ڪلسين 4 - Hindu Sindhi Bible1 اي مالڪؤ! پنهنجن غلامن سان اهو ڄاڻيندي حق ۽ انصاف وارو سلوڪ ڪريو تہ اوهان جو بہ هڪڙو مالڪ آهي جيڪو آڪاش تي آهي. وڌيڪ هدايتون 2 پرارٿنا ۾ سجاڳ رهو ۽ شڪرگذاري ڪندي انهيءَ ۾ مگن رهو. 3 انهيءَ سان گڏ اسان جي لاءِ بہ پرارٿنا ڪندا ڪريو جو ايشور اسان لاءِ سنديش ٻڌائڻ جو دروازو کولي، تہ جيئن اسين مسيح جي انهيءَ ڀيد کي بيان ڪري سگھون جنهن جي خاطر آءٌ قيد ۾ آهيان. 4 پرارٿنا ڪريو تہ آءٌ انهيءَ سنديش کي صاف طور پڌرو ڪريان، جيئن مون کي ڪرڻ گھرجي. 5 جن اڃا وشواس نہ آندو آهي، تن سان هر هڪ موقعي جو فائدو وٺندي ڏاهپ سان هلت ڪندا رهو. 6 اوهان جي ڳالهہ ٻولهہ هميشہ اهڙي سلڇڻي ۽ وڻندڙ هجي، جو اوهين هر ماڻهوءَ کي مناسب جواب ڏيئي سگھو. آخر ۾ نمسڪار ۽ پرارٿنا 7 تخڪُس اوهان کي منهنجو سڄو احوال ٻڌائيندو. هو پيارو ڀاءُ، سچو سيواداري ۽ اسان وانگر پرڀو يسوع جو داس آهي. 8 هن کي آءٌ انهيءَ مقصد لاءِ اوهان ڏانهن موڪلي رهيو آهيان تہ اوهين اسان جي حالتن بابت ڄاڻو ۽ هو اوهان جي دلين کي همتائي. 9 هن سان گڏ اُنيسمس کي بہ موڪلي رهيو آهيان. هو اسان جو سچو ۽ پيارو ڀاءُ آهي ۽ اوهان مان ئي هڪڙو آهي. اهي ٻيئي اوهان کي هتي جون سڀ ڳالهيون ٻڌائيندا. 10 ارسترخس، جيڪو مون سان گڏ قيد ۾ آهي، اوهان کي نمسڪار چوي ٿو. مرقس بہ، جيڪو برنباس جو سؤٽ آهي اوهان کي نمسڪار چوي ٿو. هن بابت اوهان کي هدايتون ٿيل آهن، سو جيڪڏهن هو اوهان وٽ اچي تہ سندس آڌرڀاءُ ڪجو. 11 يسوع جنهن کي يوستُس ڪري سڏيندا آهن، سو بہ اوهان کي نمسڪار چوي ٿو. مسيح تي وشواس رکندڙ يهودين مان رڳو اهي ٽي ماڻهو آهن، جن مون سان گڏجي ايشور جي راڄ جو پرچار پئي ڪيو آهي. اهي منهنجي گھڻي تسليءَ جو سبب بڻيا آهن. 12 اِپفراس جيڪو اوهان مان هڪڙو آهي ۽ يسوع مسيح جو سيواداري آهي، سو اوهان کي نمسڪار ٿو چوي. هو اوهان جي لاءِ هميشہ ڏاڍي جوش ۽ جذبي سان پرارٿنا ٿو ڪري، تہ جيئن اوهين ڪامل ٿي پوري وشواس سان هر هڪ ڳالهہ ۾ ايشور جي مرضيءَ تي قائم رهو. 13 آءٌ سندس شاهدي ٿو ڏيان تہ هو اوهان لاءِ توڙي لوديڪيا ۽ هيراپلس شهرن جي وشواسي منڊلين لاءِ سخت محنت ٿو ڪري. 14 اسان جو پيارو دوست حڪيم لوقا ۽ ديماس اوهان کي نمسڪار ٿا ڏين. 15 لوديڪيا شهر جي ڀائرن ڀينرن کي ۽ ڀيڻ نمفاس ۽ جيڪا وشواسي منڊلي سندس گھر ۾ گڏ ٿيندي آهي تن سڀني کي منهنجا نمسڪار ڏجو. 16 جڏهن هي خط اوهين پڙهي پورو ڪيو، تڏهن انهيءَ کي لوديڪيا جي منڊليءَ ۾ بہ پڙهيو وڃي. وري جيڪو خط لوديڪيا ڏانهن موڪليو ويو آهي، اهو اوهين بہ پڙهجو. 17 ان کان علاوہ ارخپس کي نياپو ڏجو تہ ”پرڀو يسوع جي سيوا وارو جيڪو ڪم تنهنجي حوالي ڪيو ويو آهي، تنهن کي ضرور پورو ڪجانءِ.“ 18 هاڻ آءٌ پولس پنهنجي هٿ سان نمسڪار لکي رهيو آهيان. منهنجي قيد جي زنجيرن کي ياد رکجو. شل اوهان تي ڪرپا ٿيندي رهي. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society