گلتين 1 - Hindu Sindhi Bible1 هي خط مون پولس سنت جي طرفان آهي. آءٌ نہ ماڻهن جي پاران نڪي ماڻهن جي وسيلي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت چونڊيو ويو آهيان. پر آءٌ يسوع مسيح ۽ پتا يعني ايشور جي طرفان آهيان، جنهن مسيح کي مئلن مان جيوت ڪري اٿاريو. 2 جيڪي وشواسي هتي مون سان گڏ آهن سي سڀ بہ اوهان گلتيا صوبي وارن جي وشواسي منڊلين ڏانهن هي خط موڪلڻ ۾ شامل آهن. 3 شل اوهان تي اسان جي پتا ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا ۽ شانتي هجي. 4 مسيح اسان جي پاپن جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، تہ جيئن هو ايشور اسان جي پتا جي مرضيءَ موجب اسان کي هن هاڻوڪي خراب زماني کان بچائي. 5 شل ايشور جي مهانتا جي مهما هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين. خوشخبري هڪڙي ئي آهي 6 مون کي عجب ٿو لڳي تہ ايشور جنهن اوهان کي مسيح جي ڪرپا جي وسيلي سڏيو، تنهن کان اوهين ايترو جلد ڦري ڪنهن ٻئي قسم جي خوشخبريءَ ڏانهن ٿا وڃو، 7 جيڪا حقيقت ۾ خوشخبري آهي ئي نہ. ڳالهہ هيءَ آهي تہ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي اوهان ۾ مونجھارو پيدا ڪري مسيح بابت خوشخبريءَ ۾ تبديلي آڻڻ ٿا گھرن. 8 ڏسو، جيڪا خوشخبري اسان اوهان کي ٻڌائي آهي، تنهن کان جيڪڏهن ڪو مختلف خوشخبري ٻڌائي ٿو تہ انهيءَ تي شل لعنت هجي، پوءِ اسين ائين ڪريون توڙي آڪاش مان ڪو دوت اچي ائين ڪري. 9 جيئن اسان اڳي ئي چيو آهي تيئن آءٌ هاڻي وري بہ چوان ٿو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان کي مليل خوشخبريءَ جي بدران ڪا ٻي خوشخبري ٻڌائي ٿو تہ انهيءَ ماڻهوءَ تي لعنت هجي. 10 آءٌ ائين چئي ماڻهن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش نہ ٿو ڪريان، پر ايشور کي راضي ڪرڻ چاهيان ٿو. ڇا اوهين سمجھو ٿا تہ آءٌ ماڻهن کي خوش ڪرڻ ٿو گھران؟ جيڪڏهن هن مهل تائين ماڻهن کي خوش ڪندو رهان ها تہ جيڪر مسيح جو داس نہ هجان ها. پولس ڪيئن خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت بڻيو 11 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي کولي ٻڌائڻ ٿو گھران تہ جيڪا خوشخبري مون اوهان کي ٻڌائي آهي، سا انساني سوچ مان ٺهيل نہ آهي. 12 هائو، اها خوشخبري مون کي ڪنهن انسان کان نہ ملي آهي، نڪي ڪنهن مون کي سيکاري آهي. پر يسوع مسيح پاڻ ظاهر ٿي اها منهنجي حوالي ڪئي آهي. 13 اوهين مون بابت تہ ٻڌي چڪا آهيو تہ جڏهن آءٌ يهودي ڌرم جو پابند هئس تہ منهنجي ڪهڙي هلت چلت هئي. آءٌ ايشور جي منڊليءَ کي حد کان وڌيڪ ستائيندو هئس ۽ ان کي برباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هئس. 14 آءٌ يهودي ڌرم جي لحاظ کان ان وقت پنهنجي قوم جي گھڻن هڪ جيڏن کان وڌيڪ اڳڀرو ٿيندو ٿي ويس. آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جي ڌرمي ريتن رسمن تي نهايت ئي سرگرميءَ سان هلندو هئس. 15 پر ايشور پنهنجي ڪرپا سان مون کي ماتا جي پيٽ ۾ ئي مخصوص ڪيو ۽ پنهنجي سيوا لاءِ مون کي سڏيو، تنهن پنهنجي مرضيءَ سان 16 پنهنجي پٽ کي مون تي ظاهر ڪيو، تہ جيئن آءٌ غير قومن ۾ مسيح بابت خوشخبري ٻڌايان. ان وقت مون ڪنهن انسان کان صلاح نہ ورتي، 17 نڪي آءٌ يروشلم ۾ انهن خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن وٽ ويس جيڪي مون کان اڳي مقرر ٿيل هئا. پر آءٌ هڪدم عربستان ڏانهن هليو ويس ۽ پوءِ اتان موٽي دمشق شهر ۾ آيس. 18 پوءِ آخرڪار ٽئين سال آءٌ پطرس سان ملڻ لاءِ يروشلم ويس ۽ پندرهن ڏينهن ساڻس گڏ رهيس. 19 اتي مون پرڀو يسوع جي ڀاءُ يعقوب کي ڏٺو، پر ٻين سنتن مان ڪنهن کي بہ ڪونہ ڏٺو. 20 جيڪي ڳالهيون آءٌ اوهان ڏانهن لکي رهيو آهيان تن بابت ايشور کي حاضر ڄاڻي چوان ٿو تہ بلڪل سچيون آهن. 21 تنهن کان پوءِ آءٌ شام ۽ ڪلڪيا جي علائقن ۾ آيس. 22 ان وقت يهوديہ صوبي ۾ جيڪي مسيح جون منڊليون هيون، تن منهنجي شڪل بہ نہ ڏٺي هئي. 23 پر انهن منڊلين وارا رڳو ايترو ٻڌندا هئا تہ ”پولس جيڪو اڳي اسان کي ستائيندو هو، سو هاڻي انهيءَ وشواس واري خوشخبريءَ جو پرچار ڪري رهيو آهي، جنهن کي هو ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو.“ 24 سو اهي منهنجي ڪري ايشور جي مهما ڪندا هئا. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society