گلتين 6 - Hindu Sindhi Bibleهڪٻئي جا بار کڻو 1 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڏوهہ ۾ پڪڙجي پوي تہ اوهين جيڪي پوِتر آتما جي هدايت تي هلو ٿا، تنهن کي نرم رويي سان سڌاريو. اوهين پنهنجو بہ خيال ڪندا رهو، متان اوهين بہ آزمائش ۾ پئجي وڃو. 2 اوهين هڪٻئي جا بار کڻو، اهڙيءَ طرح اوهين مسيح جي نيم کي پورو ڪندا. 3 ياد رکو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪجھہ نہ هوندي بہ، پنهنجو پاڻ کي ڪجھہ سمجھي ٿو تہ هو پنهنجو پاڻ کي دوکو ٿو ڏئي. 4 تنهنڪري هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجا ڪم پاڻ جاچڻ گھرجن. انهيءَ حالت ۾ هو رڳو پنهنجو پاڻ تي فخر ڪري سگھي ٿو ۽ پوءِ هن کي ڪنهن ٻئي سان پنهنجي ڀيٽ ڪرڻ جي ضرورت نہ ٿيندي. 5 اهڙيءَ طرح هر ڪو ماڻهو پنهنجو ٻوجھہ پاڻ کڻندو. 6 جيڪو ايشور جي ڳالهين جي سکيا حاصل ٿو ڪري، تنهن کي گھرجي تہ سکيا ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ سان شريڪ ڪري. 7 ڪوبہ ايشور کي ٺڳي نہ ٿو سگھي. سو اهڙي سوچ رکي پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو. ياد رکو، انسان جيڪي پوکي ٿو سو ئي لڻندو. 8 جيڪو پنهنجي شريري فطرت جي لاءِ پوکي ٿو، سو انهيءَ فطرت مان موت جو فصل لڻندو. پر جيڪو پوِتر آتما جي لاءِ پوکي ٿو، سو پوِتر آتما مان امر جيون جو فصل لڻندو. 9 اسان کي نيڪي ڪرڻ ۾ ٿڪجڻ نہ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن همت نہ هارينداسين تہ پوري وقت تي لابارو لاهينداسين. 10 تنهنڪري جيتري قدر موقعو ملي تہ اسين سڀني ماڻهن سان نيڪي ڪريون، خاص ڪري انهن سان جيڪي وشواس رکڻ جي وسيلي اسان سان هڪ ئي خاندان ۾ شامل آهن. آخر ۾ تاڪيد، نمسڪار ۽ پرارٿنا 11 ڏسو، ڪهڙن نہ وڏن وڏن اکرن سان آءٌ پنهنجي هٿ سان اوهان ڏانهن لکي رهيو آهيان. 12 جيڪي ماڻهو مان جي لائق هئڻ جو ڏيکاءُ ڪن ٿا، سي اوهان کي ختنو ڪرائڻ لاءِ مجبور ڪري رهيا آهن. هو رڳو انهيءَ لاءِ ائين ڪن ٿا تہ جيئن مسيح جي سوليءَ واري سکيا جي ڪري ستايا نہ وڃن. 13 ختنو ڪرائڻ وارا تہ پاڻ نيم تي پوريءَ طرح عمل نہ ٿا ڪن، پر هو اوهان کي ختنو ڪرائڻ لاءِ انهيءَ ڪري مجبور ٿا ڪن، تہ جيئن اوهان جي انهيءَ شريري رسم کي قبول ڪرڻ تي اهي فخر ڪري سگھن. 14 پر ايشور نہ ڪري جو آءٌ ڪنهن ٻيءَ ڳالهہ تي فخر ڪريان، سواءِ پنهنجي پرڀو يسوع مسيح جي سوليءَ جي. هن جي سوليءَ واري موت سان سنسار منهنجي لاءِ مري چڪو آهي ۽ آءٌ سنسار جي لاءِ. 15 انهيءَ ڪري ختنو ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آهي، پر اهم ڳالهہ نئين سر پيدا ٿيڻ آهي. 16 جيڪي بہ انهيءَ اصول تي هلن ٿا، حقيقت ۾ اهي ئي ايشور جي قوم بني اسرائيل آهن، تن تي شل ديا ۽ شانتي هجي. 17 اڄ کان پوءِ ڪوبہ ماڻهو مون کي تڪليف نہ ڏئي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي نشان آءٌ پنهنجي شرير تي کنيو ٿو وتان سي ظاهر ٿا ڪن تہ آءٌ يسوع جو داس آهيان. 18 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! شل اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا اوهان تي هجي. آمين. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society