سنتن جا ڪم 7 - Hindu Sindhi Bibleاستيفنس جي تقرير 1 تڏهن وڏي سردار ڪاهن استيفنس کان پڇيو تہ ”ڇا اهو سچ آهي؟“ 2 تنهن تي استيفنس جواب ڏنو تہ ”اي ڀائرو ۽ وڏڙؤ! منهنجي ٻڌو. وڏي مهانتا وارو ايشور اسان جي وڏي ابرهام تي ان وقت ظاهر ٿيو، جڏهن حاران شهر ۾ رهڻ کان اڳ هو مسوپتاميہ ۾ رهندو هو. 3 ايشور کيس چيو تہ ’پنهنجا مٽ مائٽ ۽ ديس ڇڏي انهيءَ ملڪ ڏانهن وڃ جيڪو آءٌ تو کي ڏيکاريندس.‘ 4 تنهنڪري هو ڪسدين جي ملڪ کي ڇڏي وڃي حاران ۾ رهڻ لڳو. جڏهن سندس پتا مري ويو تڏهن ايشور کيس هن ملڪ ۾ وٺي آيو، جتي اڄ تائين اوهين رهندا ٿا اچو. 5 ايشور ابرهام کي هن ملڪ ۾ زمين جو هڪ ٽڪرو بہ ميراث طور نہ ڏنو، بلڪ هڪ انچ بہ نہ. پر ايشور ساڻس وچن ڪيو تہ ’اهو ملڪ تو کي ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي ڏيندس تہ جيئن تنهنجي ملڪيت ٿئي،‘ جيتوڻيڪ کيس ڪوبہ اولاد ڪونہ هو. 6 ايشور وڌيڪ چيس تہ ’تنهنجو اولاد هڪڙي ڌارئي ملڪ ۾ وڃي پرديسي ٿي رهندو، جتي اهي چار سؤ سالن تائين غلاميءَ ۾ گذاريندا ۽ انهن سان ماڻهو خراب هلت هلندا.‘ 7 ايشور هيئن بہ چيس تہ ’جنهن قوم جي غلاميءَ ۾ هو رهندا، تنهن جي خلاف آءٌ فيصلو جاري ڪندس. تنهن کان پوءِ هو اتان نڪري اچي هن ئي هنڌ منهنجي ڀڳتي ڪندا.‘ 8 پوءِ ايشور ابرهام لاءِ ختني کي انهيءَ ٻڌل وچن جي نشانيءَ طور مقرر ڪيو. تنهنڪري ابرهام پنهنجي پٽ اضحاق جو سندس جنم کان اٺين ڏينهن تي ختنو ڪرايو. اضحاق مان يعقوب ۽ يعقوب مان ٻارهن پٽ پيدا ٿيا، جيڪي ٻارهن قبيلن جا وڏا ٿيا، تن سڀني جو بہ ختنو ڪرايو ويو. 9 سڀيئي ڀائر پنهنجي هڪ ڀاءُ يوسف تي ساڙ کائڻ لڳا ۽ کيس انهن ماڻهن وٽ وڪيائون، جيڪي هن کي غلام ڪري مصر ڏانهن وٺي ويا. پر ايشور هن ساڻ هو 10 ۽ کيس سڀني مصيبتن مان شانتيءَ سان پار ڪيائين. ايشور کيس ڏاهپ سان گڏ فرعون يعني مصر جي راجا جو راضپو پڻ بخشيو، ايتري قدر جو فرعون يوسف کي مصر ملڪ توڙي پنهنجي پوري محلات جو حاڪم بڻائي ڇڏيو. 11 تنهن کان پوءِ پوري مصر ۽ ڪنعان ۾ اچي ڏڪار پيو، جنهن ڪري ڏاڍي مصيبت پيدا ٿي. اسان جي وڏن کي ڪوبہ کاڌو ملي نہ ٿي سگھيو. 12 پر جڏهن يعقوب ٻڌو تہ مصر ۾ اناج آهي تڏهن هن پنهنجي پٽن يعني اسان جي وڏن کي پهريون دفعو اوڏانهن موڪليو. 13 ٻئي دفعي يوسف پنهنجي ڀائرن کي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي. تڏهن فرعون کي بہ يوسف جي ڪٽنب جي سڌ پئجي ويئي. 14 پوءِ يوسف پنهنجي پتا يعقوب ۽ پنهنجي سڄي ڪٽنب کي پاڻ وٽ گھرايو. اهي جملي پنجهتر ڄڻا هئا. 15 پوءِ يعقوب مصر ڏانهن ويو، جتي هو ۽ اسان جا وڏا مري ويا. 16 انهن جا لاش کڻي وڃي شڪم جي انهيءَ قبرستان ۾ دفن ڪيائون، جيڪو ابرهام شڪم ۾ حمور جي پٽن کان خريد ڪيو هو. 17 سو جڏهن ابرهام سان ايشور جي ڪيل وچن جو مدو پورو ٿيڻ تي آيو ۽ مصر ۾ اسان جي ماڻهن جو تعداد گھڻو وڌندو ٿي ويو 18 تڏهن هڪڙو ٻيو فرعون مصر ۾ حڪومت ڪرڻ لڳو، جيڪو يوسف کي نہ سڃاڻيندو هو. 19 فرعون اسان جي قوم سان چالاڪي ڪري اسان جي ابن ڏاڏن سان تمام گھڻا ظلم ڪيا. هن کين ان ڳالهہ تي مجبور ڪيو تہ هو پنهنجن ٻارڙن کي گھر کان ٻاهر ڇڏي ڏين، تہ جيئن اهي مري وڃن. 20 انهيءَ ئي وقت موسيٰ جو جنم ٿيو، جيڪو ڏاڍو سهڻو هو. هو ٽي مهينا ماتا پتا جي گھر ۾ پليو. 21 پوءِ جڏهن ماتا پتا کي اهو ٻار گھر کان ٻاهر ڇڏڻو پيو تہ فرعون جي ڌيءَ کيس کڻي ورتو ۽ پنهنجو پٽ ڪري پاليائينس. 22 هن کي مصرين جي سڄي ڏاهپ جي سکيا ڏني ويئي ۽ کيس ڳالهائڻ توڙي ڪم ڪرڻ ۾ وڏي قابليت حاصل ٿي. 23 جڏهن موسيٰ چاليهن سالن جو ٿيو تہ هن ارادو ڪيو تہ ’آءٌ وڃي پنهنجي بني اسرائيل قوم وارن کي ڏسان.‘ 24 هن وڃي ڏٺو تہ بني اسرائيل جي هڪڙي ماڻهوءَ سان ڪو مصري ظلم پيو ڪري. تنهنڪري موسيٰ انهيءَ جي مدد ڪرڻ ويو ۽ سندس بدلو وٺندي انهيءَ مصريءَ کي ماري وڌائين. 25 موسيٰ سوچيو هو تہ ’منهنجي قوم وارا سمجھندا تہ ايشور منهنجي وسيلي کين ظلم کان ڇڏائيندو،‘ پر هنن نہ سمجھيو. 26 ٻئي ڏينهن هن بني اسرائيل جي ٻن ماڻهن کي پاڻ ۾ وڙهندي ڏٺو ۽ انهن ۾ ٺاهہ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي چيائين تہ ’اوهين پاڻ ۾ ڀائر آهيو، سو ڇو ٿا هڪٻئي سان وڙهو؟‘ 27 پر جيڪو ظلم ڪري رهيو هو تنهن موسيٰ کي ڌِڪو ڏنو ۽ چيائينس تہ ’ڪنهن تو کي اسان تي حاڪم ۽ جج مقرر ڪيو آهي؟ 28 تون مون کي بہ ماريندين ڇا، جيئن تو ڪالهہ هڪ مصريءَ کي ماريو هو؟‘ 29 اهو ٻڌي موسيٰ وٺي ڀڳو ۽ مديان جي ملڪ ۾ وڃي اجنبي ٿي رهيو، جتي کيس ٻہ پٽ ڄاوا. 30 چاليهہ سال گذرڻ کان پوءِ سينا جبل جي ويجھو بيابان ۾ ٻرندڙ ٻوڙي مان هڪڙي دوت هن کي درشن ڏنو. 31 موسيٰ هي عجيب نظارو ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو ۽ جڏهن چڱيءَ طرح ڏسڻ لاءِ هو ان جي ويجھو ويو، تڏهن هن پرميشور جو آواز ٻڌو تہ 32 ’آءٌ تنهنجي ابن ڏاڏن جو ايشور، يعني ابرهام، اضحاق ۽ يعقوب جو ايشور آهيان.‘ تنهن تي موسيٰ ڏڪي ويو ۽ ان کي ڏسڻ جي همت نہ ٿيس. 33 پرڀوءَ هن کي وڌيڪ چيو تہ ’پنهنجي جتي لاهہ، ڇاڪاڻ تہ جنهن جاءِ تي تون بيٺو آهين سا هڪ پوِتر زمين آهي. 34 بيشڪ مون پنهنجي قوم سان مصر ۾ ظلم ٿيندي ڏٺو آهي، مون انهن جي دانهن ٻڌي آهي ۽ کين بچائڻ لاءِ لهي آيو آهيان. هاڻي اچ تہ آءٌ تو کي مصر ڏانهن موڪليان.‘ 35 اهو ئي موسيٰ جنهن کي بني اسرائيل قبول نہ ڪيو، بلڪ چيائونس تہ ’ڪنهن تو کي اسان تي حاڪم ۽ جج مقرر ڪيو آهي؟‘ تنهن کي ئي ايشور حاڪم ۽ بچائيندڙ بڻائي انهيءَ دوت جي وسيلي موڪليو، جنهن هن کي ٻرندڙ ٻوڙي ۾ درشن ڏنو هو. 36 هي اهو ئي شخص آهي جنهن کين اتان ڪڍيو ۽ مصر ۾، ڳاڙهي سمنڊ وٽ ۽ چاليهن سالن تائين بيابان ۾ عجب جهڙا ڪم ۽ چمتڪار ڏيکاريندو رهيو. 37 هي اهو ئي موسيٰ آهي جنهن بني اسرائيل کي چيو تہ ’ايشور اوهان لاءِ اوهان مان ئي مون جهڙو سنديش ڏيندڙ هڪڙو سنت موڪليندو.‘ 38 هي اهو ئي آهي، جنهن بيابان ۾ سڄي بني اسرائيل کي آڻي گڏ ڪيو. اتي هو اسان جي ابن ڏاڏن ۽ انهيءَ دوت جو وچ وارو بڻيو، جنهن ساڻس سينا جبل تي ڳالهايو هو. هي اهو ئي آهي جنهن کي جيون ڏيندڙ وچن مليو، انهيءَ لاءِ تہ اهو اسان تائين پهچائي. 39 پر اسان جي ابن ڏاڏن هن جي چئي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. انهن کيس ڌڪاري ڇڏيو ۽ سندن دلين مصر ڏانهن لاڙو رکيو. 40 انهن هارون کي چيو تہ ’اسان لاءِ اهڙا ديوتا ٺاهہ، جيڪي اسان جي اڳيان اڳيان هلن، ڇو تہ جنهن موسيٰ اسان کي مصر مان ڪڍي آندو هو تنهن جي سڌ ئي نہ آهي تہ ساڻس ڇا ٿيو.‘ 41 انهن ئي ڏينهن ۾ هنن هڪڙو بت ٺاهيو، جيڪو گابي جي شڪل جهڙو هو ۽ انهيءَ بت تي ٻليدان ڏنائون. هو پنهنجن هٿن سان ٺهيل بت کي ڏسي خوشيون ڪرڻ لڳا. 42 تنهن تي ايشور انهن کان منهن موڙيو ۽ کين ڇڏي ڏنائين تہ وڃي آڪاش جي لشڪر جي پوجا ڪن، جيئن سنديش ڏيندڙ سنتن جي هڪ لکت ۾ ايشور فرمائي ٿو تہ ’اي بني اسرائيل وارؤ! ڇا اوهان منهنجي لاءِ بيابان ۾ چاليهن سالن تائين جانور ڪهي ٻليدان ڏنا؟ ڪڏهن بہ نہ. 43 پر اوهان مولڪ ديوتا جو خيمو، ۽ رفان ديوتا جي ستاري جي مورتي پاڻ سان کنيو پئي وتيا، جيڪي اوهان پوجا ڪرڻ لاءِ ٺاهيا هئا. هاڻي آءٌ اوهان کي بابل کان بہ پري ڪڍي ڇڏيندس.‘ 44 اسان جي ابن ڏاڏن وٽ بيابان ۾ ايشور سان ملاقات وارو خيمو هو. اهو ائين ئي ٺاهيو ويو هو جيئن ايشور موسيٰ کي ٻڌايو هو، يعني اهڙي نموني جو جهڙيءَ طرح موسيٰ کي ڏيکاريو ويو هو. 45 اهو خيمو اسان جي ابن ڏاڏن کي سندن وڏن کان مليو هو ۽ اهي ان خيمي کي يشوع جي اڳواڻيءَ ۾ پاڻ سان کڻي آيا هئا جڏهن هنن انهن قومن جي ملڪ تي وڃي قبضو ڪيو، جن کي ايشور سندن اڳيان ڀڄائي ڪڍيو. اهو پوِتر خيمو وٽن دائود جي زماني تائين رهيو. 46 دائود ايشور وٽ قبول پيو هو ۽ هن وينتي ڪئي هئس تہ يعقوب جي ايشور لاءِ کيس گھر اڏڻ جي آگيا ملي. 47 پر ايشور جي گھر جي اڏاوت دائود جي پٽ سليمان جي هٿان ئي ٿي. 48-49 تنهن هوندي بہ مهان ايشور هٿن سان جوڙيل گھرن ۾ نہ ٿو رهي، جيئن هو سنديش ڏيندڙ سنت جي معرفت فرمائي ٿو تہ ’آڪاش منهنجو تخت آهي ۽ ڌرتي منهنجي پيرن جي صندلي آهي. سو اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گھر اڏيندا، يا منهنجي آرام جي جاءِ ڪٿي ٺاهيندا؟ 50 اهي سڀ شيون ڇا منهنجيون ئي ٺاهيل نہ آهن؟‘“ 51 استيفنس کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ضدي آهيو، اوهان جون دليون ڪيڏيون نہ ڦِريل آهن ۽ ايشور جو سنديش ٻڌڻ لاءِ اوهان جا ڪن ٻوڙا آهن. جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا هئا، تيئن ئي اوهين بہ هميشہ پوِتر آتما جي مخالفت ڪندا آهيو. 52 ايشور جو سنديش ڏيندڙ اهو ڪهڙو سنت هو جنهن کي اوهان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ هنن انهن کي بہ مارايو، جن انهيءَ سچار بندي جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني ۽ هاڻي اوهان پاڻ انهيءَ سان دغابازي ڪري کيس مارايو آهي. 53 اوهين اهي آهيو جن کي دوتن جي معرفت نيم مليو، پر اوهان ان تي عمل نہ ڪيو.“ استيفنس کي سنگسار ڪرڻ 54 جيئن ئي يهودي پئنچائت جي ماڻهن استيفنس جون اهي ڳالهيون ٻڌيون تہ اهي دل ۾ سڙي ويا ۽ ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجا ڏند ڪرٽڻ لڳا. 55 پر استيفنس پوِتر آتما سان ڀرجي آڪاش ڏانهن نهاريو تہ ايشور جي جوت نظر آيس ۽ يسوع کي ايشور جي ساڄي پاسي بيٺل ڏٺائين. 56 تڏهن هن چيو تہ ”ڏسو، مون کي آڪاش کُليل نظر ٿو اچي ۽ منشپتر ايشور جي ساڄي پاسي بيٺو آهي.“ 57 پر هنن وٺي زور سان واڪا ڪيا، پنهنجا ڪن کڻي بند ڪيائون ۽ گڏجي استيفنس تي حملو ڪيائون. 58 هو کيس شهر مان ٻاهر ڪڍي سنگسار ڪرڻ لڳا. استيفنس مٿان شاهدي ڏيندڙن پنهنجا ڪپڙا لاهي سائول نالي هڪڙي نوجوان وٽ رکيا. 59 پوءِ جيئن انهن استيفنس تي پٿر پئي وسايا تہ هن پڪاريندي چيو تہ ”اي پرڀو يسوع! منهنجي آتما قبول ڪر.“ 60 پوءِ هن گوڏا کوڙي وڏي آواز سان چيو تہ ”اي پرڀو يسوع! هنن جي هن پاپ کي نہ ليکجانءِ.“ ايترو چئي هن دم ڏنو. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society