Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

عبرانين 10 - Hindu Sindhi Bible

1 ڏسو، نيم آئندہ ملڻ وارين چڱين شين جو رڳو پاڇو آهي، اهو انهن حقيقي شين جو اصلي روپ ناهي. تنهنڪري نيم مطابق هر سال ساڳيا ئي ٻليدان پيش ڪندو رهڻ سان اهو نيم ڀڳتي ڪندڙن کي ڪڏهن بہ ايشور وٽ ڪامل نہ ٿو ڪري سگھي.

2 جيڪڏهن نيم ائين ڪري سگھي ها تہ پوءِ اهي ٻليدان پيش ڪرڻ بند ٿي وڃن ها. هائو، جيڪڏهن ڀڳتي ڪندڙ هڪ ئي دفعي هميشہ لاءِ پوِتر ٿي وڃن ها، تہ پوءِ اڳتي هنن کي پاپي هجڻ جو احساس ئي نہ رهي ها.

3 پر ان جي بدران اهي ٻليدان هر سال ماڻهن کي سندن پاپن جي ياد ڏيارين ٿا.

4 مطلب تہ ائين ٿي نہ ٿو سگھي جو ڏاندن ۽ ٻڪرن جو رت پاپن کي مِٽائي ڇڏي.

5 تنهنڪري ئي مسيح سنسار ۾ اچڻ مهل ايشور کي چيو تہ ”تو ٻليدان ۽ ڀيٽا نہ چاهي، پر تو منهنجي لاءِ هڪڙو شرير تيار ڪيو.

6 هائو، ساڙڻ وارن ٻليدانن ۽ پوِتر ٿيڻ واسطي ٻليدانن کان تون خوش نہ ٿئين.

7 تڏهن مون چيو تہ ’اي ايشور! آءٌ آيو آهيان، انهيءَ لاءِ تہ تنهنجي مرضي پوري ڪريان،‘ جهڙيءَ طرح پوِتر شاستر ۾ منهنجي باري ۾ لکيل آهي.“

8 پهريائين مسيح چيو تہ ”ٻليدانَ، ڀيٽائون، ساڙڻ وارا ٻليدان ۽ پوِتر ٿيڻ واسطي ٻليدان تو نہ چاهيا، نڪي تون انهن مان خوش ٿئين.“ مسيح ائين چيو جيتوڻيڪ اهي ٻليدان نيم موجب چاڙهيا وڃن ٿا.

9 پوءِ وري چيائين تہ ”آءٌ آيو آهيان، انهيءَ لاءِ تہ تنهنجي مرضي پوري ڪريان.“ اهڙي نموني مسيح اڳئين نيم واري انتظام کي رد ڪندي نئون انتظام قائم ڪري ٿو.

10 ايشور جي انهيءَ مرضيءَ جي نتيجي ۾ اسين يسوع مسيح جي شرير جي هڪڙي ئي دفعي هميشہ لاءِ ٻليدان ٿيڻ جي وسيلي مخصوص ۽ پوِتر ڪيا ويا آهيون.

11 نيم موجب هر هڪ ڪاهن روزانو بيهي ڌرمي سيوا ٿو ڪري ۽ هر هر ساڳيا ئي ٻليدان ٿو چاڙهي، جيڪي ڪڏهن بہ پاپن کي مِٽائي نہ ٿا سگھن.

12 پر مسيح هڪڙو ئي ٻليدان هميشہ جي واسطي چاڙهي پاپن کي مِٽائي ڇڏيو. پوءِ هو ”ايشور جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.“

13 انهيءَ وقت کان وٺي هو انتظار ۾ آهي تہ ”سندس دشمنن کي سندس پيرن هيٺان ڪيو وڃي.“

14 سو هن هڪڙو ٻليدان چاڙهڻ سان انهن کي هميشہ جي لاءِ ايشور وٽ ڪامل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي انهيءَ ٻليدان جي وسيلي مخصوص ۽ پوِتر ڪيا ويا آهن.

15 پوِتر آتما بہ انهيءَ باري ۾ اسان کي شاهدي ڏيئي پرميشور جو هي فرمان ٻڌائي ٿي تہ

16 ”جيڪو نئون وچن اچڻ وارن ڏينهن ۾ آءٌ پنهنجي قوم سان ٻڌندس، سو هي آهي تہ آءٌ پنهنجا قانون سندن دلين ۾ وجھندس، ۽ سندن ذهنن تي اهي نقش ڪندس.“

17 پوِتر آتما پرميشور جو وڌيڪ فرمان ٻڌائي ٿي تہ ”هنن جا پاپ ۽ هنن جون نافرمانيون آءٌ وري ڪڏهن بہ ياد نہ ڪندس.“

18 هاڻي جيئن تہ انهن جي پاپن جي معافي ٿي ويئي آهي، تڏهن سندن پاپن لاءِ ٻليدان جي ضرورت ئي ناهي رهي.


ثابت قدم رهڻ لاءِ همت‌افزائي ۽ تاڪيد

19 تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان کي پورو ڀروسو آهي تہ اسين يسوع جي رت جي وسيلي آڪاش واري پوِتر ترين جاءِ ۾ داخل ٿي سگھون ٿا.

20 يسوع اسان جي لاءِ پردي منجھان هڪ نئون ۽ جيون ڏيندڙ رستو کولي ڇڏيو آهي ۽ اهو سندس شرير جي ٻليدان وسيلي آهي.

21 هو اسان جو اهڙو مهان ڪاهن آهي، جيڪو ايشور جي گھراڻي جو مختيار آهي.

22 سو هاڻي جيئن تہ اسان تي مسيح جو رت ڇٽڪاريو ويو آهي، يعني اسان جا ضمير پاپن کان پوِتر ٿيل آهن ۽ اسان جا شرير صاف پاڻيءَ سان ڌوتل آهن، تنهنڪري اچو تہ سچيءَ دل سان ۽ پوري وشواس سان ايشور کي ويجھا ٿيون.

23 اچو تہ جنهن اميد جو اسين اقرار ٿا ڪريون تنهن تي بنا ڪنهن شڪ شبهي جي قائم رهون، ڇاڪاڻ تہ جنهن اسان کي اها اميد ڏني آهي سو سچو آهي.

24 اچو تہ اسين پيار ۽ چڱن ڪمن جو هڪٻئي ۾ شوق پيدا ڪرڻ لاءِ ويچار ڪريون.

25 اسين پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ ڇڏي نہ ڏيون، جيئن ڪن ماڻهن جي عادت آهي. انهيءَ جي بدران اچو تہ هڪٻئي کي همتائيندا رهون، خاص ڪري ان ڳالهہ کي نظر ۾ رکندي تہ پرڀوءَ جي موٽي اچڻ وارو ڏينهن ويجھو ايندو پيو وڃي.

26 ياد رکو، جيڪڏهن اسين سچ جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ کان پوءِ بہ ڄاڻي‌واڻي پاپ ڪندا رهون تہ پاپن جي مِٽائڻ لاءِ ڪوبہ ٻليدان اڳتي باقي ناهي رهيو.

27 پوءِ رڳو ايشور جي عدالت جو خوف ڀريو انتظار ۽ اها ڀڙڪندڙ باهہ باقي رهندي، جيڪا ايشور جي دشمنن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.

28 جڏهن ڪو ماڻهو موسيٰ جي نيم کي نہ ٿو مڃي تہ بنا ڪنهن ديا جي ”ٻن يا ٽن ماڻهن جي شاهديءَ تي کيس ماريو ٿو وڃي،“

29 تڏهن غور ڪريو تہ اهو شخص ڪيڏي نہ وڏي سزا جي لائق ٿيندو، جنهن ايشور جي پٽ کي پيرن هيٺ لتاڙيو، ٻڌل وچن جي انهيءَ رت کي ڪين جهڙو سمجھيو جنهن سان کيس مخصوص ۽ پوِتر ڪيو ويو هو ۽ ڪرپا بخشيندڙ آتما جو اپمان ڪيائين!

30 هائو، کيس سزا ضرور ملندي، ڇاڪاڻ تہ اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون ٿا جنهن فرمايو آهي تہ ”بدلو وٺڻ منهنجو ڪم آهي، آءٌ ئي سزا ڏيندس.“ وري هي بہ ڄاڻون ٿا تہ ”پرميشور پنهنجي قوم جو فيصلو ڪندو.“

31 سو ياد رکو، جيوت ايشور جي پڪڙ وڏي خوفناڪ آهي.

32 انهن اڳوڻن ڏينهن کي ياد ڪريو، جڏهن سچائيءَ جي روشني حاصل ڪرڻ کان پوءِ اوهان ثابت قدميءَ سان سخت تڪليفن کي منهن ڏنو.

33 ڪڏهن تہ اوهين ڦٽ لعنت ۽ ستائجڻ جي ڪري خود سرِعام تماشو بڻيا ۽ ڪڏهن وري اوهان اهڙين حالتن ۾ ڦاٿل ماڻهن جو ساٿ ڏنو.

34 جيڪي قيد ۾ هئا، تن سان اوهان همدردي ڪئي ۽ پنهنجي مال ملڪيت جو لٽجي وڃڻ بہ خوشيءَ سان قبول ڪيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان ڄاتو پئي تہ اوهان وٽ انهيءَ کان بهتر ۽ امر ملڪيت موجود آهي.

35 سو هاڻي اوهين پنهنجي انهيءَ اعتماد کي هٿان وڃڻ نہ ڏيو، جنهن جو لاڀ مهان آهي.

36 هائو، اوهان کي ثابت قدميءَ سان منهن ڏيڻ گھرجي، انهيءَ لاءِ تہ ايشور جي مرضي پوري ڪري اوهين اهو ڪجھہ حاصل ڪريو، جنهن جو ايشور پاڻ وچن ڪيو آهي، جيئن هن پوِتر شاستر ۾ فرمايو آهي تہ

37 ”تمام ٿورو وقت باقي آهي، جو اچڻ وارو ايندو ۽ دير نہ ڪندو.

38 ان وقت جيڪو منهنجو سچار ماڻهو هوندو، سو وشواس جي وسيلي جيوت رهندو، پر جيڪڏهن ڪو پوئتي هٽندو، تہ آءٌ هن کان خوش نہ ٿيندس.“

39 سو اسين پوئتي هٽڻ وارن مان نہ آهيون جو ناس ٿيون، پر اسين انهن مان آهيون جيڪي وشواس رکي پاڻ کي بچائين ٿا.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan