عبرانين 11 - Hindu Sindhi Bibleوشواس 1 وشواس مان مراد آهي انهن شين جي ملڻ جي خاطري، جن جي اميد ڪئي وڃي ٿي، هائو، انهن شين تي يقين، جيڪي ڏسڻ ۾ نہ ٿيون اچن. 2 اهو انهن جو وشواس ئي هو جو اڳئين زماني جي ماڻهن ايشور جو راضپو حاصل ڪيو. 3 وشواس جي ڪري ئي اسين سمجھون ٿا تہ سڀيئي جهان ايشور جي حڪم سان بڻيا آهن. ائين نہ آهي تہ جيڪي ڪجھہ نظر اچي ٿو سو ڏسڻ ۾ ايندڙ شين مان بڻيو آهي. 4 وشواس جي ڪري ئي هابل ايشور آڏو قائن کان وڌيڪ سٺو ٻليدان پيش ڪيو. انهيءَ جي ڪري ايشور سندس ڀيٽا قبول ڪري ظاهر ڪيو تہ هو سچار هو. جيتوڻيڪ هو مري ويو آهي تہ بہ پنهنجي وشواس جي مثال وسيلي ڄڻ تہ اڃا تائين ڳالهائي پيو. 5 وشواس جي ڪري ئي حنُوڪ مٿي آڪاش ڏانهن کنيو ويو، تہ جيئن موت کي نہ ڏسي. جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”هن جو ڪوبہ پتو ڪونہ پيو، ڇاڪاڻ تہ ايشور مٿي کڻي ورتس.“ اهو هن ڪري ٿيو جو سندس کڄي وڃڻ کان اڳ هن بابت اها شاهدي ڏني ويئي هئي تہ ”هو ايشور کي پسند آيو آهي.“ 6 وشواس کان سواءِ ايشور کي پسند اچڻ ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ايشور ڏانهن اچي ٿو، تنهن لاءِ اهو وشواس رکڻ لازمي آهي تہ ايشور موجود آهي ۽ جيڪي چاهہ سان سندس ڳولائو ٿين ٿا تن کي لاڀ ڏئي ٿو. 7 وشواس جي ڪري ئي نوح اهي ڳالهيون مڃيون جيڪي اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون هيون، جن بابت ايشور کيس خبردار ڪيو هو. هن ايشور جو خوف رکي پنهنجي خاندان کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ هڪڙو ٻيڙو ٺاهيو. اهڙيءَ طرح نوح سنسار کي ڏوهي قرار ڏنو ۽ انهيءَ سچائيءَ جو وارث ٿيو، جيڪا وشواس جي ڪري حاصل ٿئي ٿي. 8 جڏهن ابرهام کي سڏيو ويو تہ وشواس جي ڪري ئي هو ايشور جو حڪم مڃي انهيءَ ملڪ ڏانهن هليو ويو، جيڪو بعد ۾ کيس وچن ڪيل ميراث طور ملڻو هو. هائو، هو اٿي روانو ٿيو، جيتوڻيڪ هن کي اها سڌ نہ هئي تہ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي. 9 وشواس جي ڪري ئي ايشور جي وچن ڪيل ملڪ ۾ ابرهام تنبن ۾ هڪ پرديسيءَ وانگر رهيو. اضحاق ۽ يعقوب جيڪي سندس اولاد هئا ۽ ايشور جي ساڳئي وچن ۾ ساڻس گڏ وارث هئا، سي بہ ابرهام وانگر تنبن ۾ رهندا هئا. 10 ابرهام انهيءَ شهر جو اميدوار هو، جنهن جو بنياد پڪو ۽ پختو آهي ۽ جنهن جو رچيندڙ ۽ اڏيندڙ خود ايشور آهي. 11 وشواس جي ڪري ئي ابرهام پتا ٿيڻ جي لائق ٿيو، جيتوڻيڪ هو تمام پوڙهو هو ۽ سندس پتني سارہ بہ سنڍ هئي. ابرهام وچن ڪرڻ واري کي سچو ڄاتو. 12 اهڙيءَ طرح هڪڙي اهڙي پوڙهي شخص مان جيڪو ڄڻ مرڻ ڪنڌيءَ تي هو، ”آڪاش جي تارن جيترو ۽ سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جي ذرڙن جيترو بيشمار اولاد“ پيدا ٿيو. 13 اهو وشواس ئي هو جنهن تي اهي سڀ مرڻ گھڙيءَ تائين قائم رهيا. جيتوڻيڪ کين ڪجھہ بہ نہ مليو، جنهن جو ايشور ساڻن وچن ڪيو هو، تڏهن بہ پري کان ئي سڀ ڪجھہ ڏسي خوشيءَ جو اظهار ڪيائون. ان سان گڏ هنن اقرار ڪيو تہ ”اسين ڌرتيءَ تي پرديسي ۽ مسافر آهيون.“ 14 جيڪي ماڻهو اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن، سي ظاهر ڪندا آهن تہ ”اسان جو ديس ڪو ٻيو آهي، جنهن جا اسين خواهشمند آهيون.“ 15 ائين چوندي جيڪڏهن هنن جو انهيءَ ملڪ ڏانهن وڃڻ جو خيال هجي ها، جنهن مان نڪري آيا هئا تہ هو اوڏانهن موٽي وڃي ٿي سگھيا. 16 پر ان جي بدران هو انهيءَ کان بهتر يعني آڪاشي ديس جي لاءِ واجھائي رهيا هئا. جيئن تہ ايشور، انهن جو ايشور سڏجڻ کان شرمائي نہ ٿو، تنهنڪري هن انهن جي لاءِ هڪڙو شهر تيار ڪري ڇڏيو آهي. 17-18 وشواس جي ڪري ئي ابرهام پنهنجي آزمائش وقت اضحاق کي ڀيٽا طور ٻليدان ڪيو. جيتوڻيڪ ابرهام ايشور جا وچن قبول ڪيا هئا ۽ ايشور کيس فرمايو هو تہ ”اضحاق مان ئي تنهنجي پيڙهي جاري ٿيندي،“ تنهن هوندي بہ هو پنهنجي سڪيلڌي پٽ کي ٻليدان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. 19 انهيءَ جو سبب هي هو جو هن سمجھيو ٿي تہ ايشور کي مئلن مان جيوت ڪرڻ جي بہ شڪتي آهي. سو اضحاق جي موت کان بچي وڃڻ جي باوجود ابرهام کيس مثالي طرح مئلن مان وري حاصل ڪيو. 20 وشواس جي ڪري ئي اضحاق پنهنجي ٻنهي پٽن يعقوب ۽ عيسوءَ کي ايندڙ وقت جي ڳالهين بابت بہ آسيس ڪئي. 21 وشواس جي ڪري ئي يعقوب مرڻ مهل پنهنجي پٽ يوسف جي ٻنهي پٽن مان هر هڪ کي آسيس ڪئي ۽ پنهنجي لٺ جي چوٽيءَ تي مٿو رکي ايشور آڏو سيس نوايائين. 22 وشواس جي ڪري ئي يوسف جڏهن مرڻ کي ويجھو هو، تڏهن هن مصر ملڪ مان بني اسرائيل جي نڪرڻ بابت ٻڌايو ۽ اهو حڪم بہ ڏنو تہ ”منهنجي هڏين کي ساڻ کڻي وڃجو.“ 23 وشواس جي ڪري ئي موسيٰ جي ماتا پتا سندس جنم کان پوءِ ٻارڙي جي خوبصورتي ڏسي کيس ٽن مهينن تائين لڪائي رکيو. هو راجا جي انهيءَ حڪم جي خلافورزيءَ کان ڪين ڊنا تہ نئين ڄاول پٽ کي ماريو وڃي. 24 وشواس جي ڪري ئي موسيٰ وڏي ٿيڻ تي مصر جي راجا جي ڌيءَ جو پٽ سڏائڻ کان انڪار ڪيو. 25 انهيءَ جو سبب هي هو تہ ٿوري وقت تائين پاپ جا مزا ماڻڻ بدران هن ايشور جي قوم وارن سان شامل ٿي بري سلوڪ سهڻ کي وڌيڪ پسند ڪيو. 26 هن مسيح جي خاطر اپمانت ٿيڻ کي مصر جي خزانن کان وڏي دولت سمجھيو. هن جي نظر ملڻ واري لاڀ تي هئي. 27 وشواس جي ڪري ئي راجا جي ڪاوڙ جي پرواهہ نہ ڪندي موسيٰ مصر کي ڇڏي ڏنو. ائين هو ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ ايشور کي ڄڻ تہ ڏسي ڪري ثابت قدم رهيو. 28 وشواس جي ڪري ئي هن فصح جو تهوار قائم ڪيو، جڏهن بني اسرائيل کي حڪم ڏنائين تہ اهي ٻليدان ڪري رت دروازن جي ٻانهين ۽ سردرن تي ڇٽڪارين، انهيءَ لاءِ تہ موت جو دوت بني اسرائيل جي پهريتن پٽن کي هٿ نہ لائي. 29 وشواس جي ڪري ئي جڏهن ڳاڙهي سمنڊ مان پاڻي سڪي ويو تہ بني اسرائيل اتان لنگھي ويا. پر جڏهن مصرين انهن جو پيڇو ڪندي ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ اهي ٻڏي مئا. 30 وشواس جي ڪري ئي بني اسرائيل جڏهن يريحو شهر جي چوڌاري ست ڏينهن ڦيرا ڏنا تہ شهر جو ڪوٽ ڪري پيو. 31 وشواس جي ڪري ئي راحب وئشيا بچي ويئي جڏهن انهيءَ شهر جي نافرمانن کي ماريو ويو، ڇاڪاڻ تہ هن بني اسرائيل قوم جي جاسوسن کي پاڻ وٽ صحيح سلامت رکيو هو. 32 هاڻي وڌيڪ آءٌ ڇا ٻڌايان؟ هينئر ايترو وقت ڪانہ اٿم جو جِدعون، برق، سمسون، افتاح، يا وري دائود، سموئيل ۽ ايشور جو سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جو ذڪر ڪريان. 33 وشواس جي ڪري ئي انهن مان ڪن راڄن تي سوڀ حاصل ڪئي، ڪن انصاف سان سنڀال ڪئي، ڪن اهي آسيسون حاصل ڪيون جن جو ايشور ساڻن وچن ڪيو هو ۽ ڪن شينهَن جا وات بند ڪري ڇڏيا. 34 انهن مان ڪن ڀڙڪندڙ باهہ کي ٿڌو ڪيو ۽ ڪي تلوار جي ڌار کان بہ بچي نڪتا. انهن مان ڪي ڪمزوريءَ مان ٻلوان ٿيا، ڪي جنگ ۾ طاقتور بڻيا، ڪن ڌارين فوجن کي ڀڄائي ڪڍيو 35 ۽ ڪن نارين کي سندن مري ويل پيارا وري جيوت ٿي مليا. وشواس جي ڪري ئي ڪي ماڻهو ايذاءَ سهندي سهندي مري ويا پر آزادي قبول نہ ڪيائون، انهيءَ لاءِ تہ ٻيهر جيوت ٿي بهتر جيون حاصل ڪن. 36 ڪن ماڻهن کي کِل ٺٺوليءَ جو نشانو بڻائي چهبڪ هنيا ويا، ايتري قدر جو کين زنجيرن سان ٻڌي قيد ۾ وڌو ويو. 37 ڪي ماڻهو سنگسار ڪيا ويا، ڪي ڪرٽ سان چيريا ويا ۽ ڪي تلوار سان قتل ڪيا ويا. ڪي ماڻهو محتاجيءَ، مظلوميءَ ۽ بدسلوڪيءَ جي حالت ۾ رڍن ۽ ٻڪرين جون کلون پائي 38 بيابانن ۽ جبلن ۾ ڀَٽڪندا رهيا ۽ غارن ۽ زمين جي چُرن ۾ لڪندا رهيا. هي سنسار انهن جي رهڻ لائق نہ هو. 39 جيتوڻيڪ انهن سڀني کي سندن وشواس جي ڪري ايشور جو راضپو حاصل ٿيو، تڏهن بہ کين اهو ڪجھہ نہ مليو جنهن جو ايشور وچن ڪيو هو. 40 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ايشور اڳي ئي هڪ بهتر منصوبو جوڙي ڇڏيو هو جنهن ۾ اسين بہ شامل آهيون. ايشور چاهيو ٿي تہ اهي سڀ اسان سان گڏجڻ سان ئي وٽس ڪامل ڪيا وڃن. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society