گلتين 2 - Hindu Sindhi Bibleپولس ۽ ٻين سنتن جو هڪ راءِ ٿيڻ 1 آخرڪار چوڏهن سالن کان پوءِ آءٌ برنباس سان گڏجي وري يروشلم ڏانهن ويس ۽ طيطس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويس. 2 آءٌ انهيءَ ڪري ويس جو آڪاشواڻيءَ ۾ مون کي اوڏانهن وڃڻ جو حڪم ٿيو. اتي جيڪي ماڻهو وشواسي منڊليءَ جا مانوارا سمجھيا ويندا هئا، تن جي اڳيان مون نويڪلائيءَ ۾ اها خوشخبري پيش ڪئي، جنهن جو پرچار آءٌ غير قومن ۾ ڪندو آهيان. اهو مون انهيءَ ڪري ڪيو تہ جيئن سڀني جي اڳيان اهو ظاهر ٿئي تہ اسان سنتن جي خوشخبري هڪجهڙي آهي يا نہ. مون نہ ٿي چاهيو تہ منهنجي اڳوڻي يا هاڻوڪي ڊڪ ڊوڙ اجائي ٿئي. 3 سو نہ رڳو هنن مڃيو، پر منهنجو يوناني ساٿي طيطس توڙي جو ختنو ٿيل نہ هو، تڏهن بہ مٿس ختنو ڪرائڻ لاءِ ڪو زور ڪونہ ڀريائون. 4 ختني جو سوال تہ انهن ڪوڙن ڀائرن اٿاريو، جيڪي چور وانگر لڪي ڇپي اسان ۾ گھڙي آيا هئا، تہ جيئن جيڪا آزادي اسان کي يسوع مسيح ۾ ملي آهي، تنهن جي جاسوسي ڪري اسان کي يهودي ريتن رسمن جي غلاميءَ ۾ ڦاسائي ڇڏين. 5 انهن جي وس هيٺ رهڻ اسان هڪڙي گھڙي بہ قبول نہ ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ خوشخبريءَ جي سچائي اوهان ۾ قائم رهي. 6 باقي منڊليءَ ۾ جيڪي مانوارا ليکيا ويندا هئا، پوءِ انهن جو رتبو ڪهڙو بہ هو، انهيءَ ڳالهہ سان منهنجو واسطو ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي نظر ۾ سڀ برابر آهن، تن مان مون کي وڌيڪ ڪابہ ڳالهہ حاصل نہ ٿي. 7 اٽلندو انهن مانوارن کي اها خبر پئجي ويئي تہ ايشور غير يهودين کي خوشخبري ٻڌائڻ جي ذميواري منهنجي حوالي ڪئي آهي، جيئن هن يهودين کي خوشخبري ٻڌائڻ جي ذميواري پطرس جي حوالي ڪئي هئي. 8 هائو، ايشور جنهن يهودين ۾ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت ٿيڻ لاءِ پطرس ۾ اثر پيدا ڪيو، تنهن غير يهودين ۾ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت ٿيڻ لاءِ وري مون ۾ اثر پيدا ڪيو. 9 سو انهن جڏهن انهيءَ حقيقت کي مڃي ورتو تہ ايشور سچ پچ مون کي سيوا ڪرڻ جي ڪرپا بخشي آهي، تڏهن انهن جي طرفان يعقوب، پطرس ۽ يوحنا جيڪي منڊليءَ جا ٿنڀا ليکيا ويندا هئا، تن برنباس ۽ مون سان هٿ ملائي پاڻ سان شامل ڪيو. پوءِ هڪ راءِ ٿياسين تہ اسين غير يهودين ۾ سيوا ڪريون ۽ هو يهودين ۾. 10 هنن رڳو ايترو چيو تہ ”غريبن کي ياد رکجو.“ پر انهيءَ ڪم لاءِ تہ آءٌ اڳي ئي سرگرم هئس. پولس جو پطرس کي ڇينڀڻ 11 پر هڪ دفعي جڏهن پطرس انطاڪيا شهر ۾ آيو تہ مون آمهون سامهون سندس مخالفت ڪئي، ڇاڪاڻ تہ هو صفا غلطيءَ تي هو. 12 ڳالهہ اها هئي جو هو غير يهودين سان کائيندو پيئندو هو، پر جڏهن يعقوب وٽان ڪي ماڻهو آيا تڏهن هو غير يهودين سان کائڻ پيئڻ ڇڏڻ لڳو، بلڪ انهن کان ڌار ٿيڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ هو انهن ماڻهن کان ڊنو ٿي جيڪي ختنو ڪرائڻ لاءِ زور ڀريندا هئا. 13 اتي وارا سڀ يهودي، جيڪي مسيح جا ٿيا هئا سي بہ اهڙي پاکنڊپائيءَ ۾ پطرس جو ساٿ ڏيڻ لڳا، ايتري قدر جو خود برنباس بہ انهن جي پاکنڊپائيءَ ۾ ڦاسي پيو. 14 جڏهن مون ڏٺو تہ اهي خوشخبريءَ جي سچائيءَ موجب سنئين راهہ تي نہ ٿا هلن، تڏهن مون انهن سڀني جي اڳيان پطرس کي چيو تہ ”جيتوڻيڪ تون يهودي آهين تڏهن بہ غير يهودين وانگر ٿو گذارين، نڪي يهودين وانگر. تہ پوءِ تون ڪيئن غير يهودين کي زور ٿو ڀرين تہ هو يهودين وانگر گذارين؟“ وشواس آڻڻ سان ئي ايشور ڏانهن سچار بڻجي سگھجي ٿو 15 بيشڪ آءٌ توڙي پطرس ڄائي ڄم کان يهودي آهيون ۽ غير يهودي جن کي پاپي ليکيو وڃي ٿو، تن مان نہ آهيون. 16 تنهن هوندي بہ اسين ڄاڻون ٿا تہ ڪوبہ ماڻهو موسيٰ جي نيم تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو يسوع مسيح تي وشواس آڻڻ سان ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو. تنهنڪري اسان بہ يسوع مسيح تي وشواس آندو تہ جيئن نيم تي عمل ڪرڻ سبب نہ، پر مسيح تي وشواس آڻڻ سبب ايشور ڏانهن سچار بڻايا وڃون، ڇاڪاڻ تہ نيم تي عمل ڪرڻ سبب ڪوبہ انسان ايشور ڏانهن سچار نہ بڻبو. 17 پر اسين جيڪي مسيح جي وسيلي ايشور ڏانهن سچار بڻجڻ ٿا گھرون، سي جيڪڏهن غير يهودين وانگر موسيٰ جي نيم جي نسبت ۾ پاپي ليکجون، تہ پوءِ ڇا اهو سمجھبو تہ مسيح پاپ ڏانهن رهنمائي ڪري ٿو؟ هرگز نہ. 18 حقيقت ۾ نيم جي ڀت جيڪا مون ڊاهي ڇڏي آهي، سا جيڪڏهن وري اڏيان تڏهن آءٌ ڏوهاري قرار ڏنو ويندس. 19 جيئن تہ نيم جي وسيلي آءٌ پاپي قرار ڏنو ويو آهيان، سو نيم جي نسبت ۾ آءٌ مري ويو آهيان، تہ جيئن ايشور جي نسبت ۾ جيوت رهان. 20 هاڻ جيئن تہ آءٌ مسيح سان گڏ سوليءَ تي چاڙهيو ويو آهيان، سو آءٌ جيوت نہ رهيو آهيان، پر مسيح مون ۾ جيوت آهي. هاڻي جيڪو جيون آءٌ هن شرير ۾ گذاريان ٿو سو ايشور جي پٽ تي وشواس رکڻ ڪري گذاري رهيو آهيان، جنهن مون سان پيار ڪيو ۽ منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي. 21 مطلب تہ آءٌ ايشور جي ڪرپا کي هٿان نہ ٿو وڃايان، ڇاڪاڻ تہ سچائي جيڪڏهن نيم جي وسيلي ملي ها تہ پوءِ مسيح جو مرڻ اجايو ٿئي ها. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society