Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

اِفسين 2 - Hindu Sindhi Bible


يسوع مسيح ۾ نئون جيون

1 گذريل وقت ۾ اوهين پنهنجين نافرمانين ۽ پاپن جي ڪري مئل هئا.

2 انهيءَ وقت اوهين سنسار جي دستور موجب هلندا هئا ۽ نظر نہ ايندڙ مخلوقن تي اختياري هلائيندڙ حڪمران جا پوئلڳ هئا يعني شيطان جا. هي اها ئي آتما آهي، جيڪا هاڻي تائين انهن ماڻهن تي اثر ڪري ٿي جيڪي ايشور جا نافرمان آهن.

3 اڳ اسين سڀيئي بہ انهن سان گڏ پنهنجي انساني فطرت جي شريري خواهشن موجب جيون گذاريندا هئاسين ۽ پنهنجي تن ۽ من جون خواهشون پوريون ڪندا هئاسين. اسين فطري حالت جي ڪري ٻين ماڻهن وانگر ايشور جي ناراضپي جا حقدار هئاسين.

4 پر ايشور، جيڪو ديا سان ڀرپور آهي تنهن پنهنجي گھڻي پيار جي سبب جيڪو هن اسان سان ڪيو،

5 اسان کي مسيح سان گڏ جيوت ڪيو، جڏهن تہ اسين اڃا پاپن جي ڪري مئل هئاسين. هائو، اوهين بہ ايشور جي ڪرپا جي ڪري ئي بچي ويا آهيو.

6 يسوع مسيح ۾ هئڻ ڪري ايشور اسان کي ساڻس گڏ اٿاريو ۽ آڪاش تي ساڻس گڏ ويهاريائين.

7 اهو انهيءَ لاءِ ڪيائين تہ هو پنهنجي انهيءَ ديا جي وسيلي جيڪا يسوع مسيح ۾ اسان تي آهي، پنهنجي ڪرپا جي بي‌انداز دولت کي ايندڙ زمانن ۾ ظاهر ڪري.

8 مطلب تہ ايشور جي ڪرپا جي ڪري ئي اوهين وشواس آڻڻ جي وسيلي بچي ويا آهيو. اهو اوهان جي ڪوشش جي ڪري نہ، پر ايشور جي بخشش جي ڪري ٿيو آهي.

9 هائو، اهو اوهان جي عملن جي ڪري نہ آهي جو متان ڪو پاڻ تي فخر ڪري.

10 اسين تہ ايشور جي ڪاريگري آهيون ۽ هن اسان کي يسوع مسيح ۾ نئين سر پيدا ڪيو آهي، تہ جيئن اسين چڱا ڪم ڪندا رهون جيڪي هن اڳي ئي اسان جي ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا آهن.


يسوع مسيح ۾ ميل ميلاپ

11 تنهنڪري اوهين جيڪي پيدائشي طور غير قوم آهيو، جنهن سبب شرير جي لحاظ کان هٿ سان ڪرايل ختني وارا فخر وچان پاڻ کي ختني ٿيل سڏائيندي اوهان کي بنا ختني وارا سڏيندا آهن، سي ياد رکو تہ

12 اڳي اوهين مسيح کان ڌار، بني اسرائيل جي منڊليءَ کان ٻاهر ۽ ايشور جي ٻڌل وچنن کان اڻ‌ڄاڻ هئا. اوهين هن سنسار ۾ ايشور کان جدا ۽ نااميديءَ وارو جيون گذاريندا هئا.

13 پر هاڻي يسوع مسيح ۾ شامل ٿيڻ ڪري اوهين جيڪي پهريائين گھڻو پري هئا، سي سندس رت جي وسيلي ايشور جي ويجھو ٿي پيا آهيو.

14 سو مسيح ئي اسان جي صلح جو وسيلو آهي، جنهن پنهنجي شرير جي ٻليدان وسيلي يهودين ۽ غير يهودين ٻنهي کي ملائي هڪ ڪري ڇڏيو. هن اها ڀت ڊاهي ڇڏي، جنهن ٻنهي کي هڪٻئي کان جدا ڪري دشمن بڻائي رکيو هو.

15 اها ڀت نيم پنهنجي قاعدن قانونن سان کڙي ڪئي هئي. مسيح انهيءَ نيم کي هٽائي يهودين ۽ غير يهودين ٻنهي کي پاڻ ۾ شامل ڪري هڪڙو نئون انسان پيدا ڪري صلح ڪرائي ڇڏيو.

16 مسيح انهن جو ايشور سان ميل ميلاپ ڪرائي ٻنهي کي هڪڙو شرير بڻائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح پنهنجي سوليءَ واري موت وسيلي انهن جي دشمني ختم ڪرائي ڇڏيائين.

17 سو اوهين جيڪي ٻڌل وچنن کان پري هئا ۽ اهي جيڪي ويجھا هئا، تن ٻنهي کي مسيح اچي ميل ميلاپ جي خوشخبري ٻڌائي.

18 ائين مسيح جي ئي وسيلي اسان ٻنهي يعني يهودين ۽ غير يهودين کي ساڳيءَ ئي پوِتر آتما ملڻ سان پتا تائين پهچ حاصل ٿي آهي.

19 تنهنڪري اوهين غير قوم وارا هاڻي ڌاريا ۽ پرديسي نہ رهيا آهيو، بلڪ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن منجھہ شامل ٿي اوهين ايشور جي گھر جا ڀاتي ٿي ويا آهيو.

20 اوهين ڄڻ تہ هڪ عمارت آهيو جيڪا خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن ۽ ايشور جي ٻين سنديش ڏيندڙن جي انهيءَ بنياد تي اڏيل آهي، جنهن جي پيڙهہ جو پٿر خود يسوع مسيح آهي.

21 هن ۾ ئي سموري اڏاوت ڳنڍجي وڌندي ٿي وڃي ۽ اهڙيءَ طرح پرميشور لاءِ هڪ مخصوص ۽ پوِتر گھر ٺهندو وڃي ٿو.

22 مسيح ۾ شامل هئڻ ڪري اوهين غير قوم وارا بہ ساڻن گڏ ساڳئي گھر ۾ اڏبا ٿا وڃو، جنهن ۾ ايشور پنهنجي پوِتر آتما جي ذريعي رهي سگھي.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan