ڪلسين 3 - Hindu Sindhi Bibleپراڻي ۽ نئين فطرت 1 هاڻ جيئن تہ اوهين مسيح سان گڏ جيوت ڪيا ويا آهيو، تنهنڪري انهن شين سان دل لڳايو جيڪي آڪاش تي آهن، جتي مسيح ايشور جي ساڄي پاسي ويٺو آهي. 2 هائو، اوهين انهن شين ڏانهن ڌيان ڏيو جيڪي آڪاش تي آهن، نہ انهن ڏانهن جيڪي ڌرتيءَ تي آهن، 3 ڇاڪاڻ تہ اوهين مري ويا آهيو ۽ اوهان جو جيون هاڻي مسيح سان گڏ ايشور جي شرڻ ۾ لڪل آهي. 4 پوءِ جڏهن مسيح، جيڪو اوهان جو جيون آهي سو ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهين بہ ساڻس گڏ سندس جوت ۾ ظاهر ڪيا ويندا. 5 تنهنڪري اوهين پنهنجين سنساري عادتن کي ختم ڪري ڇڏيو، يعني حرامڪاري، اپوِترتائي، شهوتپرستي، بريون خواهشون ۽ لالچ، جيڪا بتن جي پوجا جي برابر آهي. 6 انهن ڳالهين جي ڪري نافرمانن تي ايشور جو ڏمر پرگھٽ ٿئي ٿو. 7 اڳي اوهان ۾ بہ اهڙيون خواهشون هيون، جڏهن اوهين انهن موجب جيون گذاريندا هئا. 8 پر هاڻي اوهين هي سموريون ڳالهيون بہ ڇڏي ڏيو، يعني ڏمر، ڪاوڙ، بدنيتي، گلاخوري ۽ گاريون ڏيڻ. 9 نڪي اوهين هڪٻئي سان ڪوڙ ڳالهايو، ڇو تہ اوهان پراڻي انساني فطرت کي سندس عادتن سميت لاهي ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي 10 ۽ نئين فطرت کي پهري ڇڏيو آهي. جيئن جيئن اها نئين فطرت پنهنجي ڪرتار جي روپ موجب نئين ٿيندي وڃي ٿي تيئن تيئن اوهين ايشور جي ڄاڻ ۾ وڌندا وڃو ٿا. 11 نئين فطرت واري حالت ۾ نہ ڪو يهودي آهي نہ غير يهودي، نہ ڪو ختنو ڪيل آهي نہ وري ختنو نہ ڪيل، نہ ڪو جھنگلي آهي نہ وحشي، نہ ڪو غلام آهي نہ آزاد، پر مسيح ئي سڀ ڪجھہ آهي ۽ اهو اوهان سڀني ۾ آهي. 12 تنهنڪري جيئن اوهين ايشور جا چونڊيل، پوِتر ۽ پيارا آهيو، تيئن ديا، ڪرپا، نِوڙت، نماڻائيءَ ۽ ڌيرج کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيو. 13 جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪنهن ڏانهن رنج هجي تہ هڪٻئي جي برداشت ڪريو ۽ هڪٻئي کي معاف ڪريو. جيئن پرڀوءَ اوهان کي معاف ڪيو آهي تيئن اوهين بہ ڪريو. 14 انهن سڀني خوبين جي مٿان پريم کي ڪمربند وانگر ٻڌي ڇڏيو، جيڪو انهن کي مڪمل طور ٻڌيءَ ۾ رکي ٿو. 15 ان کان علاوہ مسيح جي شانتي، جنهن لاءِ اوهين هڪ شرير ٿيڻ جي واسطي سڏيا ويا آهيو، تنهن کي پنهنجي دلين تي حڪمراني ڪرڻ ڏيو ۽ شڪرگذار رهو. 16 مسيح بابت سنديش کي پوريءَ طرح پاڻ ۾ رهڻ ڏيو ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هڪٻئي کي سکيا ڏيندا ۽ نصيحت ڪندا رهو. ان سان گڏ دل سان ايشور جي شڪرگذاري ڪندي زبور، ڀڄن ۽ آتمڪ گيت ڳائيندا رهو. 17 اوهين جيڪي بہ چئو ۽ جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ پرڀو يسوع جي نالي تي ڪريو ۽ سندس وسيلي ايشور پتا جو شڪر ڪندا رهو. گھرو معاملن بابت 18 اي پتنيون! پرڀو يسوع جون هئڻ ڪري جيئن اوهان لاءِ مناسب آهي، تيئن پنهنجن پتين جي وس هيٺ رهو. 19 اي پتيؤ! پنهنجين پتنين سان پيار ڪريو، انهن ڏانهن پنهنجي دل کٽي نہ ڪريو. 20 اي ٻارؤ! پرڀو يسوع جا هئڻ ڪري هر ڳالهہ ۾ پنهنجي ماتا پتا جي فرمانبرداري ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اها چڱي ڳالهہ آهي. 21 اي پتا! پنهنجن ٻارن کي چڙ نہ ڏياريو جو متان هو بيدل ٿي پون. 22 اي غلامؤ! پنهنجي سنساري مالڪن جا هر ڳالهہ ۾ فرمانبردار رهو. انهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڏيکاءَ طور نہ، پر صافدليءَ سان ۽ پرميشور جو خوف رکندي سندن سيوا ڪريو. 23 جيڪي بہ ڪريو سو دل سان ڪريو، ائين سمجھو تہ پرڀو يسوع جي لاءِ ٿا ڪريو، نہ ماڻهن جي لاءِ. 24 اها ڳالهہ ذهن ۾ رکو تہ مالڪن جي اهڙي سيوا جي عيوض ۾ اوهان کي پرميشور کان ميراث ملندي. سو ائين اوهين پرڀو مسيح جي سيوا ڪندا رهو. 25 ياد رکو، جيڪو غلط ڪم ڪري ٿو تنهن کي پنهنجي انهن ڪمن جو بدلو ملندو، ڇاڪاڻ تہ ايشور وٽ ڪنهن جي بہ طرفداري ڪانہ ٿي ٿئي. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society