سنتن جا ڪم 4 - Hindu Sindhi Bibleپطرس ۽ يوحنا جي گرفتاري 1 پطرس ۽ يوحنا اڃا ماڻهن سان بيٺي ڳالهايو ئي پئي تہ هيڪل جي صوبيدار ۽ ڪاهنن سميت ڪي صدوقي انهن تي چڙهي آيا. 2 اهي اچي مٿن ڪاوڙيا، ڇاڪاڻ تہ هنن يسوع جو مثال ڏيئي ماڻهن کي سکيا پئي ڏني تہ مئلن کي وري جيوت ڪيو ويندو. 3 سو هنن ٻنهي سنتن کي پڪڙيو، پر جيئن تہ سانجھي ٿي ويئي هئي، تنهنڪري ٻئي ڏينهن صبح تائين هنن کي جيل ۾ رهايو ويو. 4 تنهن هوندي بہ سنديش ٻڌندڙن مان ڪيترن ئي يسوع تي وشواس آندو. اهڙيءَ طرح وشواسين جو تعداد اٽڪل پنج هزار ٿي ويو. 5 ٻئي ڏينهن تي نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن ۽ اڳواڻن جي يروشلم ۾ گڏجاڻي ٿي. 6 انهن ۾ وڏو سردار ڪاهن حَنا ۽ هن سان گڏ ڪائفا، يوحنا، سڪندر ۽ ٻيا جيڪي سردار ڪاهن جا مٽ مائٽ هئا، سي شامل هئا. 7 انهن پطرس ۽ يوحنا کي پنهنجي اڳيان بيهاري پڇيو تہ ”ڪنهن جي شڪتيءَ سان يا ڪنهن جي نالي تي اوهان اهو ڪم ڪيو آهي؟“ 8 تنهن تي پطرس پوِتر آتما سان ڀرجي چوڻ لڳو تہ ”اي قوم جا اڳواڻو ۽ چڱا مڙسؤ! 9 جيڪڏهن اڄ اسان کان پڇا ٿي ٿئي تہ اسان معذور ماڻهوءَ سان ڇو چڱائي ڪئي ۽ هو ڪيئن چڱو ڀلو ٿيو، 10 تہ پوءِ اوهان بلڪ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي ڄاڻڻ کپي تہ هي ماڻهو، جيڪو اوهان جي اڳيان بلڪل چاق چڱو ڀلو بيٺو آهي سو يسوع مسيح ناصريءَ جي نالي تي چڱو ڀلو ٿيو آهي، جنهن کي اوهان سوليءَ تي چاڙهيو ۽ ايشور کيس مئلن مان وري جيوت ڪيو. 11 يسوع اهو آهي جنهن لاءِ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’جنهن پٿر کي اوهان رازن نيچ ٿي ڄاتو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.‘ 12 ڪنهن بہ ٻئي جي هٿ ۾ مڪتي نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ آڪاش جي هيٺان ماڻهن کي ٻيو ڪوبہ نالو ڏنل ڪونهي جنهن جي وسيلي اسان کي مڪتي ملي.“ 13 اهي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ هي عام ماڻهو ٿوري سکيا هوندي بہ ڪيڏا نہ دلير آهن! پر پوءِ ڄاتائون تہ هو يسوع جا ساٿي آهن. 14 جيئن تہ اهو ماڻهو جيڪو چڱو ڀلو ٿيو هو سو بہ اتي انهن سنتن سان گڏ بيٺل هو، تنهنڪري اهي وڌيڪ ڪجھہ بہ چئي نہ سگھيا. 15 تڏهن انهن کين گڏجاڻيءَ کان ٻاهر نڪري وڃڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ 16 ”اسان هنن ماڻهن کي ڇا ڪريون؟ ڇاڪاڻ تہ يروشلم جو هر هڪ ماڻهو ڄاڻي ٿو تہ هنن هڪ وڏو چمتڪار ڪيو آهي جنهن جو اسين انڪار ڪري نہ ٿا سگھون. 17 پر متان اها ڳالهہ وڌيڪ ماڻهن ۾ پکڙجي وڃي، تنهنڪري اچو تہ هنن کي دڙڪو ڏيون تہ يسوع جي نالي جي وري ڳالهہ نہ ڪن.“ 18 پوءِ هنن پطرس ۽ يوحنا کي وري پاڻ وٽ سڏايو ۽ کين سختيءَ سان تاڪيد ڪندي چيائون تہ ”ڪنهن بہ صورت ۾ اوهين يسوع جي نالي نڪي ڪجھہ چئو ۽ نہ وري ڪا سکيا ڏيو.“ 19 پر پطرس ۽ يوحنا ورندي ڏنن تہ ”اوهين پاڻ ئي انصاف ڪريو تہ ايشور جي نظر ۾ ڪهڙي ڳالهہ درست آهي، اوهان جو حڪم مڃڻ يا ايشور جو. 20 اهو ناممڪن آهي تہ اسين اهي ڳالهيون نہ ٻڌايون جيڪي اسان ڏٺيون ۽ ٻڌيون آهن.“ 21 تنهن تي پئنچائت وارن کين وري بہ دڙڪا ڏيئي ڇڏي ڏنو، ڇاڪاڻ تہ ماڻهن جي ڪري کين سزا ڏيڻ جو ڪو طريقو نہ ٿي مليو، ڇو تہ سڀ ماڻهو انهيءَ ڳالهہ سبب ايشور جي مهما ڪري رهيا هئا. 22 جيڪو ماڻهو چمتڪار سان چڱو ڀلو ٿيو هو، تنهن جي عمر چاليهن سالن کان بہ مٿي هئي. وشواسين جي همت لاءِ پرارٿنا 23 جيئن ئي پطرس ۽ يوحنا آزاد ٿيا تہ هو موٽي پنهنجي ساٿين وٽ آيا ۽ جيڪي سردار ڪاهنن ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن چيو هئن سو سڀ کين ٻڌايائون. 24 جڏهن انهن اهو ٻڌو تہ سڀيئي گڏجي وڏي آواز سان ايشور کي پرارٿنا ڪرڻ لڳا تہ ”اي مالڪ! تون ئي آڪاش، ڌرتي، سمنڊ ۽ جيڪي ڪجھہ انهن منجھہ آهي تنهن جو رچنا ڪندڙ آهين. 25 تو ئي پوِتر آتما جي وسيلي پنهنجي داس ۽ اسان جي وڏي دائود جي واتان چوايو هو تہ ’غير قومن ڇو گوڙ مچايو؟ ماڻهن ڇو اجايا خيال ڪيا؟ 26 ڌرتيءَ جا راجا اٿي کڙا ٿيا، هائو، سڀيئي حاڪم گڏ ٿي پرميشور ۽ سندس مخصوص ڪيل مسيح جي مخالفت ڪرڻ لڳا.‘ 27 اهو سچ ثابت ٿيو آهي تہ تنهنجي پوِتر داس يسوع جنهن کي تو مخصوص ڪري مسيح ڪيو، تنهن جي خلاف گليل صوبي جو حڪمران هيروديس انتپاس ۽ گورنر پنطيس پلاطس، غير قومن ۽ بني اسرائيل جي ماڻهن سميت هن شهر ۾ اچي گڏ ٿيا. 28 اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي تنهنجي هٿان ۽ تنهنجي مرضيءَ موجب اڳي ئي مقرر ٿيل هو سو پورو ٿئي. 29 هاڻي اي پرڀو! تون هنن جي دڙڪن تي نظر ڪر ۽ اسين، جيڪي تنهنجا داس آهيون تن کي اهڙي شڪتي ڏي تہ جيئن اسين بيڊپا ٿي ماڻهن کي مسيح بابت تنهنجو سنديش ٻڌايون. 30 تون ماڻهن کي چڱو ڀلو ڪرڻ لاءِ اسان تي پنهنجو هٿ رک ۽ اسان جي وسيلي پنهنجي پوِتر داس يسوع جي نالي تي چمتڪار ۽ ڪرامتون ڏيکار.“ 31 جڏهن انهن پرارٿنا پوري ڪئي تہ اها جاءِ ڌڏي ويئي جتي هو گڏ ٿيا هئا. اهي سڀيئي پوِتر آتما سان ڀرجي ويا ۽ مسيح بابت ايشور جو سنديش بيڊپا ٿي ماڻهن کي ٻڌائڻ لڳا. وشواسين جو پاڻ ۾ ايڪو 32 مسيح تي وشواس رکندڙ سڀيئي تن ۽ من سان گڏ هئا ۽ منجھائن ڪوبہ ائين نہ پيو چوي تہ ”هيءَ شيءِ منهنجي آهي،“ پر هو سڀني شين ۾ هڪجهڙا ڀائيوار هئا. 33 خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت وڏي شڪتيءَ سان پرڀو يسوع جي وري جيوت ٿيڻ جي شاهدي ڏيندا هئا. انهن سڀني وشواسين تي ايشور جي ڏاڍي ڪرپا هئي 34 ۽ منجھن اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جنهن کي ڪنهن شيءِ جي محتاجي هجي. انهيءَ ڪري جو جن ماڻهن کي ٻنيون يا گھر هئا سي اهي وڪڻي، پئسا آڻي 35 سنتن جي قدمن ۾ رکندا هئا، جيڪي هر ڪنهن کي سندس گھرج آهر ڏنا ويندا هئا. 36 يوسف نالي هڪ لاوي هو جنهن جو ديس قبرص هو، تنهن کي سنتن برنباس جو لقب ڏنو هو، جنهن جي معنيٰ آهي ”همتافزائي ڪندڙ.“ 37 انهيءَ وٽ ڪجھہ ٻني هئي، جيڪا هن وڪڻي ان جا پئسا آڻي سنتن جي قدمن ۾ رکيا. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society