhi Bible


مهان مڪتيءَ تي ڌيان ڏيڻ لاءِ تاڪيد

1 تنهنڪري لازمي آهي تہ يسوع بابت جيڪي ڳالهيون اسان ٻڌيون آهن، تن تي اسين وڌيڪ ڌيان ڏيون، انهيءَ لاءِ تہ متان لڙهي انهن کان پري نڪري نہ وڃون.

2 ڏسو، نيم جو جيڪو سنديش دوتن جي معرفت ٻڌايو ويو، سو قائم رهيو ۽ جنهن انهيءَ تي عمل نہ ڪندي ان جي نافرماني ڪئي تنهن کي جوڳي سزا ڏني ويئي.

3 تہ پوءِ هيڏي مهان مڪتيءَ کان جيڪڏهن اسين لاپرواهہ رهياسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟ انهيءَ مڪتيءَ جو اعلان پهريائين خود پرڀو يسوع ڪيو ۽ پوءِ جن ماڻهن اهو ٻڌو تن اسان کي ثابتي ڏيئي انهيءَ سچائيءَ جي شاهدي ڏني.

4 ايشور بہ نشانين، ڪرامتن ۽ طرح طرح جي چمتڪارن سان ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب پوِتر آتما جا وردان ماڻهن ۾ ورهائيندي انهيءَ مڪتيءَ جي شاهدي ڏيندو رهيو.


مڪتيءَ جو مالڪ

5 بيشڪ هيءَ مڪتي دوتن جي معرفت ٻڌايل سنديش کان مهان آهي، ڇاڪاڻ تہ هن انتم زماني کان پوءِ نئين سر بحاليءَ وارو ايندڙ زمانو، جنهن بابت اسين هن خط ۾ ذڪر ٿا ڪريون، تنهن کي ايشور دوتن جي وس هيٺ نہ ڪيو آهي.

6 ڏسو، پوِتر شاستر ۾ اهو بيان ڪيو ويو آهي تہ ”اي ايشور! انسان ڇا آهي، جو تون هن کي ياد ڪرين، يا انسان جو اولاد ڇا آهي، جو تون هن جي چنتا ڪرين.

7 تو هن کي دوتن کان ٿورڙو گھٽ ڪيو آهي. تو هن کي مان‌سمان ۽ مهانتا وارو تاج پارائي

8 سڀ شيون هن جي پيرن هيٺ ڪري ڇڏيون آهن.“ هاڻ جيئن سڀ شيون انسان جي پيرن هيٺ ڪيون ويون آهن، تڏهن ان مان ظاهر آهي تہ ايشور ڪابہ اهڙي شيءِ نہ ڇڏي آهي جيڪا انسان جي وس هيٺ نہ هجي. تنهن هوندي بہ اسين اڃا تائين سڀ شيون انسان جي وس هيٺ نہ ٿا ڏسون.

9 پر اسين يسوع کي ڏسون ٿا، جنهن کي ”دوتن کان ٿورڙو گھٽ“ ڪيو ويو هو، تہ جيئن هو ايشور جي ڪرپا سان هر انسان لاءِ موت جو ذائقو چکي. سو جيئن تہ هن موت جي تڪليف سٺي، تنهنڪري کيس ”مان‌سمان ۽ مهانتا وارو تاج“ پارايو ويو آهي.

10 حقيقت ۾ ايشور، جنهن جي لاءِ ۽ جنهن جي وسيلي سڀ شيون پيدا ٿيون آهن، تنهن کي اهو مناسب لڳو تہ گھڻن ٻارن کي مهانتا ۾ داخل ڪرڻ لاءِ يسوع کي تڪليفن جي وسيلي سندن مڪتيءَ جو ڪامل وسيلو بڻائي.

11 هاڻ جيئن تہ پوِتر ۽ مخصوص ڪرڻ واري يعني يسوع جو ۽ پوِتر ۽ مخصوص ٿيڻ وارن يعني ٻارن جو پتا هڪڙو ئي آهي، تنهنڪري يسوع انهن کي ڀاءُ ڀيڻ ڪري سڏڻ کان نہ ٿو شرمائي،

12 بلڪ هو ايشور کي چوي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي ڀائرن ڀينرن ۾ تنهنجو نالو پڌرو ڪندس. منڊليءَ ۾ آءٌ تنهنجي مهما جا ڀڄن ڳائيندس.“

13 هو وري چوي ٿو تہ ”آءٌ پاڻ بہ ايشور تي ڀروسو رکندس.“ هو ائين بہ چوي ٿو تہ ”آءٌ انهن ٻارن سميت ايشور آڏو حاضر آهيان، جيڪي هن مون کي ڏنا آهن.“

14 سو جيئن اهي ٻار انسان آهن، تيئن يسوع پاڻ بہ انهن سان گڏ انهن وانگر بڻيو، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي موت جي وسيلي موت تي اختيار رکندڙ يعني شيطان کي ناس ڪري.

15 اهڙيءَ طرح هو انهن سڀني کي آزاد ڪري، جيڪي موت جي ڊپ کان سڄي عمر غلاميءَ ۾ گرفتار آهن.

16 هاڻ ظاهر آهي تہ جن جي هو مدد ٿو ڪري سي دوت نہ آهن، پر ابرهام جي پيڙهي آهن.

17 تنهنڪري اهو لازمي هو تہ هو پاڻ بہ هر طرح پنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ ايشور جي سيوا ڪرڻ ۾ هو اهڙو سردار ڪاهن ٿئي، جيڪو ديالو ۽ وفادار هجي ۽ ماڻهن جي پاپن جو ڪفارو ادا ڪري سگھي.

18 هاڻ جيئن تہ يسوع مسيح آزمائش ۾ پئي پاڻ تڪليفون سٺيون، تنهنڪري هو انهن جي مدد ڪري سگھي ٿو جيڪي آزمائش ۾ پون ٿا.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan