سنتن جا ڪم 6 - Hindu Sindhi Bibleستن سيوادارين جو چونڊجڻ 1 ٿورن ڏينهن کان پوءِ جيئن ئي مسيح تي وشواس آڻيندڙن جو تعداد وڌندو ويو تہ انهن مان يوناني ٻولي ڳالهائيندڙ يهودي عبراني ٻولي ڳالهائيندڙ يهودين جي خلاف ڪُرڪندي شڪايت ڪرڻ لڳا تہ هنن جي وڌوائن کي روزانو کاڌي ورهائڻ وقت گھٽ ڏنو ٿو وڃي. 2 تنهنڪري ٻارهن سنتن سڀني وشواسين کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ کين چيو تہ ”اسان لاءِ اهو چڱو نہ آهي جو کاڌي پيتي جي ڳالهين جي ڪري اسين مسيح بابت ايشور جي سنديش جو پرچار ڇڏي ڏيون. 3 تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پاڻ مان ست لائق ماڻهو چونڊيو، جيڪي پوِتر آتما ۽ سياڻپ سان ڀريل هجن. اسين انهن کي کاڌي ورهائڻ واري ڪم جو ذميوار مقرر ڪنداسين. 4 پوءِ اسين پاڻ سمورو وقت پرارٿنا ۽ پرچار جي ڪم ۾ گذارينداسين.“ 5 سنتن جي صلاح تي وشواسين جي سڄي منڊلي خوش ٿي. سو انهيءَ منڊليءَ هنن ماڻهن کي چونڊيو: استيفنس، جيڪو وشواس ۽ پوِتر آتما سان ڀريل هو، فلپس، پرخرس، نيڪانور، تيمون، پرمناس ۽ نيڪلاؤس جيڪو انطاڪيا شهر جو رهاڪو هو ۽ اڳ يهودي ڌرم ۾ شامل ٿيو. 6 منڊليءَ وارن انهن کي سنتن جي اڳيان حاضر ڪيو، جن پرارٿنا ڪئي ۽ انهن تي پنهنجا هٿ رکي کين مخصوص ڪيو. 7 اهڙيءَ طرح مسيح بابت ايشور جو سنديش پکڙبو ويو ۽ يروشلم ۾ وشواسين جو تعداد بہ گھڻو وڌندو ويو. ان کان علاوہ ڪاهنن جو وڏو تعداد پڻ يسوع مسيح بابت خوشخبريءَ جو تابعدار بڻيو. استيفنس سيوادار جي گرفتاري 8 استيفنس ايشور جي ڪرپا ۽ شڪتيءَ سان ڀرجي ماڻهن ۾ ڪيترائي وڏا چمتڪار ۽ ڪرامتون ڪرڻ لڳو. 9 پر ڪي ماڻهو سندس مخالفت ۾ بحث ڪرڻ لڳا، جن مان ڪي ”آزاد ٿيل ماڻهو“ نالي يهودين جي هڪ ڀڳتيءَ واري جاءِ جا رڪن هئا ۽ ڪريني ۽ اسڪندريہ کان آيا هئا ۽ ڪي وري ڪلڪيا ۽ آسيا صوبن جا هئا. 10 پر پوِتر آتما استيفنس کي اهڙي سياڻپ ڏني جو جڏهن هن ڳالهايو تہ اهي سندس مقابلو ڪري نہ سگھيا. 11 تنهن تي هنن ڪن ماڻهن کي ڀڙڪايو تہ اهي چون تہ ”اسان هن کي موسيٰ ۽ ايشور جي خلاف نندا واريون ڳالهيون ڪندي ٻڌو آهي.“ 12 اهڙيءَ طرح هنن نيم شاسترين سميت يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن ۽ عام خلق کي وٺي ڀڙڪايو. تڏهن اهي استيفنس تي چڙهائي ڪري آيا ۽ کيس گرفتار ڪري يهودي پئنچائت جي اڳيان پيش ڪيائون. 13 پوءِ اهي ڪن اهڙن ماڻهن کي اندر وٺي آيا، جيڪي هن جي مٿان ڪوڙي شاهدي ڏين. انهن ماڻهن چيو تہ ”هي ماڻهو هميشہ اسان جي پوِتر هيڪل ۽ موسيٰ جي نيم جي خلاف ڳالهائيندو آهي. 14 اسان کيس هي چوندي ٻڌو آهي تہ يسوع ناصري هيڪل کي ڊاهي ڇڏيندو ۽ جيڪي رسم وَ رواج موسيٰ اسان کي ڏيئي ويو آهي تن کي بہ بدلائي ڇڏيندو.“ 15 تڏهن جيڪي پئنچائت ۾ ويٺا هئا تن استيفنس ڏانهن چتائي نهاريو تہ کين سندس منهن دوت جهڙو ڏسڻ ۾ آيو. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society