اِفسين 3 - Hindu Sindhi Bibleپولس غير قومن لاءِ پرچاري سيوڪ 1 انهيءَ سبب آءٌ پولس، جيڪو اوهان غير قومن جي خاطر ۽ يسوع مسيح جي واسطي قيدي آهيان، اوهان لاءِ پرارٿنا ٿو ڪريان. 2 اوهان ٻڌو هوندو تہ ايشور اوهان غير قوم وارن لاءِ پنهنجي ڪرپا جو خاص ڪم منهنجي حوالي ڪيو آهي. 3 ايشور پنهنجو هي ڀيد آڪاشواڻيءَ ذريعي مون تي ظاهر ڪيو، جنهن جو احوال مختصر طور اڳي ئي لکي چڪو آهيان. 4 اهو پڙهي اوهان کي سڌ پئجي ويندي تہ مسيح جو اهو ڀيد آءٌ ڪيتري قدر سمجھان ٿو. 5 اڳين پيڙهين ۾ ماڻهن تي هي ڀيد ظاهر نہ ٿيو هو، پر هاڻي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن تي جيڪي ايشور جا مخصوص ڪيل آهن ۽ ايشور جي ٻين سنديش ڏيندڙن تي پوِتر آتما جي وسيلي ظاهر ڪيو ويو آهي. 6 اهو ڀيد هي آهي تہ يسوع مسيح ۾ غير قومن وارا بہ بني اسرائيل سان گڏ خوشخبريءَ جي وسيلي ايشور جي ميراث ۾ شريڪ آهن، هڪ ئي شرير جا عضوا آهن ۽ ايشور جي وچن ۾ حصيدار آهن. 7 ايشور جي ڪرپا جي انهيءَ بخشش سان، جيڪا سندس شڪتيءَ جي اثر ڪري مون کي ملي هئي، آءٌ انهيءَ خوشخبريءَ جو سيوڪ بڻايو ويس. 8 جيتوڻيڪ آءٌ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن منجھہ سڀني کان گھٽ آهيان، تنهن هوندي بہ ايشور اها ڪرپا مون کي بخشي تہ آءٌ غير قومن کي مسيح جي بيانداز دولت جي خوشخبري ٻڌايان 9 ۽ سڀني ماڻهن تي اها ڳالهہ روشن ڪريان تہ جيڪو ڀيد شروع کان سڀني شين جي رچنا ڪندڙ ايشور وٽ ڳجھو رکيل هو تنهن جو انتظام ڪهڙو آهي. 10 ايشور چاهيو ٿي تہ هاڻي وشواسي منڊليءَ جي وسيلي سندس طرح طرح جي ڏاهپ جي انهن حڪمرانن ۽ اختياريءَ وارن کي ڄاڻ پئجي وڃي، جيڪي آڪاشي جاين ۾ آهن. 11 اهو سڀ ايشور شروع کان ئي پنهنجي ڪيل ارادي موجب اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي پورو ڪيو. 12 هاڻي مسيح تي وشواس رکڻ سان اسين مسيح ۾ شامل ٿيا آهيون، جنهن ڪري دليريءَ ۽ ڀروسي سان ايشور جي شرڻ ۾ حاضر ٿيون ٿا. 13 تنهنڪري آءٌ وينتي ٿو ڪريان تہ جيڪي مصيبتون اوهان جي خاطر سهان ٿو تن جي ڪري بيهمت نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ منهنجيون اهي مصيبتون اوهان لاءِ فخر جو سبب آهن. اِفسين لاءِ پولس جي پرارٿنا 14-15 انهيءَ سبب آءٌ آڪاش توڙي ڌرتيءَ تي هر هڪ خاندان کي سڃاڻپ بخشيندڙ آڪاشي پتا جي آڏو سيس نوائيندي 16 پرارٿنا ٿو ڪريان تہ هو پنهنجي مهانتا واري دولت موجب اوهان کي پنهنجي پوِتر آتما جي وسيلي شڪتي بخشي تہ اوهين پنهنجي اندر ۾ ٻلوان ٿيو 17 ۽ وشواس رکڻ جي وسيلي مسيح اوهان جي دلين ۾ گھر ڪري. اها پرارٿنا آءٌ انهيءَ ڪري ڪريان ٿو تہ جيئن اوهين پريم ۾ پاڙ ڄمائي انهيءَ جي بنياد تي جيون گذاريو. 18 هائو، منهنجي پرارٿنا آهي تہ مسيح ۾ سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن سان گڏ اوهين پوريءَ طرح سمجھي سگھو تہ مسيح جو پريم ايڏو تہ جھجھو آهي جو ان جي ويڪرائي، ڊگھائي، اوچائي ۽ اونهائي ماپي نہ ٿي سگھجي. 19 شل اوهين مسيح جي انهيءَ پريم کي ڄاڻي سگھو جيڪو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي، تہ جيئن اوهين ايشور جي سڄي ڀرپوريءَ سان ڀرپور ٿي وڃو. 20 مهما ٿي ڪجي انهيءَ شڪتيوان جي، جيڪو اسان ۾ اثر ڪندڙ پنهنجي شڪتيءَ موجب اسان جي پرارٿنا ۽ سوچ کان گھڻو وڌيڪ ڪم ڪري سگھي ٿو. 21 شل منڊليءَ ۽ يسوع مسيح جي وسيلي پيڙهي بہ پيڙهي هميشہ هميشہ تائين سندس مهانتا جي مهما ٿيندي رهي. آمين. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society