Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

سنتن جا ڪم 5 - Hindu Sindhi Bible


حننياہ ۽ سفيرہ

1 ساڳيءَ طرح حننياہ نالي هڪڙي ماڻهوءَ ۽ سندس پتنيءَ سفيرہ گڏجي پنهنجي ڪجھہ ملڪيت وڪي.

2 پر حننياہ ڪجھہ پئسا پنهنجي لاءِ رکي ڇڏيا، جنهن جي سندس پتنيءَ کي بہ سڌ هئي. باقي پئسا کڻي هن سنتن جي قدمن ۾ آڻي رکيا.

3 تنهن تي پطرس چيس تہ ”اي حننياہ! ڇو شيطان تنهنجي دل ۾ اهڙو خيال وڌو، جو تو پوِتر آتما سان ڪوڙ ڳالهايو ۽ ٻنيءَ جي پئسن مان ڪجھہ پاڻ وٽ رکي ڇڏيئِہ؟

4 جيئن ٻني وڪڻڻ کان اڳ تنهنجي ئي ملڪيت هئي، تيئن اها وڪڻڻ کان پوءِ ان جا پئسا بہ تنهنجا ئي هئا. پوءِ تو ڇو دل ۾ اهڙو ڪم ڪرڻ جو خيال ڪيو؟ تو ماڻهن سان نہ پر ايشور سان ڪوڙ ڳالهايو آهي.“

5 حننياہ اهو ٻڌڻ شرط هيٺ ڪري پيو ۽ مري ويو. جن بہ اهو ٻڌو تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو.

6 تڏهن ڪي جوان ماڻهو اٿيا ۽ هن جو لاش ويڙهي ٻاهر کڻي ويا ۽ ان کي دفنائي ڇڏيائون.

7 اٽڪل ٽن ڪلاڪن کان پوءِ هن جي پتني اندر آئي، پر کيس هن واقعي جي ڪابہ سڌ ڪانہ هئي.

8 پطرس ان کي چيو تہ ”مون کي ٻڌاءِ تہ ڇا سڀ پئسا اهي ئي هئا جيڪي تو کي ۽ تنهنجي پتيءَ کي اوهان جي ملڪيت مان مليا هئا؟“ هن وراڻيس تہ ”هائو، اهي ئي پئسا مليا هئا.“

9 تنهن تي پطرس کيس چيو تہ ”اها ڪهڙي ڳالهہ آهي جو تو ۽ تنهنجي پتيءَ گڏجي پرڀوءَ جي پوِتر آتما کي آزمائڻ لاءِ ائين ڪيو؟ ڏس، جن ماڻهن تنهنجي پتيءَ کي دفن ڪيو آهي، سي هاڻي دروازي تي اچي پهتا آهن. اهي تو کي بہ ٻاهر کڻي ويندا.“

10 انهيءَ دم هوءَ بہ سندس پيرن وٽ ڪري پيئي ۽ مري ويئي. جوان ماڻهو اندر آيا ۽ هن کي مئل ڏسي کيس ٻاهر کڻي ويا ۽ سندس پتيءَ جي ڀرسان وڃي دفن ڪيائونس.

11 وشواسين جي سڄي منڊليءَ ۽ ٻين، جن بہ اهو ٻڌو تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو.


چمتڪار ۽ ڪرامتون

12 خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت ماڻهن ۾ ڪيترائي چمتڪار ۽ ڪرامتون ڪندا هئا ۽ سڀيئي وشواسي هيڪل اندر سليماني ورانڊي ۾ اچي گڏبا هئا.

13 جيتوڻيڪ باقي ٻيا ماڻهو سندن ساراهہ تہ ڪندا هئا، تہ بہ انهن مان ڪنهن کي همت نہ ٿيندي هئي جو هو انهن سان وڃي شامل ٿين.

14 تنهن هوندي بہ پرڀو يسوع تي وشواس آڻيندڙ مردن توڙي نارين جو واڌارو ٿيندو ٿي ويو.

