گلتين 5 - Hindu Sindhi Bibleمسيح ۾ مليل آزادي قائم رکو 1 مسيح اسان کي آزاد رهڻ لاءِ ئي آزاد ڪيو آهي، تنهنڪري اوهين انهيءَ آزاديءَ کي قائم رکو ۽ پاڻ کي وري غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ نہ جوٽيو. 2 ڌيان سان ٻڌو! آءٌ پولس اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪڏهن اوهين ختنو ڪرائيندا تہ مسيح کان اوهان کي ڪوبہ فائدو نہ پهچندو. 3 آءٌ حقيقت ٻڌائيندي اوهان کي وري چوان ٿو تہ جيڪو بہ ختنو ڪرائي ٿو، تنهن تي اهو فرض آهي تہ هو سڄي نيم تي عمل ڪري. 4 اوهين جيڪي نيم جي وسيلي ايشور وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو، سي مسيح کان جدا ۽ ايشور جي ڪرپا کان محروم ٿي ويا آهيو. 5 پر اسين پوِتر آتما جي وسيلي وشواس آڻڻ جي ڪري ايشور ڏانهن سچار بڻايا وينداسين. انهيءَ اميد جي پوري ٿيڻ جو اسين وڏي چاهہ سان انتظار ڪري رهيا آهيون. 6 سو جڏهن اسين يسوع مسيح جا آهيون، تڏهن ختنو ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنهن ڪم جو نہ آهي. پر رڳو مسيح تي وشواس ئي ڪم جو آهي، جنهن جو اثر پريم رکڻ مان ظاهر ٿئي ٿو. 7 اوهين تہ وشواس جي ڊوڙ چڱيءَ طرح ڊوڙي رهيا هئا. پوءِ اهي ڪير ٿيندا آهن جيڪي اوهان کي سچ جي پيرويءَ کان روڪين ٿا؟ 8 اهو ڪم اوهان جي سڏڻ واري ايشور جي طرفان نہ آهي. 9 خبردار رهجو، اهو ڪم خمير مثل آهي جيڪو ٿورڙو ئي سڄي ڳوهيل اٽي کي ڦنڊائي ڇڏيندو آهي. 10 جيئن تہ اسين پرڀو يسوع جا آهيون، سو اوهان بابت مون کي يقين آهي تہ اوهين ٻي ڪا سوچ نہ رکندا. پر جيڪي ماڻهو اوهان کي پريشان ٿا ڪن، سي ڪير بہ هجن تہ کين سزا ڀوڳڻي پوندي. 11 جيڪڏهن اڃا تائين آءٌ اهو پرچار ڪريان ٿو تہ ختنو ڪرائڻ ضروري آهي، تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ ڇو ٿو ستايو وڃان؟ جيڪڏهن ائين آهي تہ پوءِ سوليءَ وارو منهنجو پرچار ڪنهن لاءِ بہ ٺوڪر جو سبب نہ رهيو. 12 چڱو تہ ائين ٿيندو تہ جيڪي اوهان کي ختنو ڪرائڻ لاءِ پريشان ڪن ٿا، سي پنهنجو پاڻ کي ختني وانگر اوهان کان ڪٽي ڇڏين. 13 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين آزاد ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا آهيو. پر پنهنجي انهيءَ آزاديءَ کي شريري خواهشن جي پورائي لاءِ ڪم نہ آڻيو، بلڪ پيار جي رستي هڪٻئي جي سيوا ڪريو. 14 اهڙيءَ سيوا جي وسيلي سڄو نيم هن هڪڙي ئي حڪم ۾ پورو ٿئي ٿو تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.“ 15 پر جيڪڏهن اوهين هڪٻئي کي چڪ هڻندا ۽ ڳڙڪائيندا ٿا وڃو تہ خبردار ٿجو، متان هڪٻئي کي چٽ ڪري سڀيئي برباد ٿي وڃو. پوِتر آتما ۽ انساني فطرت 16 پر آءٌ چوان ٿو تہ پوِتر آتما جي هدايت تي هلو، تہ پوءِ اوهين انساني فطرت جي خواهشن کي ڪڏهن بہ پورو نہ ڪندا، 17 ڇاڪاڻ تہ انساني فطرت پوِتر آتما جي برخلاف خواهش ڪري ٿي ۽ پوِتر آتما انساني فطرت جي برخلاف. هي ٻئي هڪٻئي جون دشمن آهن. انهيءَ ڪري جيڪي اوهين ڪرڻ چاهيو ٿا سو نہ ٿا ڪريو. 18 پر جيڪڏهن اوهين پوِتر آتما جي هدايت تي هلو ٿا تہ نيم جي وس هيٺ نہ آهيو. 19 هاڻ انساني فطرت جا ڪم ظاهر آهن، يعني زناڪاري، حرامڪاري ۽ شهوتپرستي، 20 بتن جي پوجا، جادوگري، دشمني ۽ جھيڙو جھڳڙو، ساڙ، ڪاوڙ، ذاتي لالچ، جدايون ۽ ڌڙابندي، 21 ڪينو، نشيبازي، عياشي ۽ ٻيا اهڙا ڪم. انهن بابت جيئن اڳي بہ مون اوهان کي خبردار ڪيو هو، تيئن هاڻي بہ خبردار ٿو ڪريان تہ جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا سي ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار ڪين ٿيندا. 22 پر پوِتر آتما جو ڦل آهي پيار، خوشي، شانتي، صبر، ڪرپا، نيڪي، وفاداري، 23 نماڻائي ۽ پرهيزگاري. اهڙين ڳالهين جي برخلاف ڪوبہ نيم نہ آهي. 24 اسين جيڪي يسوع مسيح جا آهيون، تن انساني فطرت کي ان جي سوچن ۽ برين خواهشن سميت سوليءَ تي چاڙهي ڇڏيو آهي. 25 هاڻي جيئن تہ اسين پوِتر آتما جي ڪري جيوت آهيون، سو اسان کي هلڻ بہ پوِتر آتما جي هدايت موجب کپي 26 ۽ اجايو فخر ڪندي اسين نہ هڪٻئي کي چيڙايون، نڪي هڪٻئي سان ساڙ ڪريون. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society