Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ڪلسين 1 - Hindu Sindhi Bible

1 هي خط مون پولس، جيڪو ايشور جي مرضيءَ سان مسيح يعني يسوع جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان آهي.

2 هي خط ڪلسي شهر ۾ رهندڙ چونڊي پوِتر ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي مسيح ۾ وفادار ڀائر ڀينر آهن. شل اوهان تي اسان جي پتا ايشور جي ڪرپا ۽ شانتي هجي.


شڪرگذاري ۽ پرارٿنا

3 اسين جڏهن بہ اوهان لاءِ پرارٿنا ٿا ڪريون، تڏهن هميشہ ايشور جو شڪر ادا ٿا ڪريون، جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جو پتا آهي.

4 شڪر ادا ڪرڻ جو سبب هي آهي تہ اسان ٻڌو آهي تہ اوهين يسوع مسيح تي وشواس رکو ٿا ۽ مسيح ۾ سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن سان پيار ٿا ڪريو.

5 اوهان جي انهيءَ وشواس ۽ پيار جو دارومدار انهيءَ اميد تي آهي، جيڪا اوهان لاءِ آڪاش تي مخصوص ٿيل آهي. اوهان ان جو ذڪر اڳي ئي انهيءَ خوشخبريءَ جي سچي سنديش ۾ ٻڌو آهي،

6 جيڪا اوهان وٽ پهچي چڪي آهي. جڏهن اوهان اها خوشخبري ٻڌي ۽ سمجھيو تہ حقيقت ۾ ايشور جي ڪرپا ڇا آهي، تڏهن کان وٺي اها اوهان ۾ بہ اهڙيءَ طرح ڦل پيدا ڪندي ۽ وڌندي ٿي رهي، جهڙيءَ طرح سڄي سنسار ۾.

7 انهيءَ خوشخبريءَ جي سکيا اوهان اسان جي پياري اِپفراس کان حاصل ڪئي، جيڪو اسان وانگر پرڀو يسوع جو داس آهي. مسيح جو هي وفادار سيوڪ اوهان ۾ سيوا پيو ڪري.

8 هن جي ڏنل احوال مان اهو ظاهر ٿئي ٿو تہ پوِتر آتما اوهان ۾ ڪيڏو نہ پريم پيدا ڪيو آهي.

9 جنهن ڏينهن اسان اوهان جي باري ۾ اهو سڀ ٻڌو، تنهن ڏينهن کان وٺي اوهان لاءِ ايشور کي پرارٿنا ۽ هيءَ وينتي ڪرڻ کان بس نہ ٿا ڪريون تہ شل هو اوهان کي پوِتر آتما جي سموري ڏاهپ ۽ سمجھہ بخشيندي پنهنجي مرضيءَ جي ڄاڻ سان ڀري ڇڏي.

10 اها پرارٿنا اسين انهيءَ لاءِ ٿا ڪريون تہ جيئن اوهين پنهنجو جيون پرڀو يسوع جي لائق گذاريو ۽ کيس هر طرح خوش رکو. هائو، اوهين هر ڪنهن نيڪ ڪم ۾ ڦلدار ٿيندي ايشور کي ڄاڻڻ ۾ وڌندا وڃو.

11 انهيءَ لاءِ ضروري آهي تہ اوهين سندس مهانتا واري شڪتيءَ سان هر طرح ٻلوان ٿيندا وڃو. پوءِ اوهين هر حالت ۾ صبر ۽ برداشت ڪندي خوشيءَ سان

12 ايشور پتا جو شڪر ادا ڪندا، جنهن اوهان کي روشنيءَ واري راڄ ۾ انهيءَ ورثي جا حصيدار ٿيڻ جي لائق ڪيو آهي، جيڪو هن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ مقرر ڪيو آهي.

13 هن اسان کي اونداهيءَ جي چنبي مان ڇڏائي پنهنجي پياري پٽ جي راڄ ۾ آندو،

14 جنهن جي وسيلي اسان کي مڪتي، يعني پاپن جي معافي ملي آهي.


مسيح جي مهانتا

15 ايشور جيڪو ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي، تنهن جو ظاهري روپ مسيح آهي. هو سڄي مخلوقات کان پهريان موجود هو، سو هو پهريتي هئڻ جو حق رکي ٿو.

16 سڀ شيون، آڪاش ۾ توڙي ڌرتيءَ تي، ڏسڻ ۾ ايندڙ توڙي نہ ايندڙ، تخت هجن توڙي طاقتون، حڪومتون هجن توڙي اختياريون، مطلب تہ ايشور سموريون شيون هن ۾ شامل، هن جي وسيلي ۽ هن جي لاءِ پيدا ڪري قائم رکيون آهن.

17 اهو ئي سڀني شين کان اڳي موجود آهي ۽ هن ۾ ئي سڀ شيون ترتيب سان قائم رهن ٿيون.

18 اهو ئي وشواسي منڊليءَ جو مٿو آهي جيڪا سندس شرير آهي. اهو ئي منڍ آهي ۽ اهو ئي مئلن منجھان جيوت ٿي اٿڻ ۾ پهريتو آهي، انهيءَ لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ اول درجو هن جو ئي ٿئي.

19 اهو سڀ ڪجھہ انهيءَ ڪري آهي جو ايشور کي اهو وڻيو تہ سندس سڄي ڀرپوري انهيءَ ۾ ئي رهي.

20 ايشور جي مرضي اها بہ هئي تہ سوليءَ تي وهايل مسيح جي رت جي وسيلي ميل ميلاپ ڪري سندس معرفت سڀني شين جو پاڻ سان رابطو بحال ڪري، پوءِ اهي ڌرتيءَ تي هجن توڙي آڪاش ۾.

21 ڪنهن وقت اوهين ايشور جي شرڻ کان ٻاهر هئا ۽ بري سوچ رکندي بڇڙا ڪم ڪرڻ سبب سندس دشمن هئا.

22 پر هاڻي هن مسيح جي شريري موت جي وسيلي اوهان جو پاڻ سان رابطو بحال ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هو اوهان کي پوِتر، بي‌عيب ۽ بي‌الزام بڻائي پنهنجي شرڻ ۾ حاضر ڪري.

23 پر شرط هي آهي تہ جيڪا خوشخبري اوهان ٻڌي آهي تنهن جي اميد نہ ڇڏيو ۽ اوهان جو وشواس انهيءَ خوشخبريءَ جي بنياد تي مضبوط ۽ قائم رهي. انهيءَ خوشخبريءَ جو پرچار آڪاش هيٺان رهندڙ سڄي مخلوق ۾ ڪيو ويو آهي ۽ آءٌ پولس انهيءَ خوشخبريءَ جو سيوڪ ٿيو آهيان.


خوشخبريءَ جو ڀيد

24 هاڻي آءٌ انهن ڏکن سورن جي ڪري خوش آهيان، جيڪي اوهان جي خاطر پيو سهان. اهڙيءَ طرح مسيح جي تڪليفن سهڻ جي جيڪا ڪمي سندس شرير، يعني منڊليءَ جي مضبوطيءَ لاءِ آهي، تنهن کي آءٌ پنهنجي شرير ۾ پورو پيو ڪريان.

25 ايشور مون کي منڊليءَ جو سيوڪ مقرر ڪري اها ذميواري ڏني آهي تہ آءٌ مسيح بابت ايشور جو سنديش اوهان وٽ پوريءَ طرح پيش ڪريان.

26 انهيءَ سنديش ۾ هڪ ڀيد آهي، جيڪو اڳين زمانن ۾ پيڙهين کان ڳجھو رکيو ويو هو. پر هاڻي اهو مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن تي ظاهر ڪيو ويو آهي.

27 انهن تي ايشور اهو ظاهر ڪرڻ ٿي چاهيو تہ انهيءَ ڀيد جي دولت سڀني قومن لاءِ ڪيڏي نہ مهانتا ڀري آهي. اهو ڀيد هي آهي تہ مسيح جيڪو اوهان ۾ آهي، سو ايشور جي جوت ۾ شريڪ ٿيڻ جي اميد آهي.

28 اسين انهيءَ مسيح بابت ئي سنديش ٻڌايون ٿا ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هر ڪنهن کي سمجھايون ۽ سکيا ڏيون ٿا، تہ جيئن هر هڪ کي مسيح ۾ ڪامل بڻائي ايشور جي شرڻ ۾ پيش ڪريون.

29 انهيءَ مقصد لاءِ ئي آءٌ ايشور جي انهيءَ شڪتيءَ موجب سخت جدوجهد ٿو ڪريان، جيڪا مون ۾ زور سان اثر ڪري ٿي.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan