اِفسين 1 - Hindu Sindhi Bible1 هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو ايشور جي مرضيءَ سان مسيح يعني يسوع جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان. هي خط اِفسس شهر ۾ رهندڙ اوهان مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي يسوع مسيح جا وفادار پوئلڳ آهيو. 2 شل اوهان تي اسان جي پتا ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا ۽ شانتي هجي. يسوع مسيح ۾ آسيسون 3 شل ايشور جي مهما هجي جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جو پتا آهي، جنهن اسان کي مسيح ۾ آڪاش جي هر هڪ آتمڪ آسيس سان مالا مال ڪيو آهي. 4 هن ئي اسان کي سنسار بڻائڻ کان اڳ مسيح ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چونڊي ڇڏيو، تہ جيئن اسين سندس آڏو پريم ۾ پوِتر ۽ بيعيب هجون. 5 هن پنهنجي خوشيءَ ۽ مرضيءَ سان اڳي ئي فيصلو ڪيو تہ اسين يسوع مسيح جي وسيلي سندس ٻار مقرر ڪيا وڃون، 6 انهيءَ لاءِ تہ سندس جوت سان ڀريل انهيءَ ڪرپا جي مهما ٿئي، جيڪا هن پنهنجي پياري پٽ ۾ اسان کي مفت بخشي. 7 انهيءَ پٽ ۾ ئي سندس رت جي وسيلي اسين ڇڏايا وڃون ٿا، يعني اسان جا پاپ معاف ڪيا وڃن ٿا. اهو ايشور جي انهيءَ ڪرپا جي دولت موجب آهي، 8 جيڪا هن تمام گھڻي انداز ۾ اسان تي پرگھٽ ڪئي آهي. ايشور پوريءَ ڏاهپ ۽ دانائيءَ سان 9 پنهنجي مرضيءَ جو لڪل ارادو اسان تي ظاهر ڪيو، جيڪو هن مسيح جي وسيلي پوري ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ئي پنهنجي خوشيءَ سان طئي ڪري ڇڏيو هو. 10 اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن زمانن جي پوري ٿيڻ جو اهڙو بندوبست ٿئي جو آڪاش توڙي ڌرتيءَ تي جيڪي ڪجھہ بہ آهي، سو سڀ مسيح جي سنڀال هيٺ اچي وڃي. 11 ايشور اسان کي بہ اڳي ئي پنهنجي لاءِ مخصوص ڪري مسيح ۾ شامل ڪيو. اهو ايشور جي ارادي موجب ٿيو جيڪو انهن سڀني ڳالهين ۾ پنهنجي مرضي پوري ڪري ٿو. 12 ايشور چاهيو ٿي تہ اسين يهودي، جن اوهان کان اڳي مسيح ۾ اميد رکي هئي، سي سندس مهانتا جي مهما جو سبب ٿيون. 13 اوهين غير يهودي بہ مسيح جا ٿيا جڏهن اوهان سچائيءَ جو سنديش يعني خوشخبري ٻڌي مسيح تي وشواس آندو ۽ اها خوشخبري اوهان لاءِ مڪتيءَ جو سبب بڻي. اهڙيءَ طرح ايشور پنهنجو وچن پورو ڪندي اوهان کي بہ پوِتر آتما بخشي، جيڪا سندس مالڪيءَ جي مُهر آهي. 14 پوِتر آتما اسان يهودين توڙي غير يهودين کي ملڻ واري ميراث جو بيانو آهي، جيڪو ايستائين ضمانت آهي جيستائين اسين سڀ جيڪي ايشور جي ملڪيت آهيون، تن کي پوريءَ طرح ڇڏايو وڃي، تہ جيئن ايشور جي مهانتا جي مهما ٿئي. شڪرگذاري ۽ پرارٿنا 15 اهو ئي سبب آهي جو پرڀو يسوع تي اوهان سڀني جي مضبوط وشواس ۽ مسيح ۾ سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ اوهان جي پيار بابت ٻڌي 16 آءٌ پنهنجي پرارٿنائن ۾ اوهان کي ياد ڪندي اوهان لاءِ ايشور جو شڪر ڪرڻ نہ ٿو ڇڏيان. 17 منهنجي پرارٿنا آهي تہ اسان جي پرڀو يسوع مسيح جو ايشور، جيڪو وڏي مهانتا وارو پتا آهي، سو ڏاهپ بخشڻ ۽ سچ ظاهر ڪرڻ واري پوِتر آتما کي اوهان ۾ ڀرپوري بخشي، تہ جيئن اوهين کيس پوريءَ طرح ڄاڻو. 18 آءٌ هيءَ بہ پرارٿنا ڪندو آهيان تہ اوهان جون دليون روشن ٿين، تہ جيئن اوهين سمجھي وٺو تہ ايشور جنهن اميد لاءِ اوهان کي سڏيو آهي سا ڪيڏي نہ وڏي آهي، مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ سندس ميراث ڪيڏي نہ مهان آهي 19 ۽ اسان وشواسين لاءِ هن جي شڪتي ڪيڏي نہ بيانداز آهي. اها شڪتي ايشور جي ساڳي مهان شڪتي آهي 20 جيڪا هن مسيح ۾ ظاهر ڪئي، جڏهن کيس مئلن مان جيوت ڪري اٿاريائين ۽ آڪاش تي پنهنجي ساڄي پاسي ويهاريائين. 21 هائو، هن مسيح کي هر طرح جي حڪومت، اختياريءَ، شڪتيءَ ۽ راڄ کان گھڻو مٿاهون ڪيو آهي. اهڙو رتبو نہ هن انتم زماني ۾ ۽ نہ وري ايندڙ نئين زماني ۾ ڪنهن کي حاصل ٿيندو. 22 اهڙيءَ طرح ايشور سڀ ڪجھہ مسيح جي پيرن هيٺ ڪري کيس سڀني جو مٿو بڻايو. اهو ايشور وشواسي منڊليءَ جي لاءِ ڪيو، 23 جيڪا مسيح جو شرير آهي. مسيح سان ئي منڊليءَ جي ڀرپوري ٿئي ٿي ۽ هو ئي هر شيءِ کي هر طرح سان ڀرپور ڪري ٿو. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society