Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

سنتن جا ڪم 9 - Hindu Sindhi Bible


سائول ۾ تبديلي
( سنتن جا ڪم 22‏:6‏-16 ، 26‏:12‏-18 )

1 هوڏانهن سائول اڃا تائين پرڀو يسوع جي پوئلڳن کي ڌمڪائيندي کين قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ٿي رهيو. سو هو وڏي سردار ڪاهن وٽ ويو

2 ۽ وينتي ڪيائينس تہ ”مون کي دمشق شهر جي يهودين جي ڀڳتيءَ وارين جاين لاءِ ڪي اهڙي مضمون جا خط لکي ڏيو تہ جيڪڏهن مون کي يسوع واري رستي تي هلندڙ ڪو مرد توڙي ناري ملي تہ کيس گرفتار ڪري يروشلم ۾ وٺي اچان.“

3 سفر ڪندي جڏهن هو دمشق جي ويجھو پهتو، تڏهن اوچتو آڪاش مان هڪڙي روشني اچي سندس چوڌاري چمڪڻ لڳي.

4 تڏهن هو زمين تي ڪري پيو ۽ هڪڙو آواز ٻڌائين تہ ”سائول! اي سائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟“

5 هن پڇيس تہ ”اي سوامي! اوهين ڪير آهيو؟“ آواز آيس تہ ”آءٌ يسوع آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو.

6 هاڻي اُٿ ۽ شهر ۾ وڃ، جتي تو کي ٻڌايو ويندو تہ تو کي ڇا ڪرڻ گھرجي.“

7 جيڪي ماڻهو سائول سان گڏ وڃي رهيا هئا، سي وائڙا ٿي بيهي رهيا، ڇاڪاڻ تہ انهن آواز تہ ٻڌو پر کين ڪوبہ ڏسڻ ۾ نہ آيو.

8 تڏهن سائول زمين تان اٿيو ۽ جڏهن پنهنجيون اکيون کوليائين تہ کيس ڪجھہ بہ ڏسڻ ۾ نہ ٿي آيو. سو انهن کيس هٿ کان وٺي دمشق ۾ آندو.

9 اتي هو ٽن ڏينهن تائين انڌو رهيو ۽ ان عرصي ۾ هن نہ ڪجھہ کاڌو ۽ نہ پيتو.

10 دمشق ۾ حننياہ نالي پرڀو يسوع جو هڪ پوئلڳ هو، جنهن کي درشن ۾ پرڀو يسوع چيو تہ ”حننياہ!“ هن وراڻيو تہ ”حاضر منهنجا پرڀو!“

11 پرڀوءَ وري هن کي چيو تہ ”اُٿ ۽ سنئين نالي گھٽيءَ ۾ يهوداہ جي گھر وڃي ترسس شهر واري ماڻهوءَ سائول جي پڇا ڪر. ڏس، هو پرارٿنا ڪري رهيو آهي

12 ۽ درشن ۾ ڏٺو اٿس تہ حننياہ نالي هڪ ماڻهوءَ اچي سندس مٿان پنهنجا هٿ رکيا آهن تہ جيئن هو وري ڏسڻ جهڙو ٿئي.“

13 پر حننياہ چيس تہ ”اي پرڀو! ڪيترن ئي ماڻهن مون کي انهيءَ شخص بابت ٻڌايو آهي تہ هن تو تي وشواس رکندڙن سان يروشلم ۾ ڪيڏيون نہ جٺيون ڪيون آهن.

14 هو هتي بہ انهيءَ لاءِ آيو آهي تہ سردار ڪاهنن جي اختياريءَ سان انهن ماڻهن کي گرفتار ڪري جيڪي تنهنجو نالو وٺن ٿا.“

15 پرڀو يسوع هن کي چيو تہ ”وڃ، ڇاڪاڻ تہ مون هن کي پنهنجي سيوا واسطي چونڊيو آهي تہ هو منهنجو نالو غير قومن، راجائن ۽ بني اسرائيل اڳيان ظاهر ڪري.

16 آءٌ پاڻ هن کي ڏيکاريندس تہ منهنجي نالي جي ڪري کيس ڪيتريون نہ تڪليفون سهڻيون پونديون.“

17 سو حننياہ ويو ۽ ان گھر ۾ گھڙي سائول تي پنهنجا هٿ رکي چيائينس تہ ”سائول ڀاءُ! پرڀو يسوع پاڻ مون کي موڪليو آهي، جنهن تو کي رستي ۾ درشن ڏنو هو، جڏهن تون هيڏانهن اچي رهيو هئين. هن مون کي انهيءَ لاءِ موڪليو آهي تہ تو کي وري ديد ملي ۽ تون پوِتر آتما سان ڀرجي وڃين.“

18 تڏهن هڪدم مڇيءَ جي ڇلر جهڙي ڪا شيءِ سائول جي اکين مان ڪري پيئي ۽ هو وري ڏسڻ وائسڻ لڳو. پوءِ هن اُٿي بپتسما ورتي

19 ۽ کاڌي کائڻ سان سندس طاقت موٽي آئي. سائول دمشق ۾ ڪيترن ئي ڏينهن تائين وشواسين سان گڏ رهيو.


سائول جو دمشق ۾ پرچار ڪرڻ

20 هو جلد ئي يهودين جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ وڃي يسوع بابت پرچار ڪرڻ لڳو تہ هو ايشور جو پٽ آهي.

21 جن بہ هن جي اها ڳالهہ ٻڌي، سي سڀ حيران ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هي اهو ناهي ڇا، جيڪو يروشلم ۾ يسوع جو نالو وٺندڙن کي ستائيندو هو ۽ هتي بہ انهيءَ ارادي سان آيو هو تہ انهن ماڻهن کي گرفتار ڪري سردار ڪاهنن وٽ وٺي وڃي؟“

22 پر سائول جو پرچار ڏينهون ڏينهن زور وٺندو ويو ۽ جيڪي يهودي دمشق ۾ رهندا هئا تن کي منجھائي ڇڏيائين، جو ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ يسوع ئي مسيح آهي.

23 گھڻن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ يهودين گڏجي سازش سِٽي تہ سائول کي قتل ڪجي.

24 پر سائول کي سندن انهيءَ سازش جي خبر پئجي ويئي. سو جڏهن اهي رات ڏينهن شهر جي دروازن تي انهيءَ تاڙ ۾ رهڻ لڳا تہ کيس مارين،

25 تڏهن سندس چيلن رات جي وقت هن کي هڪڙي کاري ۾ ويهاري شهر جي ڀت تان لڙڪائي هيٺ لاهي ڇڏيو.


سائول يروشلم ۾

26 پوءِ سائول يروشلم ۾ اچي پهتو ۽ اتي جي وشواسين ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪيائين. پر اهي سڀيئي کانئس ڊنا ٿي، جو اعتبار ئي نہ ٿي آين تہ هو بہ ڪو وشواسي آهي.

27 تڏهن برنباس هن کي پاڻ سان گڏ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن وٽ وٺي آيو. هن انهن کي ٻڌايو تہ سائول ڪيئن پرڀو يسوع کي رستي ۾ ڏٺو ۽ ڪيئن پرڀوءَ ساڻس ڳالهايو. هن اهو بہ ٻڌاين تہ سائول دمشق ۾ يسوع جي نالي تي ڪيڏي نہ دليريءَ سان پرچار ڪيو.

28 پوءِ سائول خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن سان گڏ يروشلم ۾ ايندو ويندو هو ۽ پرڀو يسوع جي نالي تي دليريءَ سان پرچار پيو ڪندو هو.

29 هو يوناني ڳالهائيندڙ يهودين سان بہ گفتگو ۽ بحث پيو ڪندو هو، پر اهي کيس مارڻ جا وجھہ پيا ڳوليندا هئا.

30 جڏهن وشواسين کي اها خبر پيئي تہ هو سائول کي قيصريہ شهر ۾ وٺي ويا ۽ پوءِ کيس سندس اباڻي شهر ترسس ڏانهن موڪلي ڇڏيائون.

31 انهن ڳالهين کان پوءِ سڄي يهوديہ، گليل ۽ سامريہ علائقن ۾ وشواسي منڊليءَ کي شانتي ملي. اها پرميشور جو خوف رکندي ترقي ڪندي ويئي ۽ پوِتر آتما جي مدد سان وڌندي ويئي.


پطرس لُدہ ڳوٺ ۽ يافا شهر ۾

32 پطرس هر هنڌ ڦرندو رهيو ۽ هڪڙي ڏينهن هو مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل انهن ماڻهن سان ملڻ ويو، جيڪي لُدہ ۾ رهندا هئا.

33 اتي هن اينياس نالي هڪ اهڙي ماڻهوءَ کي ڏٺو، جيڪو اڌرنگي جي بيماريءَ ۾ ورتل هو ۽ اٺن سالن کان وٺي کٽولي تي پيو هو.

34 پطرس هن کي چيو تہ ”اي اينياس! يسوع مسيح تو کي ڇٽائي چڱو ڀلو ٿو ڪري. سو اُٿ ۽ پنهنجو هنڌ ويڙهہ.“ هو هڪدم اُٿي کڙو ٿيو.

35 لُدہ ۽ شارون جي سڀني رهاڪن جڏهن کيس چڱو ڀلو ڏٺو تڏهن هنن پرڀو يسوع تي وشواس آندو.

36 يافا ۾ مسيح تي وشواس رکندڙ هڪڙي ناري رهندي هئي، جنهن جو نالو طبيٿا يعني دورڪاس هو. هوءَ گھڻا ئي نيڪ ڪم ۽ دان پُڃ ڪندي هئي.

37 انهن ڏينهن ۾ هوءَ بيمار ٿي پيئي ۽ مري ويئي. هن جي لاش کي اشنان ڏيئي ماڙيءَ تي هڪڙي ڪوٺيءَ ۾ رکيائون.

38 جيئن تہ لُدہ ڳوٺ يافا شهر جي ويجھو هو، تنهنڪري لُدہ جي وشواسين کي خبر پئجي ويئي تہ پطرس يافا ۾ آهي. پوءِ ٻہ ماڻهو هن ڏانهن موڪلي وينتي ڪيائونس تہ ”اسان وٽ جلدي هليا اچو.“

39 تڏهن پطرس اُٿي انهن سان گڏ روانو ٿيو ۽ جڏهن هو اتي پهتو تہ اهي کيس ماڙيءَ تي وٺي ويا. سڀيئي وڌوائون روئندي پطرس جي ڀرسان اچي بيٺيون ۽ کيس پنهنجا اهي پهراڻ ۽ ڪپڙا ڏيکارڻ لڳيون، جيڪي دورڪاس ساڻن گڏ گذاريندي ٺاهيا هئا.

40 پطرس انهن سڀني کي ٻاهر موڪليو ۽ پاڻ گوڏن ڀر ويهي پرارٿنا ڪيائين. پوءِ سندس لاش ڏانهن منهن ڪري چيائين تہ ”اي طبيٿا! اُٿ.“ تنهن تي هن اکيون کوليون ۽ پطرس کي ڏسي اُٿي ويٺي.

41 پطرس کيس هٿ کان وٺي اٿاريو ۽ وڌوائن سميت مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل سڀني ماڻهن کي سڏي جيوت طبيٿا سندن حوالي ڪيائين.

42 هيءَ ڳالهہ سڄي يافا ۾ مشهور ٿي ويئي ۽ ڪيترن ئي پرڀو يسوع تي وشواس آندو.

43 پوءِ پطرس ڪيترائي ڏينهن يافا ۾ شمعون نالي هڪ ماڻهوءَ وٽ رهيل هو، جيڪو چمڙي جو ڪم ڪندڙ هو.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan