Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

سنتن جا ڪم 8 - Hindu Sindhi Bible

1-2 پوءِ ڪن ڌرمچاري ماڻهن استيفنس کي دفنايو ۽ انهيءَ لاءِ ڏاڍو سوڳ ڪيائون. سائول هن جي قتل تي راضي هو. انهيءَ ڏينهن کان وٺي يروشلم ۾ منڊليءَ کي ڏاڍو ستايو ويو. سنتن کان سواءِ سڀيئي وشواسي يهوديہ ۽ سامريہ جي علائقن ۾ ٽڙي پکڙي ويا.


سائول جو وشواسي منڊليءَ کي ستائڻ

3 سائول منڊليءَ کي تباهہ ڪندو رهيو ۽ گھر گھر ۾ گھڙي وشواسي مردن توڙي نارين کي گهلي جيل ۾ وجھرائيندو رهيو.


سامريہ ۾ خوشخبريءَ جو پرچار

4 جيڪي وشواسي ٽڙي پکڙي ويا هئا، سي جتي بہ ويا اتي انهن مسيح بابت ايشور جي سنديش جو پرچار ڪيو.

5 سيواداري فلپس سامريہ شهر ۾ ويو ۽ اتي ماڻهن ۾ مسيح جو پرچار ڪرڻ لڳو.

6 جڏهن ماڻهن فلپس جو پرچار ٻڌو ۽ اهي چمتڪار ڏٺا جيڪي هن ڪيا، تڏهن سڀيئي گڏجي سندس ڳالهيون دل سان ٻڌڻ لڳا.

7 ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت وڏي واڪي نڪرندا پئي ويا ۽ ڪيترائي اڌرنگي ۽ منڊا ماڻهو چڱا ڀلا ٿي ويا.

8 تنهنڪري انهيءَ شهر ۾ ڏاڍيون خوشيون ٿيڻ لڳيون.

9 انهيءَ شهر ۾ شمعون نالي هڪ ماڻهو رهندو هو، جنهن ڪجھہ عرصي تائين سامريہ جي ماڻهن کي پنهنجي جادوگريءَ سان حيرت ۾ وجھي ڇڏيو هو. هو دعويٰ ڪندو هو تہ ”آءٌ هڪ وڏي هستي آهيان.“

10 شهر جا ننڍا توڙي وڏا کيس مڃيندا هئا ۽ انهيءَ ماڻهوءَ کي ايشور جي مهان شڪتي ڪري چوندا هئا.

11 هو کيس ان ڪري مڃيندا هئا جو هن گھڻي عرصي تائين انهن کي پنهنجي جادوگريءَ جي وسيلي موهي ڇڏيو هو.

12 پر جڏهن فلپس ايشور جي راڄ بابت خوشخبريءَ ۽ يسوع مسيح جي نالي جو پرچار ڪيو تہ انهن مردن ۽ نارين وشواس آندو ۽ بپتسما ورتائون.

13 شمعون پاڻ بہ وشواس آندو ۽ بپتسما وٺي فلپس سان گڏ رهڻ لڳو. هو وڏا وڏا چمتڪار ۽ ڪرامتون ٿيندي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو.

14 هوڏانهن يروشلم ۾ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن جڏهن ٻڌو تہ سامريہ جي ماڻهن مسيح بابت ايشور جو سنديش قبول ڪيو آهي، تڏهن پاڻ مان يوحنا ۽ پطرس کي انهن ڏانهن موڪليائون.

15 اهي جڏهن اتي پهتا تہ انهن سامرين لاءِ پرارٿنا ڪيائون تہ کين پوِتر آتما ملي،

16 ڇاڪاڻ تہ انهن مان اڃا ڪنهن تي بہ پوِتر آتما پرگھٽ نہ ٿي هئي. انهن کي رڳو پرڀو يسوع جي نالي تي بپتسما ڏني ويئي هئي.

17 پوءِ پطرس ۽ يوحنا انهن تي پنهنجا هٿ رکيا تہ کين پوِتر آتما ملي ويئي.

18 شمعون جڏهن ڏٺو تہ سنتن جي هٿن رکڻ سان پوِتر آتما ٿي ملي، تڏهن يوحنا ۽ پطرس کي پئسا آڇيندي

19 چيائين تہ ”مون کي بہ اها اختياري ڏيو تہ جنهن تي پنهنجا هٿ رکان تہ ان کي پوِتر آتما ملي.“

20 تنهن تي پطرس جواب ڏنس تہ ”شل تون ۽ تنهنجا پئسا ٻئي نرڳ ۾ پئو، جو تون سمجھين ٿو تہ ايشور جي بخشش پئسن سان ملي سگھي ٿي.

21 هن ڪم ۾ تنهنجو اسان سان ڪوبہ واسطو يا حصو نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي دل اڃا ايشور ڏانهن صاف نہ ٿي آهي.

22 تنهنڪري پنهنجي انهيءَ بڇڙائيءَ تي توبهہ ڪر ۽ پرميشور کي پرارٿنا ڪر تہ شل تو کي تنهنجي دل جي انهيءَ بڇڙي خيال جي معافي ملي.

23 مون کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو تہ تون ڪو ڏاڍو ساڙ ۾ سڙيل ۽ بڇڙائيءَ جي ڦندي ۾ ڦاٿل آهين.“

24 تنهن تي پطرس ۽ يوحنا کي شمعون چيو تہ ”اوهين منهنجي لاءِ پرميشور کي پرارٿنا ڪريو تہ جيڪي ڳالهيون اوهان چيون آهن تن مان ڪابہ مون سان نہ ٿئي.“

25 مسيح بابت ايشور جي سنديش ٻڌائڻ ۽ پنهنجي شاهدي ڏيڻ کان پوءِ پطرس ۽ يوحنا يروشلم ڏانهن روانا ٿيا. واٽ تي هنن سامريہ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ انهيءَ خوشخبريءَ جو پرچار ڪيو.


فلپس ۽ حبش جو آفيسر

26 پرميشور جي هڪڙي دوت فلپس کي چيو تہ ”اُٿ، ڏکڻ طرف ان رستي سان وڃ، جيڪو يروشلم کان غزہ ڏانهن بيابان مان وڃي ٿو.“

27 سو فلپس اٿي روانو ٿيو تہ رستي ۾ کيس حبش جو هڪڙو ماڻهو مليو، جيڪو خواجہ‌سرا هو. هي ماڻهو حبش جي راڻيءَ جي سڄي خزاني جو وزير هو ۽ يروشلم ۾ ايشور جي ڀڳتي ڪرڻ لاءِ ويو هو.

28 هو گھوڙي گاڏيءَ ۾ پنهنجي ديس ڏانهن موٽي رهيو هو ۽ رستي سان سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جو شاستر پڙهندو پئي ويو.

29 پوِتر آتما فلپس کي چيو تہ ”ويجھو وڃي انهيءَ گاڏيءَ سان گڏج.“

30 تڏهن فلپس ڊوڙي اوڏانهن ويو ۽ انهيءَ ماڻهوءَ کي يسعياہ سنت جو شاستر پڙهندي ٻڌائين. فلپس کانئس پڇيو تہ ”جيڪي اوهين پڙهو ٿا، سو سمجھو بہ ٿا يا نہ؟“

31 تنهن تي هن وراڻيس تہ ”جيستائين ڪو مون کي نہ سمجھائيندو تيستائين آءٌ ڪيئن سمجھندس؟“ پوءِ هن فلپس کي وينتي ڪئي تہ ”اچي مون سان گڏ ويهو.“

32 پوِتر شاستر جو جيڪو حصو انهيءَ پڙهيو پئي سو هي هو تہ ”هو هڪڙي رڍ وانگر آهي، جنهن کي ڪهڻ لاءِ وٺي ويا، ۽ جهڙيءَ طرح ڪو گھيٽڙو پنهنجي اُنَ ڪترڻ واري جي اڳيان گونگو ٿي بيهندو آهي، تهڙيءَ طرح هن بہ ٻڙڪ نہ ڪڇي.

33 ساڻس جٺ ڪيائون ۽ سندس انصاف ڪين ٿيو. پوءِ ڪهڙي پيڙهي هوندس جنهن جو احوال بيان ڪيو ويندو؟ ڇاڪاڻ تہ کيس جيوت ماڻهن جي جهان مان ڪڍيو ويو.“

34 حبش جي آفيسر فلپس کي چيو تہ ”مهرباني ڪري ٻڌايو تہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ هيءُ سنت ڪنهن بابت ٿو چوي؟ هو پنهنجي بابت ٿو چوي يا ڪنهن ٻئي بابت؟“

35 تڏهن فلپس پوِتر شاستر کي انهيءَ هنڌ کان شروع ڪري کيس يسوع بابت خوشخبري ٻڌائڻ لڳو.

36-37 اهي اڳتي هلندي هلندي هڪڙي اهڙي جاءِ تي اچي پهتا جتي پاڻي هو. تنهن تي آفيسر چيو تہ ”ڏسو، هي پاڻي بہ موجود آهي تہ پوءِ مون کي بپتسما وٺڻ کان ڪهڙي جھل آهي؟“

38 سو آفيسر گاڏيءَ کي بيهارڻ جو حڪم ڏنو. هو ۽ فلپس ٻئي هيٺ پاڻيءَ ۾ لٿا ۽ فلپس کيس بپتسما ڏني.

39-40 جڏهن اهي پاڻيءَ مان ٻاهر نڪتا تہ پرڀوءَ جي پوِتر آتما فلپس کي کڻي ويئي ۽ هو اشدود شهر ۾ وڃي نڪتو. آفيسر وري کيس ڏسي نہ سگھيو، پر خوش خوش پنهنجو رستو وٺي هليو ويو. فلپس اشدود کان قيصريہ شهر ۾ پهچڻ تائين واٽ تي سڀني شهرن ۾ خوشخبري ٻڌائيندو ويو.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan