گلتين 4 - Hindu Sindhi Bible1 ڏسو، عام طور وارث جيتوڻيڪ هر شيءِ جو مالڪ هوندو آهي، تنهن هوندي بہ جيستائين هو ٻار آهي تيستائين انهيءَ ۾ ۽ غلام ۾ ڪوبہ فرق نہ هوندو آهي. 2 هو انهيءَ وقت تائين سنڀاليندڙن ۽ مختيارن جي وس ۾ رهندو آهي، جيڪو وقت سندس پتا مقرر ڪندو آهي. 3 ساڳيءَ طرح اسين بہ ڪنهن وقت ڄڻ تہ ٻار هئاسين جڏهن سنسار جي شروعاتي اصولن جا پابند ٿي غلاميءَ جي حالت ۾ رهياسين. 4 پر جڏهن وقت پورو ٿيو تہ ايشور پنهنجو پٽ ڌرتيءَ تي موڪليو، جنهن کي هڪ ناريءَ جنم ڏنو. هو نيم جي وس هيٺ هجڻ واري وقت آيو، 5 انهيءَ لاءِ تہ نيم جي وس هيٺ رهڻ وارن کي هو عيوضو ڏيئي ڇڏائي ۽ اسان سڀني وشواسين کي ايشور جا ٻار ٿيڻ جو درجو حاصل ٿئي. 6 جيئن تہ اوهين ايشور جا ٻار آهيو، تنهنڪري ايشور پنهنجي پٽ جي آتما اوهان جي دلين ۾ بہ موڪلي آهي. اها پوِتر آتما ”پتا، اي پتا!“ چئي پڪاري ٿي. 7 سو هاڻي اوهين غلام نہ رهيا آهيو، بلڪ ٻار بڻجي ويا آهيو ۽ ٻار بڻجي وڃڻ جو اهو مطلب آهي تہ ايشور اوهان کي وارث بہ بڻائي ڇڏيو آهي. گلتين لاءِ پولس جي چنتا 8 بيشڪ وشواس آڻڻ کان اڳ ۾ ايشور جي ڄاڻ نہ هوندي اوهين انهن جي غلاميءَ ۾ هئا جيڪي حقيقت ۾ ايشور نہ آهن. 9 پر هاڻي جڏهن اوهين ايشور کي ڄاڻو ٿا، بلڪ ايشور اوهان کي ڄاتو آهي تہ پوءِ اوهين وري انهن ڪمزور ۽ خسيس شروعاتي اصولن ڏانهن ڇو ٿا ڦرو؟ ڇا اوهين ٻيهر انهن جي غلاميءَ ۾ رهڻ ٿا چاهيو؟ 10 جيئن تہ اوهين يهودين جي خاص ڏينهن، مهينن، وقتن ۽ سالن کي مڃيندا ٿا رهو، 11 سو مون کي اوهان بابت ڊپ آهي تہ متان ائين نہ ٿئي جو جيڪا محنت مون اوهان تي ڪئي آهي سا اجائي وڃي. 12 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين مون جهڙا ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ بہ اوهان جهڙو ٿيو آهيان. ڇا اوهان مون سان ڪا بدسلوڪي ڪئي 13 جڏهن مون اوهان کي پهريون دفعو خوشخبري ٻڌائي هئي؟ نہ، جيتوڻيڪ اوهين ڄاڻو پيا تہ آءٌ شرير جي هيڻائيءَ ۽ بيماريءَ جي سبب اوهان وٽ آيو هئس. 14 توڙي جو منهنجي شريري حالت اوهان لاءِ هڪ آزمائش هئي، تڏهن بہ اوهان مون کي نڪي نيچ سمجھيو، نڪي ڌڪاريو. پر اوهان مون کي ايشور جي دوت وانگر، بلڪ يسوع مسيح وانگر ڪري قبول ڪيو. 15 پوءِ شڪرگذاريءَ واري اوهان جي اها خوشي هاڻي ڪٿي آهي؟ ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جو شاهد آهيان تہ ان وقت جيڪڏهن ٿي سگھي ها تہ جيڪر اوهين پنهنجيون اکيون بہ ڪڍي مون کي ڏيو ها. 16 تہ پوءِ ڇا سچ ٻڌائڻ جي ڪري هاڻي آءٌ اوهان جو دشمن ٿي پيو آهيان؟ 17 اهي نيم جا پابند اوهان کي پنهنجو بڻائڻ لاءِ جذبو تہ رکن ٿا، پر سندن نيت صاف نہ آهي. اهي اوهان کي مون کان ڌار ڪرڻ چاهين ٿا تہ جيئن اوهين رڳو انهن لاءِ ئي جذبو رکو. 18 جذبو رکڻ تہ سٺي ڳالهہ آهي، پر شرط هي آهي تہ نيت بہ صاف هجي. آءٌ هميشہ ائين ٿو ڪريان، نہ رڳو تڏهن جڏهن آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. 19 اي منهنجا ٻارڙؤ! آءٌ اوهان جي لاءِ ويم ڪندڙ ناريءَ وانگر وري سور محسوس ڪريان ٿو، جيستائين اوهين پوريءَ طرح مسيح جهڙا بڻجي نہ ٿا وڃو. 20 دل چوي ٿي تہ آءٌ هاڻي ئي اوهان وٽ پهچي نرميءَ سان اوهان کي سمجھايان، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي باري ۾ ڏاڍو منجھي پيو آهيان. هاجرہ ۽ سارہ جو مثال 21 اوهين جيڪي موسيٰ جي نيم جي وس هيٺ رهڻ ٿا گھرو، سي مون کي ٻڌايو تہ اوهين نيم جون ڳالهيون نہ ٿا ٻڌو ڇا؟ 22 ان ۾ لکيل آهي تہ ابرهام کي ٻہ پٽ هئا، هڪڙو داسيءَ مان ۽ ٻيو سندس پتنيءَ مان. 23 داسيءَ وارو پٽ عام طور ڄائو هو، پر آزاد پتنيءَ وارو پٽ ايشور جي وچن موجب ڄائو هو. 24 انهن ڳالهين مان هڪڙو مثال وٺجي ٿو تہ اهي ٻہ ناريون ڄڻ تہ ٻہ ٻڌل وچن آهن. انهن مان هڪڙي ناري هاجرہ عربستان جي سينا جبل واري ٻڌل وچن مثل آهي، جنهن مان غلام ئي پيدا ٿين ٿا. 25 جيئن تہ هاجرہ سينا جبل جي مثل آهي، سو ان جي ڀيٽ هاڻوڪي يروشلم شهر سان ڪري سگھجي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اها وسندي پنهنجي ٻارن يعني رهاڪن سميت نيم جي غلاميءَ ۾ آهي. 26 پر ايشور جي شرڻ وارو يروشلم آزاد آهي ۽ اها ئي وسندي اسان جي ماتا سارہ آهي. 27 ڏسو، پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”اي سنڍ ناري! تون جيڪا ٻار نہ ٿي ڄڻين، سا خوشي ڪر. تون، جنهن کي ڪڏهن بہ ويم جا سور نہ ٿيا آهن، سا خوشيءَ سان وڏي واڪي پڪار، ڇاڪاڻ تہ ڇڏي ڏنل پتنيءَ جا ٻار پتيءَ واري پتنيءَ جي ٻارن کان گھڻا آهن.“ 28 هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين سارہ جي پٽ اضحاق وانگر ايشور جي وچن موجب پيدا ٿيل اولاد آهيون. 29 پر جيئن انهيءَ وقت شرير جي لحاظ کان پيدا ٿيل ٻار پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان پيدا ٿيل ٻار کي ستائيندو هو، تيئن ئي هاڻي بہ ٿئي ٿو. 30 پر پوِتر شاستر ڇا ٿو چوي؟ اهو تہ ”داسيءَ ۽ سندس پٽ کي ڪڍي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ داسيءَ جو پٽ، آزاد پتنيءَ جي پٽ سان گڏ هرگز وارث نہ ٿيندو.“ 31 مطلب تہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين داسيءَ جا نہ، پر آزاد پتنيءَ جا ٻار آهيون. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society