15 سنتن جا چمتڪار ڏسي ماڻهو بيمارن کي گھٽين ۾ آڻي کٽولن ۽ تڏن تي رکڻ لڳا تہ جڏهن پطرس اتان لنگھي تہ من سندس پاڇو ئي انهن مان ڪن تي پوي.

16 ايتري قدر جو يروشلم جي آس‌پاس وارن ڳوٺن مان بہ تمام گھڻا ماڻهو پنهنجن بيمار ۽ ڀوتن ورتل ماڻهن کي کڻي ايندا هئا ۽ اهي سڀيئي چڱا ڀلا ٿي پوندا هئا.


سنتن کي ستائڻ

17 پوءِ وڏو سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿي جيڪي صدوقين جي مقامي پنٿ جا ماڻهو هئا، سي سنتن تي ڏاڍا ساڙ کائڻ لڳا. سو اهي سنتن خلاف اُٿي کڙا ٿيا

18 ۽ کين گرفتار ڪري جيل ۾ وڌائون.

19 پر انهيءَ رات پرڀوءَ جي هڪڙي دوت اچي جيل جا دروازا کوليا ۽ سنتن کي ٻاهر ڪڍي کين چيائين تہ

20 ”وڃو ۽ هيڪل ۾ بيهي ماڻهن کي هن نئين جيون بابت سڀ ڪجھہ ٻڌايو.“

21 انهيءَ حڪم موجب سنت صبح جو سوير ئي هيڪل ۾ ويا ۽ سکيا ڏيڻ لڳا. هوڏانهن وڏي سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿين يهودي پئنچائت جي ٻين سڀني چڱن مڙسن کي پاڻ وٽ سڏايو تہ جيئن پئنچائت جي مڪمل گڏجاڻي ٿئي. پوءِ انهن جيل ڏانهن چوائي موڪليو تہ جيئن سنتن کي آڻي حاضر ڪن.

22 پر جڏهن سپاهي اتي پهتا تہ انهن جيل ۾ سنتن کي نہ ڏٺو. سو اهي پئنچائت ڏانهن موٽي آيا ۽ ٻڌايائون تہ

23 ”جڏهن اسين اتي پهتاسون تہ اسان جيل کي چڱيءَ طرح تالو لڳل ڏٺو ۽ سڀ پهريدار دروازن تي پهرو ڏيئي رهيا هئا. پر جڏهن اسان دروازا کوليا تہ اسان کي اندر ڪوبہ ماڻهو ڏسڻ ۾ نہ آيو.“

24 جڏهن هيڪل جي صوبيدار ۽ سردار ڪاهنن اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن وائڙا ٿي ويا.

25 ايتري ۾ هڪ ماڻهو اندر آيو، جنهن اچي کين ٻڌايو تہ ”ڳالهہ ٻڌي اٿوَ! جن ماڻهن کي اوهان جيل ۾ وڌو هو، سي هيڪل ۾ بيٺا ماڻهن کي سکيا پيا ڏين.“

26 سو صوبيدار پنهنجي سپاهين سان وڃي سنتن کي وٺي آيو. سپاهين سنتن سان ڪابہ زبردستي نہ ڪئي، ڇو تہ هو ڊڄن پيا تہ متان ماڻهو کين پٿر هڻن.

27 هنن سنتن کي آڻي پئنچائت جي اڳيان بيهاريو. تڏهن وڏي سردار ڪاهن کانئن پڇا ڳاڇا ڪندي

28 کين چيو تہ ”اسان اوهان کي سخت تاڪيد ڪيو هو تہ يسوع جي نالي تي سکيا نہ ڏيو. پر اٽلندو اوهان سڄي يروشلم ۾ پنهنجي سکيا پکيڙي ڇڏي آهي، جنهن ۾ اسان کي انهيءَ ماڻهوءَ جي موت جو ذميوار بہ بڻايو ٿا.“

29 پطرس ۽ ٻين سنتن جواب ۾ چيو تہ ”اسان لاءِ ماڻهن جو نہ، پر ايشور جو چيو مڃڻ لازمي آهي.

30 توڙي جو اوهان يسوع کي سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻي ماري ڇڏيو هو، تڏهن بہ اسان جي ابن ڏاڏن جي ايشور کيس وري جيوت ڪيو.

31 نہ رڳو ايترو پر ايشور کيس مالڪ ۽ مڪتي ڏيندڙ بڻائي پنهنجي ساڄي پاسي ڏانهن سربلند ڪيو، تہ جيئن بني اسرائيل کي توبهہ ڪرڻ جي همت ڏئي ۽ سندن پاپ بخشي ڇڏي.

32 اسين انهن ڳالهين جا شاهد آهيون بلڪ پوِتر آتما بہ، جيڪا ايشور انهن کي ڏني آهي جيڪي سندس فرمانبردار آهن.“

33 جڏهن پئنچائت جي ماڻهن اهو ٻڌو تہ اهي ايترا تہ ڪاوڙيا جو سنتن کي مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا.

34 پر انهن مان گملي‌ايل نالي هڪڙو فريسي، جيڪو نيم شاستري ۽ سڀني ماڻهن ۾ مانوارو هو، سو پئنچائت جي اڳيان اُٿي بيٺو ۽ سنتن کي ٿوري وقت لاءِ ٻاهر وٺي وڃڻ جو حڪم ڏنائين.

35 پوءِ هن پئنچائت کي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين هنن سان جيڪي ڪجھہ ڪريو، سو سوچي سمجھي ڪريو.

36 ڪجھہ عرصو اڳي ٿيوداس نالي هڪڙو شخص ظاهر ٿيو هو، جنهن دعويٰ ڪئي هئي تہ هو هڪ وڏي هستي آهي. اٽڪل چار سؤ ماڻهو سندس پوئلڳ بہ بڻيا. پر جڏهن هو ماريو ويو تہ سندس سڀ پوئلڳ ڇڙوڇڙ ٿي ويا ۽ سندن سرگرميون مٽيءَ ۾ ملي ويون.

37 ان کان پوءِ آدمشماريءَ جي ڏينهن ۾ يهوداہ گليلي ظاهر ٿيو ۽ هن ڪيترائي ماڻهو پنهنجا پوئلڳ بڻايا، سو بہ چٽ ٿي ويو ۽ سندس سڀيئي پوئلڳ ڇڙوڇڙ ٿي ويا.

38 سو هاڻي آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ هنن ماڻهن جي خلاف ڪوبہ قدم نہ کڻو ۽ کين ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن هنن جو مقصد ۽ ڪم ماڻهن جو ٺهيل هوندو تہ اهو پاڻيهي ختم ٿي ويندو.

39 پر جيڪڏهن اهو ايشور جي طرفان آهي تہ پوءِ اوهين انهن ماڻهن تي حاوي ٿي نہ سگھندا، پر اٽلندو اوهين ايشور جي مخالفت ڪندا.“ يهودي پئنچائت گملي‌ايل جي صلاح قبول ڪئي.

40 تنهن هوندي بہ هنن سنتن کي اندر گھرائي چهبڪ هڻايا ۽ کين سخت تاڪيد ڪري ڇڏي ڏنو تہ هو وري يسوع جي نالي تي سکيا نہ ڏين.

41 سنت پئنچائت مان خوشيون ڪندي نڪتا، ڇاڪاڻ تہ ايشور کين انهيءَ لائق بڻايو تہ يسوع جي نالي جي ڪري سندن اپمان ٿيو.

42 اهي روزانو هيڪل ۾ ۽ ماڻهن جي گھرن ۾ سکيا ڏيندا ۽ هن خوشخبريءَ جو پرچار ڪندا رهيا تہ يسوع ئي مسيح آهي.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan