Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

اِفسين 4 - Hindu Sindhi Bible


مسيح جي شرير ۾ هيڪڙائي

1 تنهنڪري آءٌ، جيڪو پرڀو يسوع جو هئڻ ڪري قيدي آهيان، اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ جهڙي جيون گذارڻ لاءِ ايشور اوهان کي سڏيو آهي، اهڙو ئي لائق جيون گذاريو.

2 مطلب تہ ڏاڍي نماڻائيءَ ۽ نِوڙت سان رهو، صبر ڪريو ۽ پيار سان هڪٻئي جي برداشت ڪريو.

3 جيئن تہ پوِتر آتما اوهان کي هڪ ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري دل سان ڪوشش ڪريو تہ هڪٻئي سان ميل ميلاپ جي ٻنڌڻ وسيلي ٻڌل رهو.

4 ڏسو، هڪڙو ئي شرير آهي ۽ هڪڙي ئي پوِتر آتما، جيئن اوهين بہ هڪڙي ئي اميد لاءِ سڏيا ويا آهيو.

5 هڪڙو ئي پرڀو، هڪڙو ئي وشواس ۽ هڪڙي ئي بپتسما آهي.

6 هڪڙو ئي ايشور آهي، جيڪو سڀني جو پتا آهي. هو سڀني جي مٿان آهي، سڀني سان گڏ آهي ۽ سڀني ۾ موجود آهي.

7 انهيءَ ايڪي کي قائم رکڻ لاءِ اسان مان هر هڪ کي مسيح پنهنجي بخشش موجب جدا جدا ڪرپا بخشي آهي.

8 انهيءَ ڪري ئي پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جڏهن هو مٿي چڙهي ويو، تڏهن قيدين کي پاڻ سان وٺي ويو، ۽ ماڻهن کي سوکڙيون ڏنائين.“

9 هاڻي مسيح جي مٿي چڙهي وڃڻ جو مطلب هن کان سواءِ ٻيو ڇا آهي تہ هو هيٺ ڌرتيءَ تي بہ لٿو.

10 هو جيڪو هيٺ لٿو سو اهو ساڳيو ئي آهي جيڪو آڪاش تي سڀني کان مٿاهينءَ جاءِ تي چڙهي ويو، انهيءَ لاءِ تہ هو آڪاش توڙي ڌرتيءَ کي پاڻ سان ڀرپور ڪري.

11 مسيح پنهنجي بخشش واري ڪرپا اهڙي نموني ورهائي جو ڪن کي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت، ڪن کي ايشور جو سنديش ڏيندڙ، ڪن کي خوشخبريءَ جو پرچار ڪندڙ ۽ ڪن کي منڊليءَ جا سنڀاليندڙ ۽ سکيا ڏيندڙ مقرر ڪيائين.

12 مسيح انهيءَ لاءِ اهو ڪيو تہ جيئن هن ۾ چونڊي پوِتر ڪيل ماڻهو سيوا جي ڪم جي مڪمل تربيت حاصل ڪن ۽ سندس شرير يعني منڊليءَ جي ترقيءَ جو سبب بڻجن.

13 ايستائين جو اسين سڀ جو سڀ ايشور جي پٽ کي ڄاڻڻ ۽ مٿس وشواس رکڻ ۾ هڪ ٿي ڪامل انسان بڻجون. هائو، اسين وشواس ۾ بالغ ٿيون يعني مسيح وانگر پوريءَ طرح ڪامل بڻجي وڃون،

14 تہ جيئن اسين ٻارڙا نہ رهون. مطلب تہ اسين ماڻهن جي ٺڳيءَ ۽ سندن مڪاريءَ وارن ڀَٽڪائيندڙ منصوبن جي ڪري هر ڪوڙي سکيا جي وسيلي هيڏانهن هوڏانهن گهلبا نہ وتون.

15 پر اٽلندو اسين پيار جي جذبي سان سچ تي هلي سڀني ڳالهين ۾ وڌندي پوري نموني مسيح سان گڏجي هڪ ٿيون، جيڪو منڊليءَ جو مٿو آهي.

16 انهيءَ مٿي جي ئي وسيلي شرير جا سڀ عضوا پاڻ ۾ ڳنڍجن ٿا ۽ شرير جو سنڌ سنڌ انهيءَ سان جڙيل هئڻ ڪري قائم رهي ٿو. سو جيڪڏهن هر هڪ عضوو پنهنجو پنهنجو ڪم صحيح نموني ۾ ڪري ٿو تہ سڄو شرير وڌي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي پيار جي وسيلي ترقي وٺائيندو رهي ٿو.


پراڻي ۽ نئين فطرت

17 جيئن تہ اسين پرڀو يسوع جا آهيون، تنهنڪري آءٌ اوهان کي تاڪيد ڪندي چوان ٿو تہ اوهين غير قومن واري غلط رستي کي ڇڏي اڳتي سندن اجاين خيالن موجب جيون نہ گذاريو.

18 اهڙو جيون گذارڻ وارا عقل جا انڌا آهن. سندن دلين جي سختيءَ ۽ جهالت جي ڪري ايشور جي ڏنل جيون ۾ سندن ڪوبہ حصو ڪونہ آهي.

19 اهي ايترا تہ بي‌شرم ٿي چڪا آهن جو پاڻ کي عياشيءَ جي حوالي ڪيو اٿن. اهڙيءَ طرح هو هر قسم جا گندا ڪم گھڻي حرص سان ڪندا رهن ٿا.

20 پر مسيح کي اوهان اهڙو ڪين ڄاتو آهي.

21 اوهان تہ مسيح بابت سنديش ٻڌو آهي ۽ جيڪا سچائي هن ۾ آهي، تنهن جي سکيا هن جا هئڻ ڪري اوهان کي ڏني ويئي آهي.

22 اها سکيا هي آهي تہ اوهين پنهنجي پراڻي انساني فطرت جيڪا برين خواهشن جي دوکي سبب بگڙندي ٿي وڃي، تنهن کي سندس اڳوڻي هلت چلت سميت لاهي ڇڏيو

23 ۽ پنهنجي دل ۽ دماغ کي پوريءَ طرح نئون ٿيڻ ڏيو.

24 ائين اوهين نئين فطرت کي لباس وانگر پهري ڇڏيو، جيڪا ايشور ۾ موجود حقيقي سچائيءَ ۽ پوِترتائيءَ سان پيدا ڪيل آهي.


نئين فطرت جو عمل

25 تنهنڪري ڪوڙ کي ڇڏي اوهان مان هر ڪو هڪٻئي سان سچ ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ اسين سڀ وشواسي هڪ ئي شرير جا عضوا آهيون.

26 جيڪڏهن اوهان کي ڪاوڙ اچي وڃي تہ پاپ نہ ڪجو، بلڪ سج لهڻ کان اڳ اوهان جي ڪاوڙ بہ ختم ٿي وڃي.

27 شيطان کي ڪوبہ موقعو نہ ڏيو.

28 چوري ڪرڻ وارو اڳتي چوري نہ ڪري، پر اٽلندو ڪو چڱو ڪم اختيار ڪندي پنهنجي هٿن سان محنت ڪري، تہ جيئن ڪنهن ضرورتمند کي ڏيڻ لاءِ بہ وٽس ڪجھہ هجي.

29 اوهان جي وات مان ڪابہ بري ڳالهہ نہ نڪري، پر اهڙي ڳالهہ نڪري جيڪا ضرورت موجب ٻين جي آتمڪ ترقيءَ جو سبب بڻجي، تہ جيئن ٻڌڻ وارن کي انهيءَ مان فائدو ملي.

30 انهيءَ سان گڏ ايشور جي پوِتر آتما کي رنج نہ ڪريو، جيڪا انهيءَ ڏينهن لاءِ اوهان تي مُهر آهي جڏهن اوهين ڇڏايا ويندا.

31 هر قسم جي ڪيني، ڏمر، ڪاوڙ، هل هنگامي ۽ گھٽ وڌ ڳالهائڻ کي هر طرح جي بدنيتيءَ سميت پاڻ کان پري ڪريو.

32 هڪٻئي تي ڪرپالو ۽ نرم دل ٿيو ۽ جهڙيءَ طرح ايشور مسيح جي وسيلي اوهان کي معاف ڪيو، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪٻئي کي معاف ڪندا رهو.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan