Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

گلتين 3 - Hindu Sindhi Bible

1 اي مورک گلتيؤ! ڪنهن اوهان تي جادو ڪيو آهي؟ يسوع مسيح کي سوليءَ تي چاڙهي سندس موت جو منظر ڄڻ تہ اوهان جي اکين اڳيان صاف صاف ڏيکاريو ويو.

2 آءٌ اوهان کان رڳو ايترو پڇڻ ٿو گھران تہ پوِتر آتما اوهان کي خوشخبري ٻڌي وشواس آڻڻ ڪري ملي يا نيم تي عمل ڪرڻ ڪري؟

3 اوهين ايترا مورک آهيو ڇا جو پوِتر آتما جي وسيلي نئون جيون شروع ڪري هاڻي انهيءَ کي شريري ڪوشش جي وسيلي پورو ڪرڻ چاهيو ٿا؟

4 اوهان هيتريون تڪليفون اجايو سٺيون ڇا؟ اهي سچ پچ اجايو هيون ڇا؟

5 ڇا نيم تي عمل ڪرڻ ڪري ايشور اوهان کي پوِتر آتما بخشي ٿو ۽ اوهان ۾ چمتڪار ٿو ڪري؟ هرگز نہ، بلڪ انهيءَ لاءِ تہ اوهان مسيح بابت خوشخبري ٻڌي وشواس آندو آهي.


ابرهام جي وشواس جو مثال

6 پوِتر شاستر مان ابرهام جي مثال تي غور ڪريو، جنهن بابت لکيل آهي تہ ”هن ايشور تي وشواس آندو، تنهنڪري ايشور کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبوليو.“

7 سو ڄاڻي ڇڏيو تہ جيڪي وشواسي آهن، حقيقت ۾ اهي ئي ابرهام جو اولاد آهن.

8 انهيءَ ڳالهہ جي پوِتر شاستر اڳڪٿي بہ ڪئي آهي تہ ايشور غير قومن کي وشواس آڻڻ جي وسيلي پاڻ ڏانهن سچار بڻائيندو. هائو، هن اڳي ئي اها خوشخبري ابرهام کي ٻڌائي ڇڏي هئي تہ ”تنهنجي وسيلي سڀني قومن کي آسيس ملندي.“

9 تنهنڪري جيڪي وشواسي آهن تن کي ابرهام سان گڏ آسيس ٿي ملي، جيڪو خود وشواس وارو هو.

10 اهو ئي سبب آهي جو جيڪي بہ ايشور ڏانهن سچار بڻجڻ لاءِ نيم تي عمل ڪرڻ تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت هيٺ اچن ٿا، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪي ڳالهيون نيم شاستر ۾ لکيل آهن، تن سڀني تي عمل ڪرڻ ۾ جيڪو قائم نہ ٿو رهي، سو لعنتي آهي.“

11 هاڻي اها ڳالهہ صاف ظاهر آهي تہ ڪوبہ ماڻهو نيم جي وسيلي ايشور آڏو سچار نہ ٿو بڻجي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جنهن کي وشواس جي وسيلي ايشور ڏانهن سچار بڻايو ويو آهي، سو ئي جيوت آهي.“

12 نيم جو وشواس سان ڪو واسطو ڪونهي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو نيم جي ڳالهين تي عمل ڪري ٿو، سو نيم جي ڳالهين لاءِ پيو جيون گذاريندو.“

13 هاڻ مسيح اسان جي بدران عيوضو ڏيئي نيم تي عمل نہ ڪرڻ واري لعنت کان اسان کي ڇڏايو. هائو، هو سوليءَ تي چڙهي اسان جي واسطي پاڻ لعنتي بڻيو، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“

14 هي انهيءَ ڪري ٿيو تہ جيئن ابرهام سان وچن ڪيل آسيس يسوع مسيح ۾ غير قومن تائين بہ پهچي ۽ اسين سڀيئي وشواس آڻڻ جي وسيلي اها پوِتر آتما حاصل ڪريون جنهن جو وچن ڪيو ويو آهي.


موسيٰ جو نيم ۽ ايشور جو وچن

15 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي روزاني جيون جو هڪ مثال ڏيان ٿو تہ ماڻهن جي تصديق ڪيل اقرار نامي کي ڪوبہ رد نہ ٿو ڪري سگھي ۽ نہ ئي ان کي گھٽائي وڌائي سگھي ٿو.

16 ايشور جا وچن بہ اهڙي نموني آهن جيڪي هن ابرهام ۽ سندس پيڙهيءَ سان ڪيا. ڏسو، پوِتر شاستر ائين نہ ٿو چوي تہ ”پيڙهين سان،“ جنهن مان مراد گھڻا ماڻهو هجن. پر هو چوي ٿو تہ ”پيڙهيءَ سان،“ جنهن مان مراد هڪڙو شخص آهي ۽ اهو مسيح آهي.

17 منهنجو مطلب هي آهي تہ جنهن ٻڌل وچن جي ايشور پهريائين ئي تصديق ڪئي هئي تنهن کي موسيٰ جو نيم، جيڪو چار سؤ ٽيهن سالن کان پوءِ آيو، سو ڪوڙو ڪري نہ ٿو سگھي، نہ تہ ايشور جو وچن بيڪار ٿي وڃي ها.

18 سو جيڪڏهن ميراث نيم تي عمل ڪرڻ سان ملي ها تہ اها وچن تي دارومدار نہ رکي ها. پر ايشور پنهنجي ڪرپا سان اها وچن جي وسيلي ئي ابرهام کي بخشي.

19 تہ پوءِ نيم جو مقصد ڇا آهي؟ بعد ۾ نيم انهيءَ لاءِ ڏنو ويو تہ جيئن ايشور جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ظاهر ٿئي. نيم جو مدو ابرهام جي انهيءَ پيڙهيءَ جي اچڻ تائين هو، جنهن لاءِ ايشور وچن ڪيو هو. اهو نيم دوتن جي انتظام سان هڪ وچ واري يعني موسيٰ جي معرفت ڏنو ويو.

20 ڏسو، نيم ڏيڻ ۾ ڪي وچ وارا هئا، جڏهن تہ ايشور بنا ڪنهن وچ واري جي ابرهام سان سڌو سنئون وچن ڪيو.

21 تہ پوءِ نيم ايشور جي وچن کي رد ڪيو آهي ڇا؟ هرگز نہ. جيڪڏهن ڪو اهڙو نيم ڏنو وڃي ها جيڪو جيون ڏيئي سگھي ها تہ جيڪر سچائي نيم جي وسيلي ملي ها.

22 پر پوِتر شاستر ظاهر ڪري ٿو تہ سڄو سنسار پاپ جي قبضي ۾ آهي. اهو انهيءَ لاءِ ظاهر ڪري ٿو تہ جيئن ان قبضي کان آزاديءَ وارو ايشور جو وچن يسوع مسيح تي وشواس آڻڻ سان اسان ۾ پورو ٿئي.


غلام نہ، پر ايشور جا ٻار

23 پر انهيءَ وشواس واري واٽ ملڻ کان اڳ اسين نيم جي پهري هيٺ قيد ۾ هئاسين. هائو، وشواس واري واٽ ظاهر ڪئي وڃڻ تائين اسين نيم جا پابند رهياسين.

24 مطلب تہ جيئن ٻار جو ڪو سنڀاليندڙ ٿيندو آهي، تيئن نيم مسيح جي اچڻ تائين اسان جو سنڀاليندڙ ٿيو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اسين وشواس آڻڻ جي وسيلي ايشور ڏانهن سچار بڻايا وڃون.

25 هاڻ جڏهن وشواس واري واٽ ملي ويئي آهي تہ پوءِ اسين نيم جي سنڀال هيٺ نہ رهيا آهيون.

26 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ يسوع مسيح تي وشواس آڻڻ جي وسيلي اوهين سڀيئي ايشور جا ٻار بڻجي ويا آهيو.

27 اوهان سڀني مسيح جا ٿيڻ جي بپتسما وٺي مسيح کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيو آهي.

28 سو جيئن تہ اوهين سڀيئي يسوع مسيح جا ٿي ويا آهيو، تنهنڪري اوهان ۾ يهودي يا غير يهودي، غلام يا آزاد ۽ مرد يا ناريءَ جي الڳ سڃاڻپ نہ رهي آهي.

29 هاڻي جيڪڏهن اوهين مسيح جا آهيو تہ پوءِ ابرهام جي پيڙهي آهيو ۽ ايشور جي وچن موجب وارث بہ آهيو.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan