Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ڪلسين 2 - Hindu Sindhi Bible

1 آءٌ چاهيان ٿو تہ اوهين ڄاڻي وٺو تہ اوهان لاءِ، اوهان جي ڀر واري شهر لوديڪيا ۾ رهندڙن لاءِ ۽ انهن سڀني لاءِ جن ذاتي طور مون کي نہ ڏٺو آهي، آءٌ ڪيتري قدر سخت جدوجهد ٿو ڪريان.

2 اهو آءٌ انهيءَ ڪري ٿو ڪريان تہ انهن جي دلين ۾ همت پيدا ٿئي ۽ اهي پيار سان پاڻ ۾ هڪ ٿي رهن. آءٌ چاهيان ٿو تہ اهي پوري اعتماد سان سمجھہ واري اهڙي دولت حاصل ڪن جنهن سان ايشور جي ڀيد، يعني مسيح کي ڄاڻين،

3 جنهن ۾ ڏاهپ ۽ ڄاڻ جا سڀ خزانا لڪل آهن.

4 هي آءٌ انهيءَ ڪري ٿو چوان تہ متان ڪو ماڻهو مٺڙيون مٺڙيون ڳالهيون ڪري اوهان کي ڀَٽڪائي نہ وجھي.

5 ڏسو، جيتوڻيڪ آءٌ شرير جي لحاظ کان اوهان وٽ موجود نہ آهيان، تڏهن بہ آتما جي لحاظ کان اوهان وٽ موجود آهيان. آءٌ اوهان جي باقاعدگيءَ واري چال چلت ۽ مسيح تي اوهان جو پختو وشواس ڏسي خوش ٿو ٿيان.


ڀرپور جيون

6 سو جيئن تہ اوهان يسوع مسيح کي پنهنجو پرڀو ڪري قبول ڪيو آهي، تنهنڪري انهيءَ ۾ جيون گذاريندا رهو.

7 هائو، مسيح ۾ پاڙ ڄمائيندا ۽ مٿس پنهنجو جيون اڏيندا وڃو. جيئن اوهان کي سکيا ملي آهي، تيئن وشواس ۾ مضبوط ٿيندا وڃو ۽ بيحد شڪرگذاري ڪندا رهو.

8 خبردار رهجو، متان ڪو ماڻهو انهن اجاين ۽ ڀَٽڪائيندڙ خيالن سان اوهان کي شڪار ڪري نہ وٺي، جن جو بنياد مسيح تي نہ پر ماڻهن جي روايتن ۽ هن سنسار جي شروعاتي اصولن تي آهي.

9 سو انهن کان پاسو ڪريو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي ذات جي سڄي ڀرپوري، شرير جي لحاظ کان مسيح ۾ ئي ٿي رهي

10 ۽ مسيح ۾ اوهان کي ڀرپور جيون مليو آهي. هو ئي هر حڪمران ۽ اختيار واري جو مالڪ آهي.

11 مسيح ۾ اوهان جو اهڙو ختنو ٿيو آهي جيڪو ماڻهن جي هٿن سان نہ، پر مسيح جي وسيلي ٿيو آهي، جنهن ۾ شريري فطرت کي لاٿو وڃي ٿو.

12 اوهان ۾ اهو عمل تڏهن ٿيو جڏهن اوهين بپتسما جي وسيلي مسيح سان گڏ دفن ٿيا ۽ ايشور، جنهن کيس مئلن مان جيوت ڪيو، تنهن جي انهيءَ شڪتيءَ تي وشواس آڻڻ جي ڪري اوهين ساڻس گڏ جيوت ڪري اٿاريا ويا.

13 اوهين تہ پنهنجي پاپن جي ڪري ۽ پنهنجي پاپن سان ڀريل فطرت لٿل نہ هئڻ ڪري مئل هئا، پر ايشور اوهان کي بہ مسيح سان گڏ جيوت ڪيو. هن اسان جا سمورا پاپ بخشي

14 پنهنجي حڪمن واري انهيءَ لکت کي مِٽائي ڇڏيو، جيڪا اسان بابت ۽ اسان جي خلاف هئي. هائو، هن انهيءَ کي سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻي اسان کان پري ڪري ڇڏيو.

15 ايشور ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ حڪمرانن ۽ اختيار وارن کان هٿيار کسي کين کُليو کُلايو تماشو بڻايو. هائو، مسيح جي سوليءَ واري موت جي ڪري انهن تي سوڀ جو شادمانو وڄايائين.

16 تنهنڪري ڪنهن کي بہ اها اختياري هلائڻ نہ ڏيو جو کاڌي پيتي، تهوار، نئين چنڊ يا سبت جي ڏينهن جي رسمن تي عمل نہ ڪرڻ ڪري اوهان کي ڪو ڏوهاري قرار ڏئي.

17 اهي رسمون تہ بعد ۾ اچڻ وارين شين جو رڳو پاڇو آهن، جڏهن تہ حقيقت مسيح پاڻ آهي.

18 ائين نہ ٿئي جو ڏيکاءَ واري نِوڙت ۽ دوتن جي پوجا ڪرڻ وارو ڪو ماڻهو زور ڀري اوهان کي مسيح ۾ جيون گذارڻ وارو انعام کٽڻ کان رهائي وجھي. اهڙو ماڻهو درشن جي ڳالهين کي اجائي اهميت ڏيئي پنهنجي شريري عقل تي ڦونڊجي ٿو.

19 اهو ماڻهو شرير جي مٿي يعني مسيح سان پنهنجو لاڳاپو وڃائي ويهي ٿو، جنهن جي ڪري ئي سڄو شرير سنڌن ۽ نسن جي وسيلي پرورش پائي پاڻ ۾ ڳنڍيل رهي ٿو ۽ ايشور جي وڌائڻ سان وڌندو ٿو وڃي.

20 جيئن تہ اوهين مسيح سان گڏ هن سنسار جي شروعاتي اصولن جي بنسبت مري ويا آهيو، تہ پوءِ ڇو اهڙو جيون ٿا گذاريو جو ڄڻ تہ اوهين هن سنسار جا آهيو؟ ڇو اهڙن سنساري قاعدن جي وس هيٺ ٿا رهو جيڪي چون ٿا تہ

21 ”هن شيءِ کي هٿ ۾ نہ کڻو،“ ”هن کي نہ چکو،“ ”هن کي نہ ڇُهو“؟

22 اهڙي قسم جا حڪم ۽ اهڙي سکيا انسانن جي ٺاهيل آهي، جڏهن تہ اهي سڀ شيون ڪم آڻڻ سان ناس ٿي وڃن ٿيون.

23 اهڙا هٿرادو ٺاهيل قاعدا قانون ڀڳتي، نِوڙت ۽ شرير کي سختي ڏيڻ جي لحاظ کان ڏاهپ جو ڏيک تہ رکن ٿا، پر حقيقت ۾ شريري خواهشن کي روڪڻ لاءِ اهي ڪنهن بہ ڪم جا نہ آهن.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan