Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

عبرانين 12 - Hindu Sindhi Bible


ايشور جي سيکت ۾ اسان جي ڀلائي

1 جيئن تہ اسين بيان ڪيل شاهدن جي ايڏي وڏي ڪڪر جي گھيري ۾ آهيون، تنهنڪري اچو تہ اسين بہ هر رڪاوٽ ۽ ڦاسائيندڙ هر پاپ کي هٽائي ثابت قدميءَ سان انهيءَ ڊوڙ ۾ ڊوڙون جيڪا اسان جي اڳيان آهي.

2 اچو تہ هن ڊوڙ ۾ اسين يسوع تي پنهنجيون نظرون رکي ڊوڙندا رهون، جيڪو اسان جي وشواس جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي. هن انهيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا سندس نظر آڏو هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري سوليءَ جي تڪليف سٺي ۽ ايشور جي تخت تي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.

3 هائو، جنهن هستيءَ پاپين جي ايڏي وڏي مخالفت برداشت ڪئي، تنهن تي غور ڪريو. تڏهن اوهين انهيءَ ڊوڙ ۾ ٿڪجي همت هاري نہ ويهندا.

4 ڏسو، پاپ جي خلاف وڙهندي اوهان اڃا تائين اهڙو مقابلو نہ ڪيو آهي جو اوهان جو رت وهايو ويو هجي.

5 اوهين انهيءَ همتائيندڙ نصيحت کي وساري ويٺا آهيو، جنهن ۾ اوهان کي ”منهنجا ٻچا“ چئي مخاطب ڪيو ويو آهي تہ ”اي منهنجا ٻچا! پرميشور جي سيکت کي خسيس نہ سمجھہ، ۽ جڏهن هو تو کي ڇينڀي، تڏهن همت نہ هار.

6 ڏس، پرميشور جنهن سان پريم ٿو رکي، تنهن کي سيکت بہ ڏئي ٿو، ۽ جنهن کي پنهنجو ٻار ٿو بڻائي، تنهن کي سزا بہ ڏئي ٿو.“

7 سو اوهين بہ انهيءَ سيکت کي برداشت ڪندا رهو، ڇاڪاڻ تہ ايشور اوهان سان ٻچن جهڙي هلت ٿو ڪري. اهو ڪهڙو ٻار آهي جنهن کي سندس پتا سيکت نہ ٿو ڏئي؟

8 جيڪڏهن اوهان کي سڀني وانگر سيکت نہ ڏني وڃي، تہ ان جو مطلب اهو ٿئي ها تہ اوهين ايشور جا حقيقي ٻار نہ، پر ناجائز اولاد آهيو.

9 ڏسو، اسان جا سنساري پتا اسان کي سيکت ڏيندا هئا، تہ بہ اسين هنن جو مان‌سمان ڪندا رهيا آهيون. تہ پوءِ اسين پنهنجي آڪاشي پتا يعني ايشور جي ڇو نہ وڌيڪ آگيا مڃون تہ جيئن جيوت رهون؟

10 اسان جا سنساري پتا ٿورن ڏينهن جي لاءِ پنهنجي سمجھہ مطابق اسان کي سيکت ڏيندا هئا. پر ايشور جيڪا سيکت اسان کي ڏئي ٿو، سا اسان جي ڀلائيءَ جي لاءِ آهي، تہ جيئن اسين سندس پوِترتائيءَ ۾ شامل ٿيون.

11 ڪابہ سيکت جڏهن ڏني وڃي ٿي، تڏهن خوشيءَ جو نہ، پر ڏک جو سبب ٿي لڳي. پر جيڪي برداشت ڪري پختا ٿي وڃن ٿا، تن کي اها پڇاڙيءَ ۾ سچائيءَ ۽ شانتيءَ وارو جيون بخشي ٿي.

12 تنهنڪري ڍلا هٿ ۽ ڪمزور گوڏا مضبوط ڪريو.

13 پنهنجي پيرن جا رستا سنوان ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ ڪو منڊو ٿاٻو نہ کائي، بلڪ ڇٽي چڱو ڀلو ٿئي.


آڪاشي فرمان کان انڪار بابت چتاءُ

14 سڀني ماڻهن سان صلح وَ شانتيءَ سان رهڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ انهيءَ پوِترتائيءَ جا ڳولائو ٿيو، جنهن کان سواءِ ڪوبہ پرميشور کي نہ ڏسندو.

15 خيال رکو تہ متان اوهان مان ڪو ماڻهو ايشور جي ڪرپا کان محروم رهجي وڃي، يا ڪا ڪؤڙي پاڙ ڦُٽي اوهان کي تڪليف ڏئي ۽ انهيءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻهو اپوِتر ٿي پون.

16 خيال رکو تہ متان ڪو زناڪار يا عيسوءَ وانگر ايشور جي ڳالهين کي خسيس ڄاڻيندڙ نہ ٿئي، جنهن هڪڙي وقت جي کاڌي جي عيوض پنهنجي پهريتي هجڻ جو حق وڪڻي ڇڏيو.

17 اوهين ڄاڻو ٿا تہ انهيءَ کان پوءِ جڏهن هن آسيس جو وارث ٿيڻ ٿي گھريو تہ کيس رد ڪيو ويو. هن کي توبهہ ڪرڻ جو موقعو بہ نہ مليو، جيتوڻيڪ هن ڳوڙها ڳاڙيندي انهيءَ آسيس کي حاصل ڪرڻ جي تمام گھڻي ڪوشش ڪئي.

18 اوهان جي هلت چلت چڱي هئڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اوهين ايشور جي شرڻ ۾ آيا آهيو. ائين نہ آهي جو اوهين ڌرتيءَ تي ڪنهن اهڙي جاءِ وٽ آيا آهيو جتي باهہ پئي ٻري ۽ ڪاراڻ، اونداهي ۽ طوفان آهي، جيئن سينا جبل وٽ بني اسرائيل وارن سان ٿيو.

19 انهيءَ جبل تي توتاري جو شور ۽ ايشور جي ڳالهائڻ جو اهڙو آواز هو، جنهن جي ٻڌڻ وارن يعني بني اسرائيل وينتي ڪئي تہ ساڻن وڌيڪ نہ ڳالهايو وڃي،

20 ڇاڪاڻ تہ هو اهو آواز برداشت ڪري نہ سگھيا، جنهن ۾ کين اهو حڪم ڏنو ويو هو تہ ”جيڪڏهن ڪو جانور بہ هن جبل کي ڇهي تہ کيس سنگسار ڪيو وڃي.“

21 اهو نظارو اهڙو تہ خوفناڪ هو جو موسيٰ چيو تہ ”آءٌ خوف وچان ڏڪي رهيو آهيان.“

22 ڏسو، اوهين سينا جبل وٽ اچڻ وارن جيان نہ، پر صيئون جبل تي جيوت ايشور جي شهر وارن جيان ايشور جي شرڻ ۾ آيا آهيو. اتي آڪاشي يروشلم وٽ جشن ملهائيندڙ بي‌شمار دوتن جي محفل آهي.

23 اوهين ايشور جي انهن پهريتن يعني چونڊي پوِتر ڪيلن جي منڊليءَ ۾ آيا آهيو، جن جا نالا ايشور وٽ آڪاش تي لکيل آهن. اوهين سڄي مخلوق جي انصاف ڪندڙ ايشور وٽ آيا آهيو. اوهين ايشور آڏو ڪامل ڪيل سچارن جي آتمائن وٽ آيا آهيو.

24 اوهين نئين ٻڌل وچن جي وچ واري يسوع وٽ ۽ سندس ڇٽڪاريل انهيءَ رت وٽ آيا آهيو، جيڪو هابل جي وهايل رت وارين ڳالهين کان بهتر ڳالهيون ٿو ڪري.

25 خبردار! انهيءَ هستيءَ جي فرمان جو انڪار نہ ڪجو جيڪو هن وقت ڳالهائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل وارا، جن ڌرتيءَ تي ڏنل سندس فرمان جو انڪار ڪيو هو سي بچي نہ سگھيا. تہ پوءِ آڪاش مان آيل سندس فرمان جو جيڪڏهن اسين انڪار ڪنداسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟

26 انهيءَ هستيءَ جڏهن سينا جبل تان ڳالهايو هو تہ ڌرتي لڏي ويئي هئي. پر هاڻي هن فرمايو آهي تہ ”هڪڙو دفعو وري بہ آءٌ نہ رڳو ڌرتيءَ کي، بلڪ آڪاش کي بہ لوڏي ڇڏيندس.“

27 سو اهي لفظ تہ ”هڪڙو دفعو وري بہ“ اهو ظاهر ٿا ڪن تہ جيڪي شيون لوڏيون وڃن ٿيون، سي رچيل هئڻ ڪري مِٽجي وينديون، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي شيون نہ ٿيون لڏن سي قائم رهن.

28 سو جيئن تہ اسان کي اهڙي راڄ ۾ شامل ڪيو ٿو وڃي، جيڪو لڏي وڃڻ وارو ناهي، تنهنڪري اچو تہ اسين شڪرگذار ٿيون ۽ اهڙي مان‌سمان ۽ خوف سان ڀڳتي ڪريون جو اها ايشور کي پسند اچي،

29 ڇاڪاڻ تہ اسان جو ايشور ساڙي رک ڪرڻ واري باهہ آهي.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan