عبرانين 1 - Hindu Sindhi Bibleيسوع مسيح ايشور جي ذات جو نقش 1 اڳئين زماني ۾ ايشور اسان جي ابن ڏاڏن سان وقت بہ وقت ۽ مختلف طريقن سان سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت ڳالهايو. 2 پر هاڻي هن انتم زماني ۾ ايشور اسان سان پنهنجي پٽ جي معرفت ڳالهايو، جنهن کي هن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو ۽ سندس ئي وسيلي سڀيئي زمانا بڻايائين. 3 اهو پٽ ايشور جي جوت جو تجلو ۽ سندس ذات جو پورو پورو نقش ٿي ڪري پنهنجي شڪتيءَ واري وچن سان سڀني شين کي سنڀالي ٿو. هو اسان کي پاپن کان ڌوئي پوِتر ڪرڻ بعد مٿي آڪاش تي مهان ايشور جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو. 4 اهڙيءَ طرح هو دوتن کان اوتري قدر مهان ٿيو، جيتري قدر کيس انهن جي دوت نالي کان مهان نالو ورثي ۾ مليو. يسوع مسيح دوتن کان مٿاهون 5 ڇا ايشور دوتن مان ڪڏهن ڪنهن کي هيئن فرمايو جيئن يسوع کي فرمايائين تہ ”تون منهنجو پٽ آهين، هائو، اڄ آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تنهنجو پتا آهيان“؟ يا ڪنهن دوت بابت هي فرمايو اٿائين تہ ”آءٌ هن جو پتا ٿيندس ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو“؟ 6 وري جڏهن هو پنهنجي پهريتي پٽ کي سنسار ۾ موڪلي ٿو، تڏهن فرمائي ٿو تہ ”مون ايشور جا سڀ دوت هن جي اڳيان سيس نوائين.“ 7 دوتن جي باري ۾ هو فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي دوتن کي هوائون، بلڪ پنهنجي انهن سيوڪن کي باهہ جا شعلا ٿو بڻايان.“ 8 پر پنهنجي پٽ کي هو فرمائي ٿو تہ ”اي ايشور! تنهنجو تخت هميشہ هميشہ تائين قائم رهندو. تنهنجي حڪومت انصاف واري حڪومت آهي. 9 تو سچائيءَ سان پريم، ۽ نيم جي ڀڃڪڙيءَ کان نفرت رکي. تنهنڪري مون يعني تنهنجي ايشور تو کي بيحد خوشيءَ واري وردان سان مخصوص ڪري تنهنجي سنگتين کان تو کي مٿاهون ڪيو.“ 10 هو پٽ کي هيئن بہ فرمائي ٿو تہ ”اي پرڀو! تو شروع ۾ ڌرتيءَ کي بڻايو، ۽ آڪاش پڻ تنهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن. 11 اهي سڀ ناس ٿي ويندا، پر تون قائم رهندين. اهي سڀ پوشاڪ وانگر پراڻا ٿي ويندا. 12 تون انهن کي چادر وانگر مَٽائي ويڙهي ڇڏيندين. هائو، انهن کي پراڻي پوشاڪ وانگر بدلائيندين. پر تون اهڙو جو اهڙو ئي رهندين، ۽ تنهنجو جيون ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيندو.“ 13 ڇا ايشور دوتن مان ڪڏهن بہ ڪنهن کي فرمايو تہ ”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيستائين آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان نہ ڪريان“؟ 14 ڇا اهي سڀ دوت ڀڳتي ڪندڙ آتمائون نہ آهن، جيڪي ميراث طور مڪتي حاصل ڪندڙن جي سيوا لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟ |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society