اِفسين 6 - Hindu Sindhi Bible(ٻار ۽ ماتا پتا) 1 اي ٻارؤ! پرڀو يسوع جا هئڻ ڪري پنهنجي ماتا پتا جا فرمانبردار رهو، ڇو تہ ائين ڪرڻ واجب آهي. 2 پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”پنهنجي ماتا پتا کي مان ڏيو.“ هي پهريون حڪم آهي جنهن سان هي وچن بہ شامل آهي: 3 ”تہ جيئن اوهان جو ڀلو ٿئي ۽ ڌرتيءَ تي وڏي عرصي تائين جيوت رهو.“ 4 اي پتا! اوهين پنهنجن ٻارن کي چڙ ڏياري ڪاوڙايو نہ، بلڪ کين اهڙي تربيت ۽ نصيحت ڏيئي سندن پالنا ڪريو جيڪا پرڀو يسوع کي پسند هجي. (غلام ۽ مالڪ) 5 اي غلامؤ! جهڙيءَ طرح اوهين مسيح جا فرمانبردار آهيو، تهڙيءَ طرح پنهنجن سنساري مالڪن جا بہ صافدليءَ سان ڊڄندي ۽ ڏڪندي فرمانبردار رهو. 6 انهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڏيکاءَ طور نہ، پر مسيح جي داس جي حيثيت ۾ دل سان سيوا ڪندي ايشور جي مرضي پوري ڪريو. 7 هائو، تن ۽ من سان اهڙيءَ طرح سيوا ڪريو، جو ڄڻ تہ ماڻهن جي نہ پر پرڀو يسوع جي سيوا ٿا ڪريو. 8 اوهين ڄاڻو ٿا تہ ڪوبہ ماڻهو، پوءِ اهو غلام هجي توڙي آزاد، جيڪو بہ چڱو ڪم ڪندو تنهن جو لاڀ پرڀو يسوع کان ملندس. 9 اي مالڪؤ! اوهين بہ پنهنجن غلامن سان ساڳيو سلوڪ ڪريو. کين ڌمڪايو نہ، ڇو تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ انهن جو ۽ اوهان جو، ٻنهي جو مالڪ آڪاش تي آهي ۽ اهو ڪنهن جي بہ طرفداري ڪونہ ڪندو آهي. آتمڪ هٿيار کڻو 10 انهيءَ کان علاوہ اوهين سڀ پرڀو يسوع ۾ سندس شڪتيءَ سان ڀرپور ٿي ٻلوان ٿيو. 11 ايشور جا سڀ هٿيار ٻڌو، تہ جيئن شيطان جي سازشن جو مقابلو ڪندي قائم رهي سگھو. 12 ياد رکو تہ اسان جي جنگ انسانذات سان نہ، پر هن سنسار تي ڇانيل اونداهيءَ وارين طاقتن، اختياريءَ وارن ۽ حاڪمن سان ۽ ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ بڇڙين آتمائن جي لشڪرن سان آهي. 13 تنهنڪري ايشور جا سڀ هٿيار ٻڌي تيار رهو، تہ جيئن انهن جي حملي وارن برن ڏينهن ۾ سندن مقابلو ڪري سگھو ۽ سڀ ڪجھہ ڪرڻ کان پوءِ بہ مضبوطيءَ سان قائم رهي سگھو. 14 تہ پوءِ ثابت قدم رهو، چيلهہ سان سچ جو سندرو ٻڌو ۽ ڇاتيءَ تي سچائيءَ جو لوهي سينابند ڍڪيو. 15 پنهنجي پيرن ۾ ميل ميلاپ واري خوشخبريءَ جي جتي پائي تيار رهو. 16 انهن سان گڏ وشواس جي ڍال کڻو، جنهن سان اوهين انهيءَ بدڪار يعني شيطان جي سڀني ٻرندڙ تيرن کي اُجھائي سگھو. 17 پنهنجي مٿي تي مڪتيءَ جو لوهي ٽوپ پايو ۽ پوِتر آتما جي تلوار، يعني ايشور جو وچن پاڻ سان کڻو. 18 پوِتر آتما جي هدايت سان هر وقت ۽ هر حالت ۾ پرارٿنا ۽ منٿ سان ايشور کان مدد گھرندا رهو. مسيح ۾ سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ بہ هميشہ ائين ئي پرارٿنا ڪندا رهو، انهيءَ لاءِ سجاڳ رهو ۽ همت نہ هاريو. 19 منهنجي لاءِ بہ پرارٿنا ڪندا ڪريو تہ ڳالهائڻ وقت مون کي شڪتيءَ وارا لفظ ڏنا وڃن، تہ جيئن آءٌ خوشخبريءَ جو ڀيد دليريءَ سان ظاهر ڪندو رهان. 20 انهيءَ خوشخبريءَ لاءِ مسيح مون کي چونڊيو آهي ۽ انهيءَ جي ٻڌائڻ ڪري آءٌ قيد ۾ زنجيرن سان ٻڌل آهيان. پرارٿنا ڪريو تہ اها بنا ڪنهن ڊپ جي ٻڌائيندو رهان، جيئن مون کي ٻڌائڻ کپي. آخر ۾ نمسڪار ۽ پرارٿنا 21 تخڪُس، جيڪو پرڀو يسوع ۾ پيارو ڀاءُ ۽ سچو سيواداري آهي، سو اوهان کي منهنجيون سڀ ڳالهيون ٻڌائيندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين بہ منهنجي حال کان واقف ٿيو تہ آءٌ ڪيئن ٿو گذاريان. 22 آءٌ هن کي اوهان ڏانهن انهيءَ مقصد لاءِ موڪلي رهيو آهيان تہ اوهين ڄاڻي وٺو تہ اسين ڪيئن آهيون ۽ اهو بہ تہ جيئن هو اوهان جي دلين کي همتائي. 23 ايشور پتا ۽ پرڀو يسوع مسيح جي طرفان شل سڀني ڀائرن ڀينرن تي شانتي هجي ۽ وشواس سان گڏ پريم حاصل ٿئي. 24 شل انهن سڀني تي ڪرپا ٿيندي رهي، جيڪي اسان جي پرڀو يسوع مسيح سان امر پريم رکن ٿا. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society